آمريڪي جاچ اداري طرفان ڪيل تحقيق موجب ڏهاڙي صرف 30 منٽ ورزش ڪرڻ سان آنڊي جي ڪئنسر کان بچي سگهجي ٿو۔تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو باقائدگي سان ورزش ڪن ٿا انهن ۾ آنڊي جي ڪئنسر جا امڪان تمام گهت هجن ٿا۔ماهرن جو چوڻ اهي ته جيڪڏهن هر روز 30 منٽ تائين مناسب ورزش ڪئي وڃي ته سڄي دنيا ۾ آنڊي جي ڪئنسر جي هزارين ڪيسن کان بچي سگهجي ٿو روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: ورزش ڪريو،انڊي جي ڪئنسر کان بچو روزانا اڌ ڪلاڪ کان 1 ڪلاڪ جي ورزش نه فقط آنڊي جي ڪينسر کان بچائي ٿي پر دل جي بيمارين، خون جي بيمارين ۽ جسم جي کوڙ ساترين ٻين بيمارين سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه پئدا ڪري ٿي ۔۔۔ اصل ۾ ورزش ڪرڻ سان انسان جي جسم ۾ سگهه پئدا ٿئي ٿي ۽ مدافعتي سگهه اچڻ سبب انسان جو جسم گهڻين بيمارين سان مقابلو ڪري سگهندو آهي ۔۔۔ انڪري اسانکي رياضي، ورزش ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ پاڻ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن پاڻ کي موذي مرضن کان پري رکي سگهون ۔۔۔ لک ٿورا دوست سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ورزش ڪريو، آنڊي جي ڪئنسر کان بچو مهرباني ادا مان به هر روز سوچيندو آهيان ته اڄ کان ورزش شروع ڪبي ، خاص ڪري واڪ شروع ڪجي پر هر روز ان ۾ ناڪام ٿيندو آهيان۔