وري ڪک سائي به ڌرتي جي ٿيندي آزادي اسان جي به ڀاڳن ۾ ايندي متان ايئن سمجهو آ سيد هارايو وڃن گهوٽ گهايل پيا موڪلايو جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو هي شهيد قربان کاوڙ،روپلي چولياڻي، ۽ نادر بگٽي کان پوءِ چوٿو ن شهيد آهي ۽ آکين ڏٺو شاهد هو
جواب: جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو ادا اسان کي پنهنجي قوم جي انهن شهيدن جي رت کي ناحق ضايع ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي۔۔ سنڌين کي گڏجي سنڌ جي آزادي جي جدوجهد ڪرڻ گهرجي۔۔۔
جواب: جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو انا لله وانا عليه راجعون سنڌي قوم جا خيرخواهه مرندا رهندا ۔۔۔ پروانا شمع تان گهور ٿيندا رهندا ۔۔۔ قوم جا جوڌا ۽ دودا وڙهندا رهندا پر پو به سنڌي قوم جي اها ئي ۔۔۔۔ ٻي ٻي ٻي ٻڪري ۔۔۔ مطلب پو به پنهنجن جو ساٿ نه ڏيندا ۔۔۔ انهن جي وارثي نه ڪندا ته انهن جو خون رائگان ٿي ويندو ۔۔۔۔ ۽ جڏهن وطن يا ڪفن وارن ماڻهن جو خون رائگان ٿيندو آهي ته اهي قومون به تباهه ٿي وينديون آهن ۔۔۔ ظالم آهي اها قوم جيڪا پنهنجن جي وارثي نه ڪري ۽ وطن تي آيل ڏکين ڏينهن تي منهن مٽي ۾ هڻي ويهي رهي ۔۔۔ شرمائڻ جهڙي ڳالهه آهي بيماري جي نشاني آهي رب العالمين نور الله کي جنت الفردوس ۾ جڳهئون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو تمام گهڻي ڏک ۽ پيڙا واري خبر آهي۔ سچ پڇو ته اها غم واري خبر جيڪا 21 اپريل تي ملي ان جو تسلسل اڃان جاري آهي۔ اسان جي دعا آهي ته شهيد کي به رب پاڪ مغفرت عطا ڪري ۽ سندس رتبا بلند ڪري ۔۔۔۔آمين۔ شال سنڌ جا اڳواڻ ، سنڌ جا قومپرست ، وفاق پرست سنڌ جو سوچي هڪ ٿين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو ادا عاشق انتهائي درد واري ڏکئيندڙ خبر آهي جڏهن هن ڌرتي اسان پنهنجي نوجوان ڳڀرون جا هر روز لاش کڻون ٿا پر اڄ تائين شايد ڪنهن سان انصاف ٿيو هجي انهي مان صاف ظاهير آهي يان ته اسين پنهنجا پاڻ ۾ متحد نه آهيون يان ته اسانجا قومپرست اڳواڻ اسان سا سچا نه آهن
جواب: جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو هوندا سي حيات سائين اسان جي هن ابتري تي هر اک اشڪبار آهي اسان جا اهي اسيمبلي جا چونڊيل نمائدا جن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ووٽ ورتا پر اڄوڪي ڳڀرو نوجوانن جي قتل تي خاموش تماشائي هنن جي بيضميري جا منهن ڳالهائيندا ثبوت آهن ، الله مرحومين کي جنت الفردوس ۾ بڪند مقام عطا ڪري ۽ اسان سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ جي توفيق ڏئي وسلام