ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فلحال ته سڀ اهو پيا چون پي پي پي ق ليگ سان ٺاهه ڪندي ته گراف ڪري پوندو۔ پر اصل ڳاله آهي ته هن وقت به گراف ڪو خاص سٺو ته ناهي۔ پر ق ليگ سان ٺاهه جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ۽ ڇا اهو ٺاه هلي به سگهندو؟
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    ادا پي پي وارن جو ڪهڙو گراف آهي اهي پي پي وارا ق ليگ کي جڏهن بينظير شهيد ٿي ته قاتل ليگ چوند هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ء اڄ انهن کي پنهنجو اقتدار بچائڻ لاء گڏ پيا ويهارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي ماڻهون جيڪي ڀٽي جي قتل تي مٺايون ورهان پيا اهي اڄ هنن جا وزير ء مشير آهن ء قانوني صلاحڪار آهن (بابر اعواڻ)۔۔۔۔۔۔

    ادا ٻڌائن ڇا ٿا ته مفاحمتي پاليسي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هنن کي پنهنجو اقتدار بچائڻو آهي عوام سان هنن جي ڪا به همدردي ڪان آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهانگائي، ء بيروزگاريء عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي هنن کي صرف مفاهمتي پاليسي هلائڻي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا عوم جو ڪير به خير خواه ڪون آهي ۔۔۔۔ سڀ حرامي آهن چوڌري بردران مونس الاهيء کي اين ايل سي ڪيس مان بري ڪرائڻ خاطر اهو سڀ ڪجهه ڪري رهايا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چورن جا يار به چور
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    ادي عرس جي خيالن سان 200 فيصد متفق آهيون ۔۔۔ اهو ٺاه يا ڪهڙو به ٺاه ۔۔۔ ڌاڙيلن جو چورن سان ٺاهه چورائيندو ۔۔۔ عوام اڳ به آزار ۾ هاڻ وڌيڪ آزار ۾ ۔۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔۔
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    سائين پر آخر هنن کي انهن مفاهمتن جي ضرورت ڇو ٿي پيش اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڇو ته اڪثريت ناهي ۽ ٿيندي به ڪانه ڪنهن به پارٽي جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڇو ته پاڪستان هاڻي هڪ نالو آهي هي هڪ ملڪ ناهي هن ۾ هاڻي 6 7 قومي نظريا جنم وٺي چڪا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔نه ته هر صوبي ۾ هڪ ئي پارٽي اڪثريت ۾ نه هجي ها
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    سائين ڳجه جا دورا آهن حرام تي برابر جا سي جڏهن پيٽ ڀربو ته بيهوش ٿي وري ڪرندا وري اٿندا گڏجي پيا کائيندا ئ
    هي ڪو باضمير ماڻهن جو ٽولو آهي هي مثال آهي هن ملان واري جنهن کان ڪنهن پڇيو هو مئل جانور حلال يا حرام ته ملان چيو ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي بابا حرام آهي ته همراه چيو سائين ان ۾ اوهان جو پٽ به شريڪ هو ته ملان چيو سائين آءُ ڪتااب ڏسي پوءِ اوهان کي ٻڌايان ٿو ملان ڪتاب ڏسي چيو جتي پُٽ نور جمال اتي حرام به حلال ۔سو سائين ان ۾ شق ڪونهي هنن مردار ورهائي کائڻ جو قسم کاڌو آهي سو ٿيڻو آهي ۔
    وسلام
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    مان سمجهان ٿو هي هڪ تفصيلي ليک آهي ، جنهن کي پڙهڻ گهرجي:

    پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ جو ٺاهه ڪيترو جٽاءُ ڪندو؟


    تحرير: ايم بي سومرو

    [JUSTIFY] (ق) ليگ پاران حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اصولي فيصلو ڪرڻ بعد حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ جي قيادت پاور شيئرنگ جي فارمولي کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. چون ٿا ته لڳ ڀڳ اقتدار ۾ حصيداري ۽ ايندڙ چونڊن ۾ (ق) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي فارمولي تي اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ امڪان آهي ته اڄ يا سڀاڻي (ق) ليگ جا وزير صدر آصف علي زرداري کان پنهنجي عهدي جو حلف وٺندا. اوهان کي ٻڌايان ته (ق) ليگ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ سان قومي اسيمبليءَ ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل ميمبرن جو تعدار ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت لاءِ گهربل 228 ميمبرن جي تعداد کان به وڌي ويندو. نه رڳو (ق) ليگ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ سان قومي اسيمبليءَ ۾ سرڪاري ميمبرن جو تعداد وڌي ويندو، پر 21 رڪني وفاقي ڪابينه ۾ وزيرن جو تعداد به وڌي ويندو. اوهان کي ٻڌايان ته حڪومت 18 هين ترميم تحت وفاقي ڪابينه جو تعداد وڌيڪ رکڻ جو اڳ ئي فيصلو ڪري چڪي آهي، جنهن تحت حڪومت پارليامينٽ (قومي اسيمبليءَ جي 342 ۽ سينٽ جي 100 ميمبرن) جي ڪل تعداد جو 11 سيڪڙو ميمبرن کي وفاق ۽ مملڪتي وزير مقرر ڪري سگهي ٿي، ان حساب سان 48 وفاقي وزير جو وفاقي ڪابينه ۾ تعداد رکي سگهبو. جنهن ڪري (ق) ليگ سان گڏ اگر ايم ڪيو ايم به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته حڪمران جماعت لاءِ ان آئيني حد ۾ رهي وزير کڻڻ وارو مامرو ڏکيو ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ حڪمران جماعت کي پنهنجي پارٽي مان گهڻا وزير نه رکڻ واري قرباني ڏيڻي پوندي.

    آئين ۾ ڊپٽي وزير اعظم جي عهدي جو ڪو تصور نه آهي، پر ان هوندي به (ق) ليگ پاران ڊپٽي وزير اعظم جو عهدو ملڻ جون ڳالهيون مسلسل ٿي رهيون آهن. اهو عهدو (ق) ليگ کي ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم منظور ڪرائڻ ضروري آهي، پر چون ٿا ته وفاقي ڪابينه پنهنجي رولز آف بزنيس ۾ ترميم ڪري اهڙو عهدو قائم ڪري سگهي ٿي، پر آئيني ترميم کانسواءِ رولز ۾ ترميم ڪري اهڙو عهدو پيدا ڪرڻ وارو اگر رستو اختيار ڪيو ويو، ته مامرو عدالتي تشريح جو محتاج ٿي سگهي ٿو. ڊپٽي وزير اعظم جي عهدي کان سواءِ (ق) ليگ کي وفاق اندر 5 وفاقي وزارتون ۽ 7 مملڪتي وزيرن جا عهدا ملڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، پر ان کان وڌيڪ (ق) ليگ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي چونڊيل ميمبرن کي ساڳين تڪن تي پ پ کان حمايت وٺڻ سوڌو پنهنجي پ پ اميدوارن کان مضبوط اميدوار تصور ٿيندڙن لاءِ به حمايت ڪرڻ جي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين سان لکت ۾ معاهدو ڪرڻ گهري ٿي. سوال هي آهي ته پيپلز پارٽي (ق) ليگ کي اقتدار ۾ حصيداري ڏيڻ کانسواءِ ايندڙ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ وارا شرط ڇو قبولي رهي آهي؟ ان جو هڪ سبب ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ اهو ڄاڻائي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي جمهوري نظام کي جاري رکڻ سان گڏ مارچ 2012ع تائين هر حال ۾ حڪومت قائم رکڻ گهري ٿي. جنهن تاريخ تائين حڪومت جي قائم رهڻ سان سينيٽ جي ڪل هڪ سئو ميمبرن مان لڳ ڀڳ 50 سينيٽر پ پ جا ٿي ويندا. جيڪو تعداد پ پ کي ايندڙ حڪومت ۾ به حصيداري لاءِ ڪافي هوندو، پر (ق) ليگ سان اتحاد ڪرڻ جو رڳو اهو ئي مقصد نه پيو بيان ڪيو وڃي، پر (ق) ليگ ۽ پ پ اتحاد سان ايندڙ چونڊن ۾ حڪمراني جا خواب ڏسندڙ نواز ليگ کي محدود ڪرڻ به آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي پاران سرائيڪي صوبي جي قيام جو اعلان ڪري سرائيڪي بيلٽ جي 17 ضلعن اندر ووٽرن جي اڪثريت جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، جنهن صوبي جي قيام جي نواز ليگ پاران مخالفت ڪئي پئي وڃي ۽ اهو مڃيو پيو وڃي ته پ پ جي سرائيڪي صوبي قائم ڪرڻ واري اعلان ۽ نواز ليگ پاران مخالفت ڪرڻ سان سرائيڪي بيلٽ ۾ نواز ليگ کي شڪست ملي سگهي ٿي. اهڙو اقرار نواز ليگ جي ڪنهن عام اڳواڻ نه، پر مرڪزي اڳواڻ خواجه سعد رفيق پاران قومي اسيمبليءَ جي فلور تي ڪيو ويو آهي. اگر سرائيڪي بيلٽ مان نواز ليگ کي سيٽون نٿيون ملن يا اڪثر سيٽون پ پ حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ باقي پنجاب ۾ پ پ ۽ ق ليگ گڏجي نواز ليگ جو مقابلو ڪن ٿيون ته نواز ليگ کي ايترو قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جو تعداد ملڻ مشڪل محسوس ڪيو پيو وڃي، جن بنيادن تي نواز ليگ ايندڙ چونڊن بعد حڪمران جماعت ٿي سگهي. ڏسجي ته پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ وچ ۾ اتحاد قائم ٿيڻ سان نواز ليگ پريشان به ٿي وئي آهي.

    اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ جذبات ۾ اچي پنهنجي لاءِ سياسي مشڪلاتون به پيدا ڪرڻ لڳي آهي، جن سان پنهنجي صوبي مان سرائيڪي صوبي جي مطالبي ٿيڻ کي سنڌ ۾ به ٻه صوبا قائم ڪرڻ وارو شهباز شريف جو مطالبو به شامل آهي، جنهن سان نواز ليگ لاءِ سنڌ اندر ايندڙ چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ اڳيان مشڪلاتون وڌي ويون آهن ۽ انهن وڏيرن ۽ سردارن لاءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ پارٽي جي نشان تي چونڊ وڙهڻ وارو عمل مشڪل ٿي ويو آهي. پر سوال هي آهي ته جنهن حڪمت عملي خاطر صدر آصف علي زرداري (ق) ليگ سان اتحاد ڪرڻ جهڙو فيصلو ڪيو آهي، کيس اهو مقصد حاصل ٿي سگهندو؟ ان سوال تي غور ڪجي ته فيصلو تمام گهڻو رسڪي محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا ففٽي ففٽي چانس آهن. ڇو ته (ق) ليگ اگر هلندڙ مئي مهيني دوران حڪومت ۾ شامل ٿئي ٿي ته فوري بعد بجيٽ جو مرحلو ايندو، جنهن مان ته حڪومت پار ٿي ويندي، پر پ پ کي سينيٽ جي چونڊن وارو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ان بعد 9 مهينا انتظار ڪرڻو پوندو. ملڪي سياست تي گهري نظر رکندڙن کي معلوم آهي ته ملڪ اندر سياسي تبديلي رونما ٿيڻ ۾ ڏينهن به نه لڳندا آهن، پر هي ته پورن نوَن مهينن جو عرصو آهي. 9 مهينا ته نواز ليگ کي به حڪومت ۾ پيپلز پارٽي شامل رکڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي، جنهن جي قيادت سان پيپلز پارٽي جي قيادت جا ايترا اختلاف به نه رهيا آهن، جيترا اختلاف پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ پ پ جي موجوده قيادت جي پاڻ ۾ اختلافن جي تاريخ آهي. اوهان کي ٻڌايان ته پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي چوڌري شجاعت حسين جي خاندان جي وڏن ڪارخانن کي حڪومتي تحويل ۾ ورتو هو، جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ چوڌري شجاعت حسين جي والد چوڌري ظهور الاهي وچ ۾ اهڙا ته شديد اختلاف رهيا، جو جنهن پين (قلم) سان ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ جي فيصلي تي جج صحيح ڪئي هئي، ان قلم کي چوڌري ظهور الاهي مهانگي اگهه تي خريد ڪيو هيو. گجرات سان تعلق رکندڙ صحافي دوستن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي تي جنهن پين سان جج صحيح ڪئي هئي، سا پين اڄ به ظهور پيلس ۾ يادگار طور رکيل آهي. ذوالفقار علي ڀٽي پاران قومي تحويل ۾ ورتل چوڌري شجاعت جي خاندان جي ڪارخانن کي ضياءُ الحق چوڌري شجاعت حوالي ڪيو هيو، پر ان خاندان جا ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد به ڀٽو خاندان سان اختلاف جاري رهيا، ايتري تائين جو محترمه بينظير ڀٽو جي ٻنهي دورِ حڪومتن ۾ به چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي جا پ پ سان اختلاف رهيا، پر جڏهن 1981ع ۾ ظهور الاهي کي قتل ڪيو ويو ته ان جو الزام مرتضيٰ ڀٽو تي لڳو هو. اهڙي ريت محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل خط ۾ چوڌري پرويز الاهي کان جان جي خطري جو ذڪر ڪيو ويو هو. پيپلز پارٽي جنهن (ق) ليگ جي سربراهه سان حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، اهو ئي چوڌري شجاعت اڳوڻي حڪمران جماعت (ق) ليگ جو به سربراهه هيو. موجوده (ق) ليگ ۽ اڳوڻي (ق) ليگ ۾ پ پ کي ڀلي فرق نظر اچي، پر موجوده (ق) ليگ ۾ به اڪثريت اڳوڻي (ق) ليگ حڪومت ۾ شامل اڳواڻن جي آهي، جنهن (ق) ليگ جي حڪومت مٿان اقوام متحده جي محترمه بينظير جي قتل بابت جانچ رپورٽ ۾ محترمه کي جان جو خطرو هجڻ باوجود سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. دشمني جي حد تائين (ق) ليگ ۽ پ پ قيادت ۾ اختلاف هجڻ باوجود نظريهءِ ضرورت ٻنهي ڌرين کي هڪ ئي ٽيبل تي ويهاريو آهي، جنهن سان ملڪي سياست ”پيار ۽ جنگ ۾ هر شيءِ جائز آهي“. واري چوڻي مثل ٿي پئي آهي، پر ان هوندي به پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ اتحاد ٿيڻ حڪمت عملي واري وقت تائين هلي سگهندو؟ وارو سوال گهڻي وقت تائين جيئرو رهي سگهندو. ان جو هڪ سبب ته اسان جي ملڪي سياست ”سامان سئو برس ڪا، پل ڪي خبر نهين“ واري شعر وانگر پئي رهي آهي ۽ ٻيو امڪان ”پلاند پراڻا ناهن ٿيندا“ واري هن خطي جي سوچ به آهي. پر صدر آصف علي زرداري جنهن انداز ۽ مقصد سان (ق) ليگ سان اتحاد ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو مقصد حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ موجوده حڪومت پنهنجي 5 سالن واري آئيني مدت پوري ڪري ٿي ته پوءِ شايد (ق) ليگ سان اتحاد ڪرڻ تي اختلاف واريندڙ جيالن جي دل تي ڇنڊو پئجي سگهي ٿو ۽ اهي ان اڻ ٿيڻي مامري کي وساري به سگهن ٿا، پر وچ ۾ انهن ڌرين، جن جو صدر آصف علي زرداري پاڻ ذڪر ڪندي اهو چئي چڪو آهي ته ”ٽيڪنوڪريٽن جي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي“ اگر مامرا خراب ڪيا ۽ جيڪي ٽارگيٽ طئه ڪيا ويا آهن، اهي حاصل نه ٿي سگهيا ته پوءِ سمورا مقصد اڌورا اڌورا رهجي ويندا. اهو به هڪ سوال آهي ته (ق) ليگ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بعد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو ڇا ٿيندو؟ ۽ اهو به سوال آهي ته ڇا سياست هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ جو نالو آهي؟
    [/JUSTIFY]
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    سائين عوام اڳ ۾ آزار ۾ هيا اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي پئي پر هن اتحاد سان وڌيڪ آزار ۾ ڪيئن ايندا؟
    جيڪڏهن هي اتحاد نه ٺهي ها ته ڇا ٿئي ها؟؟ شايد ۔۔۔ شايد هي حڪومت ختم تي وڃي ها ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو پهچي آهي۔
    ڇا هن حڪومت جي وڃن کان پو ڪا اهڙي موتبر پارٽي آهي جيڪا عوام کي آزار مان ڪڍي؟ يا عوام جا آزار هن حڪومت جي وڃڻ سان ختم ٿي ويندا ؟؟









    ۔
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي



    ادا عرس سياست ۾ جيڪڏهن گراف جو ذڪر يا فڪر هجي ها ته اڄ ڪراچي واري پارٽي کي سياسي پارٽي سڏائڻ جي ضرورت نه پئي ها!
    قاتل ليگ جو نالو ۽ لقب ان ڪري ڏنو ويو هيو ته ان وقت جا حالات اهڙن لفظن کي روڪيندڙ نه هئا ۽ ان وقت سنڌين کي جاهل جو لقب ڏيندڙ
    پرويز مشرف ان ليگ جو ليڊر بڻيل هيو۔۔۔۔۔۔ (اڄ اهو واضع آهي ته قاتل ۽ گهربل ۽ فرار ڪير آهن ؟؟؟


    آئون ان ڳالهه سان متفق آهيان ته حڪومت بچائڻ جي لا انهن کي گڏ ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪراچي واري پارٽي جي روز رسڻ واري ريت مان نيٺ ته تنگ ٿيڻو هيو۔۔۔۔۔۔


    ادا مٺايون ته گهڻن ورهايون جيڪي نفرت جي ننڊ ستل آهن انهن تي عوام جي ٿڪ لعنت ٿيندي رهي ٿي۔۔۔ (احمد رضا ڪسوري) غلام مصطفي کر ۽ ڪجهه ٻيا۔

    ۽ جيڪي نفرت جي ننڊ مان جاڳي غلطانن جو ازالو ڪرڻ چاهين ٿا۔۔ اڄ انهن کي ڀٽي کي بي ڏوهي ثابت ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي (بابر اعواڻ ڀٽو ريفرنس ڪيس جو وڪيل)

    مٿي ڏنل صفائي ۾ حمايت ضرور نظر ايندي۔۔ پر اها حمايت ان ڪري ڪرڻي پوندي آهي ڇوته اسان اڃان ماضي واري سوچن ۾ ڦاٿا پيا آهيون ۽ سياستدانن ۾ بهتري جي اميد رکي ويٺا آهيو 92 واري سياست وانگر تنقيد برائي تنقيد ٿي رهي آهي۔۔۔۔۔ نواز ليگ اقتدار جي ڀولي ڀڄي وڃڻن تي پريشان آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا اسان هن حڪومت کي تنقيد جي بنياد تي ڪيرائي ڇڏيون ته ڪا ايندڙ حڪومت اهڙي آهي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟














    شايد نه ۔۔۔۔۔۔۔ پو حمايت نه ته مخالفت به ڇو ؟







    ۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    بس ادا توهان ٻڌو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن گڏهه کي به ابو ڪرڻو پوندو آهي هي به اهو ئي ڪم آهي اڳ۾ اهي ئي هيا قاتل ليگ هاڻي وري جيڪي آهن اهي ئي آهن
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا پي پي پي ق ليگ سان هلي سگهندي

    ادا مون ته اها ڳالهه ڪئي هئي ته عوام جو ڪير به خير خواه ڪون آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا پرويز مشرف جو وقت ۾ غريب سنڌين کي ميرٽ تي نوڪريون مليون۔۔۔۔ اڄ ته ڪو غريب نوڪري وٺي ڏيکاري اڄ هڪ ته ملي ڪانه ٿي جي ملي ٿي ته به صرف جيالن کي اهو منهنجي آس پاس جو احول آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پرويز مشرف کي صرف حڪومت قاتل تسليم ڪري ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ جي خبر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تحريق طالبان تسيم ڪيو آهي ته بينظير کي اسان شهيدڪيو(ان جي باري ۾ ڇا خيال آهي ؟؟؟؟

    مٺايون ورهائڻ جي ڳالهه ته انسان جو ضمير ته زندهه هجڻ گهرجي نه صرف بابر اعواڻ بلڪ اسانجو وزير اعظم به ضياالحق کان سياست سکيو ء ان جي ڪابينا جو حصو رهيو، اهڙا کوڙ پي پي وار آهن جيڪي مارشلا جي وقت ڀٽي سان بيوفائي ڪري هليا ويا ء اڄ اهي وري گڏ آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اد ڳالهه جو مقصد ته ٽن سالن ۾ پي پي ڪهڙو عوامي ڀلائيء جو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 18 ترميم پاس ڪرائڻ ٽيون دفعو وزير اعظم ٿيڻ وغيره قانوني ترميمون ڪرائي ء جمهوريت کي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حالت اها آهي جو امير ويتر امير ء غريب غريب تر ٿيندو پيو وڃي هڪ عام ماڻهون کي ڇا کپي پنهنجي گهر وارن لاء ٽن وقتن جي روٽي جيڪا به هئير حاصل ڪرڻ محال ٿي پئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عوام ا8 ترميم جا پنا کائيدو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ادا هن وقت پي پي وار ڀٽي جي روح کي رنجائي رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ويا مور مري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هيڙي لولي لنگڙي حڪومت کان ته مارشلا ڀلي جنهن سان عوام کي ته ڪون نقصان نه آهي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو