• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قانوني صلاح لا مشورو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
ادا وڪيل غلام مصطفى السلام عليڪم
ادا آئون هڪ عرض ڪرڻ گهران ٿو ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي توهان جون خدمتون تمام اهميت جوڳيون آهن ۽ توهان کي سڀن دوستن پاران جس هجي جو توهان سنڌي اٻوجهه عوام لا پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهيو، جيتوڻيڪ مان هتي توهان کان هڪ ڳالهه عرض ڪرڻ گهران ٿو جيڪا توهان جي قانون جي روشني ۾ اهميت جوڳي پڻ آهي ۽ ان جو حل پڻ گهرجي۔
ادا حدود لا ڇا آهي ۽ ان جا ڪهڙا فائدا آهن؟ ان جا اهم جز پڻ پڙهندڙن کي سمجهائيندا؟
ادا پي پي سي جي ڪجهه مکيه سيڪشن تي روشني وجهندا ته جيئن پڙهندڙن کي ان جي اهميت پئجي سگهي؟
طلاق جي اهميت اسلامي نظريئي ۽ قانوني نظريي (ڪورٽ وسيلي) موجب ڪيتري اهميت رکي ٿي ان ٻنهي مان ڪهڙو قانون وڌيڪ اهميت جوڳو آهي؟
بلفرض ڪو گواهه ڪورٽ سڳوري ۾ پنهنجي گواهي تان ڦري ٿو ته ان کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي يا ان لا ڪا سزا مقرر آهي يا نه؟؟؟
فلحال ان ٽاپڪس جي معلومات جيڪر پڙهندڙن تائين پهچايو ته توهان جا شڪر گذار رهنداسين؟ نرمل کوهارو
 
جواب: قانوني صلاح لا مشورو

مان سمجهان ٿو سائين ميمڻ صاحب سان گڏ محترم عبدالڪريم چانڊيو صاحب جن کي به عرض آهي ته هن موضوع تي پنهنجا ڪمينٽش پيش ڪن۔
 
Back
Top