تحرير :ايڇ – ٽي – لئمبرڪ سنڌيڪار: علي احمد بروهي ڪوھستان – بي نقاب، سخت ۽ اجاڙ مٽيءَ جي بي ڪيف زمين، نين جا پيٽ پاھڻن سان ٽمٽار، پٿريليون ترايون پھاڙي قطارن سان گڏوگڏ ھلندڙ، جن جا ترار جي ڌار نما ڪنارا ۽ سندن تاج جا ڪنگرا بلنديءَ طرف مائل. ماه جون جي ٽاڪ منجھند واري سج ھيٺان، جڏھن سندس روشني جا ڪرڻا ٽڪرن سان ٽڪرائجن ۽ جڏھن رڃ جا ٽولا ميدانن ۾ محوِ رقص ھجن، تڏھن اتي جي موجودگي، يقينًا ڪفاري ادا ڪرڻ سمان آھي. ليڪن ان علائقي جو وري سياري جي موسم ۾ چڪر ھڻو. مشاھدو ڪريو، جڏھن رات الوداع ڪرڻ تي ھجي، جڏھن اُڀرندي وارو ڀنڀرڪي جو ماحول دُکي ڳاڙھو ٿيڻ وارو ھجي ۽ جڏھن آسمان جو رنگ ڳوڙھي نيري مان ھلڪو ٿيندي، رڪ جي رنگ تي رسي ۽ ستارا ھڪٻئي پٺيان غائب ٿيندا رھن. کيرٿر جي ڌنڌ واري حصي ڏانھن نھاريو، جيڪو غنودگيءَ جو غلاف لاھي رھيو آھي ۽ روشني جي اولين آھٽ جي احساس تي بيدار ٿي رھيو آھي، ۽ روشنيءَ جا سليٽي رنگ کان سوسن گل جي سفيدي ۽ عام اَڇاڻ کان سپ جي موتي واري تجليءَ ۽ نور جا ويس وڳا پھريندي ٿي رھي. پھاڙي چوٽين جي پھمڪ نما آرائش جنھن ۾ نوڪدار ۽ چھنبدار ڇپون، پھاڙي شگاف ۽ جابلو دڙن جا ڦاٽ نظر جي ور چڙھڻ شروع ٿين ٿا ۽ ان کان اڳ، جو اسين ڪافي ھيٺ تري ۾ بيٺل آھيون – سج جي شروعاتي شعاع واري لاٽ جي ڪنار پسي سگھون، پھاڙن جي سربستي قطار سونھري ترورن سان منور ٿي وڃي ٿي. ڏسجي ائين پيو تھ ڄڻ اسان مٿان اھي لاٺيريون پھاڙيون اڇلائڻ جو ارادو اٿس، جيڪي روشنيءَ جي دوبدو مقابلي ۾ گھڙي ساعت لاءِ ڪاراٽجي وڃن ٿيون. سندن وارو ترت اچڻ وارو آھي. ڇانوَ ۽ پاڇن جون صفون ھڪٻئي پٺيان ترڪنديون ٿي رھيون، ان پاسي ڪاري ٻاٽ جي اوڙاه ۾ جھٽ پلڪ ساھي کڻڻ لاءِ، جتي سج اڃا سوڌو ڪڏھن بھ شعاع نھ ڪيو آھي - ۽ پھاڙن ۾ نئين ڏينھن جو نئون سج اڀريو آھي. طلوع آفتاب وقت حسين ۽ غروب آفتاب ٿيڻ مھل پڻ حسين، جڏھن ھڪٻئي پٺيان ھر ھڪ پھاڙي سلسلو پنھنجو پاڻ کان پاسي ٿي پنھنجي سيني جي سانڍيل راز کي غم جي نرم پردي ۾ پوشيدو ڪري ٿو؛ جيئن جيئن سج جي تپش جذب ڪيل پٿرن مان زندگيءَ جو وھڪرو خارج ٿيندو رھي ٿو، ان وقت تائين، جيسين فقط آسماني سرحد مغربي شفق جي مقابلي جو صاف ڏک ڏيندي رھي ٿي، پر ساڳئي وقت ۾ پھاڙن جا ٽولا، سليٽي رنگ کان نيري رنگ ۾ رچندا ۽ ھڪ پھاڙي قطار ٻيءَ ۾ جذب ٿيندي، آخرڪار اھي سڀ چھچٽا ھڪ ئي اونده انڌوڪار ۾ گم ٿي ويا. ھن جابلو زمين جي سنگدليءَ کي نرم ۽ ماٺو ڪندڙ فقط اھي روزمره جي اُفق ۽ شفق جا معجزا نھ آھن. اھي پھاڙيون جي اگھاڙيون آھن تنھن ھوندي بھ ۽ ٻنپھرن واري سج جي جرڪندڙ شعاع جي باوجود گھاٽي ڇانوَ سان مالا مال آھن، ۽ ڪيترن قسمن جي گلن ڦلن جي رھائشگاه آھن. مٺڙي خوشبوءِ وارو ’گل مير‘ جنھن جون اکيون سونھري آھن، ’ويڪھھ‘ جيڪو ڪوھستان جو گاه آھي؛ ’اَڪڙي‘ جو ميدانن واري پنھنجي مربي ھمشيره کان گھڻي قدر خوبصورت آھي؛ ’ڪٽھڙي‘ جنھن جا رتا گل ۽ پن اُڃ اُجھائيندڙ آھن؛ ننڍڙو معصوم ’کيرول‘ جيڪو پنھنجي نازڪ گلڪاريءَ واري نموني ۾ پٿرن مٿان ڦھليل رھي ٿو ۽ پھاڙيون، جن کي انھن جي موجودگيءَ جو ڪو احساس نھ آھي، اُھي فقط پنھنجي عريانيءَ جي آڪڙ ۽ اوچي ڳاٽ بيٺل رھن ٿيون ۽ پنھنجي گوناگون ويس وڳن، سرخ، قرمچي، خاڪي، ڪبوتري ۽ سليٽي رنگت ۾ ملبوس ٿي جرڪنديون رھن ٿيون. ليڪن ڪوھستان جي سموري خوبصورتي اچيو نين ۾ ڇيھھ ڪري. نيون ھڪ ڌوڪيندڙ قسم جون ننڍڙيون نھرون آھن، جن جا ٻئي ڇيڙا، اول ۽ آخر، ابتداء ۽ انتھا ٻئي مقامي طور ميسر آھن. ڪڏھن ورلي جڏھن ڪا خاصي برسات پوي تھ سندن وھڪري ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ پوءِ سندن اُٿل جو پاڻي ٻاھر ميدانن ڏانھن رخ ڪري ٿو، ورنھ عام طرح سندن آب، پھاڙن جي پيرانديءَ واري ريتيءَ جي ڊٻن ۾ چھيل رھي ٿو. ’گاج‘ جو تھ قصو ئي اور آھي. سندس مزاج مختلف. ھونئن بھ ھيءَ ڀٽاري ھڪ انوکي قسم جي نئن آھي، ڇاڪاڻ ھڪ تھ دور دراز ’جھالاوان‘ ۾ اُڀرڻ شروع ڪري ٿي، ٻيو ھي تھ کيرٿر پھاڙن جي سموري طويل ٽاڪرو سلسلي کي ٽاڪي پنھنجو پيچرو ٺاھيو اٿس؛ جيڪڏھن اھڙي خلاف ورزي نھ ڪري ھا تھ سندس جملي ڊيگھھ دوران، ڏيڍ سؤ ميلن تائين، لڳاتار ٻنھي طرفين پاڻي دنگ ڪيو بيٺو رھي ھا. عام طور گاج طرفان ’ڪاڇي‘ کي ڪجھھ آبپاشي ضروري حاصل ٿيندي رھي ٿي. ڪاڇي جو ميداني علائقو ٻاھرين پھاڙين جي آخرين عالم پناه جي آغوش ۾ آھي. حالانڪ ڪوھستان جي اندروني دائري اندر ڪيتريون نيون پنھنجو پاڻ ابتدائي بندن ۽ انھن واھن وسيلي پھچائينديون رھن ٿيون، جيڪي جابلو ڳوٺاڻن طرفان ٺاھيا ويا آھن. زمينون ايڪڙ ٻيڪڙ ۽ ڇڊي نموني چند زرخيز ٽڪرن ۾ ورڇيل آھن، جي عمومًا اھڙن ھنڌن تي آھن، جتي ماٿريون ڦھلاءُ ڪندي ڪشادي صورتحال ۾ نمودار ٿين ٿيون. انھن نين مان ھر نئن، جنھن جو بھ مون جائزو ورتو آھي، تنھن جي لڳ ۽ آسپاس ڀانت ڀانت جا پُر لطف ۽ دلڪش نظارا اکئين پسجن ٿا. آبشار، تيز وھڪرا، اونھان تلاءَ، جن جا ڪنارا ڪانھن ۽ ڪنگور جي ٻوٽن سان آراستھ آھن ۽ ڦوه اُسريل وڻن جا جھڳٽا، جي ڇانو وارين ڪنڊن ڪڙڇن ۾ جھرمر لايو بيٺل آھن. ڪيڏو نھ فرق آھي سندن ماٺيڻي، شفاف ۽ آب حيات نما پاڻيءَ ۾، ۽ وڏيري سنڌو درياءَ ۽ سندس گماشتن واھن جي لڙاٽيل ۽ گوڙ گھمسان واري پاڻي درميان! نين ۾ منھنجي سڪيلڌي آھي ’کيئن جي نئن‘ جيڪا اتر ۾ آھي. سندس شروعات ٿئي ٿي ھڪ ڪشادي ۽ اوچي ماٿريءَ واري پاڻيءَ جي نيڪال سان، جنھن جو سنئون سنواٽو ۽ لسو ترو چن جي پٿر وارو آھي، ۽ ”ميانگن“ کان ڏاکڻي رخ ۾ ڊوڙندي رھي ٿي. ”ميانگن کيرٿر سلسلي جو پنج ھزار فوٽ بلنديءَ وارو برج آھي، ۽ ”ڪڇيءَ“ مٿان ڪَر کنيو اُڀو بيٺل رھي ٿو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو خلف توقع، ھيءَ نئن ڇرڪ ڀري، ڪئين ڇلانگون ۽ ور وڪڙ گوھيون ڪرڻ لاءِ ٽٻيون ھڻڻ شروع ڪري ٿي، تان جو اچي وارد ٿئي ھڪ اتاه ڪُونَر ۾ جنھن کي ”گورکاڻي“ نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان بعد وري ھڪوار گھڻو ھيٺ ھڪ تنگ ۽ تاريڪ لڪ ۾ نمودار ٿئي ٿي، جتان ھوءَ پھاڙن جي سيني ۾ سدائين گھرا گھاءُ ڪندي گذري ٿي. ھو ”تشانگي“ آھي، سنڌو جو ”عاليشان بھرو“، جيڪو اُڀين پھاڙين درميان آھي، جن جي اوچائي پنج سؤ فٽ آھي. جيڪڏھن ڪو ھن چڙھائيءَ جي ڪپر تي بيٺل ھوندو تھ ان لاءِ ڪرندڙ پاڻيءَ جي گجگوڙ اونھي اوڙاھھ کان مٿي چڙھندي ماٺيڻي ماٺ ۾ مدغم ٿيل ھوندي. ميل ٻھ اڳڀرو، سندس بلڪل ضد ۾ آھي ”لکڻ جي ڪنڊ“، نھايت ”حسين ترين سرزمين“. جھڙس مون سموري ڪوھستان ۾ ڪڏھن نھ ڏٺي نھ ٻڌي. غنچي قسم جي خوبصورت وادي، جنھن جي چوگرد رنگا رنگ قسمن جون پھاڙيون جھرمر لايو بيٺل آھن ۽ وچ ۾ بھترين قسم جي ڪنڊيءَ وارن درختن جا جھڳٽا آھن، جي سبز گاه پھريل ڪنارن تي اُسرندا رھن ٿا. سندن اڳيان ھيٺ ڀرو وري نئن جو دلڪش اونھون مھاڳ ’منھن پوي ٿو‘. ڪجھھ پرڀرو وري نئن جي وھڪري سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترا ئي خوشنما نظارا ڏسي پسي سگھجن ٿا، جيئن تھ ’پلوڪي وارا آبشار‘ جن سان گڏ ڪيترا تلاءَ آھن، جي ان پھاڙيءَ جي ھر طبقي تي آھن، جيڪا سموري ماٿريءَ جي وچ ۾ پکڙيل آھي. اھا آھي ’کئن جيءَ‘ جي ڪائنات، جيڪا منھنجي اندازي مطابق فقط 12 کن ميل ڊيگھھ ۾ ھئڻ گھرجي. سنڌ جي ڪوھستان واري ھن اترئين حصي لاءِ خاص ڪشش ھئڻ لاءِ مون کي جيڪو احساس آھي، ان جو ڪارڻ شايد ھي بھ ھجي تھ ٻين حصن جي بنسبت منھنجي ھن اراضيءَ سان واقفيت اڳ ۾ ٿيل ھئي. منھنجي جوانيءَ واري ايام دوران چاليھھ سال اڳ منھنجي اولين سرڪاري ذميواري جي حد ۾ اھا ايراضي آئي، ۽ اھا منھنجي وڏي خوشنصيبي ھئي، ۽ مون لاءِ باعث فخر ھو تھ آءٌ ھن سرحدي علائقي جي موروثي مالڪ نواب غيبي خان، چانڊيا قوم جي تمندار سان گھاٽا تعلقات رکندڙ ھئي ۽ نواب صاحب تحقيق ھڪ قديم خانداني وضع وارو ۽ ھڪ مثالي بلوچ قومي سردار ھو. دراصل لاڙڪاڻي سب ڊويزن جو پراڻو نالو ئي ھو ’چانڊڪو‘ – يعني چانڊين جو ملڪ. ھن قوم جي ماڻھن اڄ کان چار پنج صديون اڳ ھن علائقي تي قبضو ڪيو ھو. اھو ڄاڻائڻ پڻ ضروري ٿو سمجھان تھ ھنن پھاڙين ڏانھن اچڻ ۾ منھنجو اصلي مقصد ھو ”شڪار ڪرڻ“. سره ۽ گَڊ جي تلاش، جيڪي مٿانھين ۽ ھيٺاھين ماٿرين ۾ عمومًا جدا جدا ايندڙ ويندڙ آھن. مون ھڪ ڪتاب ۾ ھن شاھي شغل متعلق پڙھيو ھو تھ بلوچستان جي سرحد واري گرم ۽ خشڪ علائقي ۾ دستياب ٿي سگھي ٿو. نواب صاحب پنھنجا چار بھترين شڪاري منھنجي حوالي ڪيا، جن جا نالا لشڪر خان، اميد علي، ڪريم داد ۽ دلاور، اڄ بھ منھنجي ڪنن ۾ وڻندڙ موسيقيءَ جي گونج جيان پيا ٻڌجن. ليڪن اوھان پڙھندڙن کي ڪو ڊپ ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ انھن جي رھنمائيءَ ۾ مون جيڪي ٽي عدد شڪار ڪيا ۽ ان دوران جن شڪاري ٽوٽڪن جو ذخيرو مون وٽ جمع آھي، انھن مان چند مثال نموني طور ٻڌڻ جي زحمت کان اوھان کي آجو رکيو ويندو. اسان پاڻ ۾ جيڪا سنگت رکي، ۽ دوستيءَ جو جيڪو دم نباھيو، سو بي بھا خزانو منھنجي لاءِ ڪافي آھي. ھنن لاءِ اھا ھڪ وڏي ڏکي ذميواري ھئي، ڇاڪاڻ تھ شڪاري رائفل تي ھئي، پر آءٌ ھڪ جڏو بندوقچي ھئس. ھي ڪوھستاني بلوچ فطري طور لاپرواه ماڻھو آھن، ۽ ڍونگ ڪرڻ يا رک رکاءُ ڪرڻ تھ کين مور ايندو ئي نھ آھي. انھيءَ باعث ھنن منھنجي بندوق ھڻڻ ۽ نشاني وٺڻ جي طريقي متعلق پنھنجي راءِ جو سادي سودي نموني ۾ اظھار ٿي ڪيو ۽ بعض اوقات ھو انھن واقعن جي بيان ڪرڻ ۾ پٺتي نھ ٿي پيا، جي مون کان اڳ جيڪي عملدار اتي شڪار لاءِ آيل ھئا، انھن جي سٺي نشان ۽ سڌي ھٿ ھئڻ سان تعلق رکندڙ ھئا. ڪڏھن ڪڏھن تھ ھنن پنھنجي مايوسي کي ھنن لفظن ۾ قسمت سان وابستھ ٿي ڪيو تھ: ”جيڪا الله جي مرضي“؛ ان مان ثابت آھي تھ خالق جو ھي امر ھو تھ ”جانور جي آخري گھڙي اڃا ڪانھ آئي ھئي، حالانڪ اسان کي ھيءَ خاطري ھئي تھ سندس انت اچي رھيو آھي.“ تنھن ھوندي بھ منھنجي ھر دفعي نشان گسڻ وقت ڄڻ تھ کين پيرو کڻڻ ۽ جانور جي تلاش ڪندي وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ٿي ٿيو، جيڪو دراصل شڪار جو صحيح مقصد آھي. حقيقت ھيءَ ھئي تھ ھنن مون سان پنھنجي ھڪ ننڍي اناڙي ڀاءُ جيان ٿي ھلت ڪئي، جيڪو منھنجي نڪتھ نظر موجب ھڪ مناسب ۽ دلچسپ رشتو ھو. انھن سڀني کي پنھنجي ھن جھنگلي ۽ جابلو وطن لاءِ والھانھ محبت آھي، ۽ ھو ان کان پري ٿي ڪڏھن بھ خوش نھ ٿا رھن. ھنن طرفان اوھان کي اتي جي قدرتي عجائب، جھڙوڪ غارون، آبشار، پھاڙي چوٽيون وغيره ڏيکاريندي فخر ۽ خوشي محسوس ٿئي ٿي، يا وري جڏھن اوھان کي ڪو پراڻو قلعو يا قبل از تاريخ ”ڪافرن“ جي ڪنھن جھوني قديمي شھر جا آثار ڏيکاريندا تھ ان متعلق جيڪي ڏند ڪٿائون کين معلوم آھن، توھان کي نھايت شوق سان سڻائيندا، ۽ اھڙي قسم جون ڳالھيون مھاڙيون ھردم پيون ھلنديون رھنديون. پھاڙين ۾ بغير شڪار ڪرڻ جي اھڙي قسم جو چڪر ھڻڻ بھ پرلطف آھي، ليڪن شڪار ڪرڻ بھ ھڪ فرض ادائي جي مجبوري ھئي. ڪئمپ ۾ ماڻھن جو ڪافي انداز ان اوسيئڙي ۾ ھو تھ اجھو ٿا شڪار آڻين ۽ ان آس ۾ سندن وات پاڻي پاڻي ٿي ٿيا. انھيءَ ڪري جڏھن جڏھن مون کان نشان خطا ٿي ٿيو تھ منھنجي شرم ۾ اضافو ٿي آيو ۽ گھڻو ڪري مون ڪافي موقعا وڃايا ٿي، ليڪن ان سان گڏوگڏ مون کي ڪاميابيون پڻ ٿيون ھيون. ڏينھن جي گرميءَ دوران اسين پھاڙن جي چوٽين تي منجھند جي ماني کائڻ لاءِ جھٽ پلڪ ساھي پٽيندا ھئاسون. (گڍ بھ ساڳئي وقت آرام ۾ ھوندا ھئا) شڪارين مان ڪي تھ جانورن جي پيرکر جو پتو لڳائڻ لاءِ اڳڀرو ھليا ويندا، ليڪن ھڪ ٻھ مون سان گڏ ترسندا، پوءِ جا گفتگو شروع ٿيندي ھئي، ان مان مون کي گھڻو لطف ايندو ھو. ”اسان ٻڌو آھي تھ لنڊن جو شھر تمام وڏو آھي – ڪيترو وڏو ھوندو؟“ ”ايترو وڏو آھي جو ھر پاسي ويھھ ميل ڊگھو ٿيندو.“ ”تنھن جي معنيٰ ھيءَ آھي تھ اسان جي شھر جيترو وڏو شھر نھ آھي.“ ”توھان جو شھر؟ ڪھڙو، ڪراچي؟“ ”نھ نھ. مون ھڪ دفعو ڪراچي ڏٺي آھي، جڏھن آءٌ نواب صاحب سان گڏ ويو ھئس ۽ مون کي ڪا خاص ڪانھ وڻي. نھ، اسان جو شھر ھي ڪوھستان جو سمورو ملڪ آھي ۽ اھو پڻ ھڪ سؤ ميلن کان وڌيڪ ڊگھو آھي. ھن جو ذرو زرو اسان جو ڏٺل آھي ۽ اسان پاڻ بھ ھر جڳھھ ڄاتل سڃاتل آھيون.“ ”پر لشڪر خان! ھتي جي پھاڙن ۾ ڪو گھڻا ماڻھو رھندڙ تھ نھ آھن. لنڊن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪروڙ کن آدم رھي ٿو.“ ”سبحان الله، ليڪن اسان اھڙي گوڙ گھمسان ۾ رھڻ ھرگز پسند نھ ڪنداسين، ۽ اتي ھر ھڪ کي سڃاڻڻ ۽ ڄاڻڻ تھ ھڪ ناممڪن مسئلو ٿي پوندو، يا وري بدمعاشن جي تميز ڪرڻ پڻ ڏکي ڳالھھ ٿي پوندي- ڪراچيءَ ۾ ئي سندن ڪافي تعداد موجود ھوندو.“ ”ٺيڪ، اوھان جو چوڻ درست آھي ۽ لنڊن ۾ ڏوھھ ڪافي انداز ۾ ٿين ٿا.“ ”پر ھتي اسان ھڪٻئي کي ايتري قدر سڃاڻون ٿا جو چور ھميشھ ظاھر ٿي پوندو ۽ اسان جو چڱو مڙس چور کي چار دفعا وڌيڪ جانا ڀرڻ لاءِ مجبور ڪري سگھندو، انھيءَ ڪري اسان جي پھاڙي علائقي ۾ ورلي ڪا چوريءَ جي واردات ٿيندي آھي. ٻيو تھ ڇڏ، جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي انھن دوستن سان ملاقات ڪرڻ ٿو چاھي، جي سٺ يا ستر ميل جي مفاصلي تي رھندڙ آھن تھ اھو پنھنجي جھوپڙيءَ کي جنھن حالت ۾ آھي ڇڏي، ۽ پنھنجي مال ملڪيت رکي، پنھنجين ٻڪرين جي چارڻ لاءِ ڪنھن کي پارت ڪري، ھڪدم اوڏانھن ھليو ويندو ۽ واپسيءَ تي سندس ڪابھ شيءِ گم نھ ٿيندي ۽ ھر شيءِ باامانت ائين پيل ھوندي، جيئن ھو وڃڻ وقت ڇڏي ويو ھو.“ اھا نھايت آٿت ڏيندڙ ڳالھھ ھئي تھ ھتي ماڻھو پنھنجي حال ۾ خوش خرم ھئا ۽ حقيقت ھيءَ آھي تھ وٽن ايترو گھڻو ڪجھھ ھو، جنھن لاءِ ريس اچڻ گھرجي. ھنن وٽ گرمي خواه سرديءَ لاءِ جدا جدا موافق جھوپڙيون ھيون، جي پھاڙن مٿان ۽ ھيٺ ماٿريءَ ۾ اڏيل ھيون. کين پنھنجون ٻنيون ھيون، جن کي ھو سواءِ ڪنھن ڍل ڏيڻ جي کيڙيندا ۽ فصل کڻندا ھئا. ھنن کي فقط ھڪڙي فرض ادائي سرانجام ڏيڻي پوندي ھئي تھ جڏھن بھ ضرورت پيش اچي تھ شخصي طور کين پنھنجيون خدمتون پنھنجي قومي سردار کي سپرد ڪرڻيون ھيون، جيئن منھنجي حاضريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ کين اھڙو حڪم مليل ھو. دراصل ھي ماڻھو وڏيرا شاھي لاءِ ھڪ قسم جو بھترين اشتھار ھئا. ڪوھستان جو علائقو قبل از تاريخ ماڻھن جي اھڃاڻن سان ڳتيل آھي، جن مان زياده تر آمري تھذيب يا ٻنگار زماني جي تھذيب سان تعلق رکندڙ آھن. اسان جيڪي مختلف جڳھن تي ڪئمپون لڳايون ھيون، تن مان ھڪ ’کيئن جي نئن‘ جي ڪناري تي لڳل ھئي. تنھن جي ويجھو قديم زماني جي ھڪ شاھي بستي ھئي، جنھن کي ’لالڻ جي ماٿري‘ چيو وڃي ٿو، يا اڃا بھ ھي چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو تھ اھو نالو ان جي قلعي جو آھي، جيڪو موجوده وقت ۾ ھڪ ڊٺل ٺل جي شڪل ۾ بيٺل آھي، جنھن جي چوگرد ڪيتريون پٿر جون ديواريون بيٺل آھن. شھر جا کنڊر ڀر واري مٿاھين پٽ جي وڏي اراضيءَ تي پکڙيل آھن. ھن ھنڌ کان سڏ پنڌ تي ھڪ ڪشادي ماٿري آھي، جنھن جو ڳچ حصو آبادي لائق زمين سان والاريل آهي. (پراڻي پوليس ٿاڻي نزديڪ) ۽ ان ۾ ڪا شڪ جي گنجائش نھ آھي تھ قبل از تاريخ زماني وارا ڳوٺاڻا، شھر جي سموري آدم کي روزي پھچائڻ خاطر انھيءَ زمين تي آبادي ڪندا ھوندا، جنھن جي آبپاشي ھن نئن مان ڪئي ويندي ھوندي، بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن منھنجي وقت ۾ ويجھو رھندڙ پنھنجي خاندان پالڻ لاءِ ڪندا رھندا ھئا. پھاڙن ۾ ٻين ڪيترن ھنڌن تي ”گبربند“ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي دراصل ھڪ قسم جا بند ھئا، جن ذريعي قديم زماني جي ماڻھن پٿريلي ھيٺانھينءَ تي پٿرن مٿان قابل ڪاشت مٽيءَ جا تھھ وجھي برسات بعد آبادي ٿي ڪئي. انھن بندن جي ڏسڻ لاءِ بھترين جڳھھ آھي ”ھيرار ماٿري“، جيڪا ڪافي دور ڏکڻ طرف ’بندي جي قبر‘ کان ڪجھھ مفاصلي تي آھي. ليڪن ڪوھستان جو ھر حصو جنھن جو مون معائنو ڪيو آھي، اتر ۾ ’کيئن جي نئن‘ کان ويندي ڏکڻ ۾ ’کڏيجيءَ‘ تائين، تيستائين آثار قديمھ جي ماھر لاءِ سودمند ثابت نھ ٿيندو، جيستائين ھو پنھنجي جيپ يا لئنڊ روور کي ترڪ ڪري، پيرين پنڌ يا اُٺ ذريعي ڳولا شروع نھ ڪندو – ليڪن اھو ممڪن آھي تھ ڪو ماڻھو ائين ڪرڻ لاءِ اڄڪلھھ تيار ٿئي؟ مون اڳ ۾ ان باري ۾ گھڻو ڪجھھ چيو آھي تھ ڪوھستان ۾ اھو سڀڪجھھ آھي، جو علم نباتات جا ماھر جيڪر پنھنجو پنھنجو وقت نھايت دلچسپ ۽ سودمند طريقي ۾ سيڙائي سگھن ٿا. علم حيوانات جو ماھر ھت اچي چيتي، گڍ، سرھھ، مانگرمڇ، بگھڙ، چراخ، گدڙ، سھي، گربائو ڪوئي؛ ۽ پکين جھڙوڪ ٽاڪرو ڪانءُ، تلور، پٽ تتر، ٽاڪرو، پاريھر، جھنگلي بدڪ، جھنگ ڪڪڙ، سسي ۽ ڪاري تتر جي عادتن جو مطالعو ڪري سگھي ٿو (تعجب ھي آھي تھ واڳون، جن کي مانگر مڇ چيو وڃي ٿو، جيڪو ھتي ڪن نئين جي تلائن ۾ ڏٺو وڃي ٿو، اھي ھتي ڪيئن پھتا آھن، اھو بذات خود ھڪ راز ٿو ڏسجي). انھن مذڪور جانورن ۽ پکين مان فقط چيتو واحد جانور آھي، جنھن جا فقط مون پيرا ڏٺا آھن يا سندس ليڏوڻا، باقي ٻين جاندارن کي يا تھ مون غور سان سندن مطالعو ڪيو آھي يا وري شڪار ڪيو اٿم. ان کان علاوه پھاڙن ۾ ڪافي قسمن جا ننڍڙا پکي، ڪرڙيون ۽ نانگ آھن. جيستائين مڇيءَ جي شڪار جو تعلق آھي تھ شڪاريءَ لاءِ نئن ۾ مھاشير جو ڪافي شڪار مھيا ٿي سگھي ٿو. ڪڏھن تھ اسان پنھنجي سفري ڪئمپ قدرتي طور ٺھيل پھاڙي ڇپرن يا وري غارن جي منھن وٽ ٿي ھنئي. پوءِ منھنجو شخصي طنبو کوڙيو اٿن يا نھ، اسان جو ھي اڻٽر دستور ھو تھ شام ٽاڻي انڌاري ٿيڻ وقت مچ جي چوگرد گڏ ٿي ڪچھري ڪندا ھئاسون ۽ فقط حقو ئي ھو، جو ھڪ ھٿ کان ٻئي ھٿ ڏانھن پيو ڦرندو رھندو ھو. اسين يا تھ قصا ڪھاڻيون ٻڌائيندا ھئاسون، يا وري بيت، يا وري راڳ جي محفل رچائيندا ھئاسون. قصن ڪھاڻين ۾، جي عجيب وغريب ھئڻ کان سواءِ انساني دسترس کان مٿي ھيون، ليڪن جيستائين بھترين بيتن ۽ راڳن جو تعلق ھو تھ اھي ٻروچ شڪارين طرفان ٿي ٻڌايا ويا. ساڻن پھرئين سفر وقت مون بلوچي زبان سکڻ جي مشق شروع ڪئي ھئي (جا ڪڏھن دلچسپ ھئي تھ ڪڏھن منجھائيندڙ، جو مون ھڪ غير تعليم يافتھ چانڊيي کان اُن ٻروچڪي زبان سکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھدايتون ٿي حاصل ڪيون) حالانڪ ان سلسلي ۾ مون ھڪ ڪتاب، جنھن ۾ گرامر سان گڏ ٻوليءَ جا سبق پڻ ڏنل ھئا، پاڻ سان گڏ آندو ھو. اھو روم ٽائيپ ۾ ڇپيل ھو، انھيءَ ڪري توڙي جو آءٌ پوري طرح گفتگو ڪري نھ ٿي سگھيس، تڏھن بھ ان ۾ جيڪي روايتي لوڪ ڪھاڻيون ۽ لوڪ گيت شامل ھئا، تن جي پڙھڻ لاءِ اُدم ڪري ٿي سگھيس، جي اڪثر انھن ماڻھن سڃاتا ٿي ۽ وڏي شوق سا. جڏھن بھ آءٌ ھڪ ٻھ سٽ پڙھڻ بعد بيٺس ٿي، يا پڙھي نھ ٿي سگھيس تھ ھنن شروع ٿي ڪيا جي کين برزبان ياد ھئا. منھنجي ٻي ڪاميابي ھئي گراموفون يعني فونو. ھنن ڪيترو نھ مزو ٿي ورتو، جڏھن الزبيٿ شومن شوبرٽ جي ”لائڊر“ جو رڪارڊ وڄايو ٿي ويو. ”اھو پڪ ڪنھن پريءَ جو آواز آھي، سائين! اسين اھو راڳ ٻيھر ٻڌي سگھون ٿا؟“ اھڙي غير معمولي نوعيت جي محفلن ۽ راڳن روپن جون خبرون پھاڙن جي آس پاس وارين آبادين ۾ تيز رفتاريءَ سان گشت ڪنديون رھيون، جنھن جي نتيجي ۾ اسان جي ڪچھريءَ ۾ بعض اوقات نوان نوان ماڻھو شرڪت ڪرڻ ايندا رھيا. مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي تھ ھڪ دفعي ھڪ مڱڻھار اسان وٽ آيو، جو سرندو نھايت سٺو وڄائي ڄاڻندو ھو. ھو جھالاوان جي ڪوھلو ڳوٺ کان يا ٻئي ڪنھن ھنڌان سفر ڪندو، کيرٿر لتاڙي اچي ھتي پھتو ھو ۽ سنڌي ۾ بيتن ٻڌائڻ جي خاص مھارت رکندڙ ھو. ليڪن اسان کي اھڙن پيشورانھ ڳائڻن جي ڪا گھرج ڪانھ ھئي. اسان جي جماعت جي رڪن مولابخش وٽ بيتن ۽ قصن جو ڪافي ذخيرو ھو. ھن اسان کي ’عمر مارئي‘ جا ٻھ مختلف ۽ نرالا قصا سڻايا، ۽ ھڪ ”جانڻ“ شاعر جي ٺاھيل دلچسپ ڪافي پڻ ڳائي ٻڌائي. آءٌ وري کيس اھڙا بيت ۽ ڪافيون ٻيھر ٻڌائڻ لاءِ فرمائش ڪندو ھئس، جيئن لفظ بھ لفظ آءٌ اھو لکي ۽ اُتاري سگھان. ڪوھستان لاءِ زياده مناسب قصو ھو ’سسئي پنھونءَ‘ جو، ڇاڪاڻ تھ ان قصي ۾، جيڪو مولابخش مون کي بيتن ۾ ٻڌايو، شروعات ھن طرح ٿئي ٿي تھ غريب سسئي اڪيلي سر پھاڙن ۾ ھلندي رھي ٿي. قافلي جي تلاش ۾، جنھن ۾ سندس پنھون کي ان جا ڀائر زبردستي ھٿ پير ٻڌي، اٺن کي پلاڻي، ڀنڀور کان واپس ڪيچ ڀڄايو ٿي ويا. ھن جي اصلوڪي سنڌيءَ ۾ لکيل قصي جو آزاد ترجمو مون ڪيو آھي، اھو ھن ريت آھي: ”سسئي دعا ٿي گھري ”اي الله پاڪ! پنھونءَ کي واپس مون ڏانھن اماڻ، منھنجو جند جان جسم برپٽ ۾ آھي ۽ چؤطرف آءٌ بيابان ٿي پسان. زندگيءَ جي حرارت مون کي کانئس عطا ٿي. مون کي سڀني بلوچن جو غلام بڻاءِ، پر منھنجي پنھونءَ جي جند آزاد ڪراءِ. ھڪ لڪ کان ٻئي وڌيڪ ڏکئي لڪ ڏانھن سرڪندي ۽ ڀٽڪندي رھان ٿي. آئي وئي مسافر کان خبرون پڇان ٿي، ليڪن بي سود. جي مون واري واٽ وٺيو ٿا وڃن، انھن کي پيرين پوان ٿي تھ مون کي بھ پاڻ سان وٺي ھلو. او نيڪ ماڻھو! توھان کي عشق جي سورن جي ڪھڙي خبر. ڪرندي ۽ ٿاٻڙندي اڳڀرو، ٿڪل ۽ پيرن ۾ لڦون، سڏڪا ڀريندڙ ساه سان، جي اڳي ويل آھن انھن ماڻھن جو آواز، ھوا تي سوار ٿي منھنجي منتظر ڪنن تي پڙلاءُ وجھي ٿو. ھاڻي منھنجي من جي مراد ويجھڙي آھي، تنھنڪري مون کي ڀوائتن پھاڙن جو ڪو ڊپ نھ آھي.“ (1) ليڪن افسوس ھي آھي جو کيس پنھون نھ مليو، پر ھڪ بدمعاش ٻڪرار سندس سونھن ڏسي غير مناسب ھلت ھلڻ لڳو. ھن کيس پاڻ کان پري رکڻ خاطر کانئس کير جي گھر ڪئي، جنھن لاءِ کيس اھڙو لوٽو ڏنائين، جنھن جي تري ۾ سوراخ ٿيل ھو. ليڪن ھو سندس حرڪت کي ڄاڻي ويو ۽ ايتري غصي ۽ غضب ۾ اچي ويو، جو سسئي کيس وڌيڪ وقت لاءِ ٽارڻ جي پاڻ ۾ سگھھ نھ سھي، دعا گھري تھ زمين ۾ کيس پناه بخشي وڃي. پھاڙي ڏري ڦاٽي پئي ۽ سسئي منجھس اندر داخل ٿي غائب ٿي وئي. بعد ۾ پنھون، جنھن آخرڪار ڀائرن کان جان ڇڏائي، تيزيءَ سان واپس وريو ۽ ٻڪرار کان پڇيائين تھ ھن ڪا عورت پھاڙن تي چڙھندي ڏٺي ھئي يا نھ؟ ٻڪرار جنھن ھاڻي پڇتايو ھو، تنھن کيس صحيح واردات سڻائي ۽ ان بوڇڻ ڏانھن اشارو ڪيو، جو سسئي جي مٿي تي اوڍيل ھو، جنھن جي ڪنڊ ڏار جي بند ٿيڻ مھل ٻاھر رھجي ويئي ھئي. ان دوران غار جي اندران سسئي پنھنجي ڀتار جو آواز ٻڌو ۽ ھي ڳايائين ٿي، جڏھن پنھون اڃا شش وپنج ۾ ڦاٿل ھو: ”اچ منھنجا پنھون ۽ پنھنجي ڊپ واري دل جو چيو نھ مڃ، اندر ھڪ باغيچو آهي، جتي قدرت ۽ فن ٻئي پاڻ ۾ مليل آھن. ھو اندر داخل ٿيو ۽ ڪيچ مڪران ۾ ھي قصو بيان ڪيو وڃي ٿو تھ ڪيئن پنھون پنھنجي محبوب سان مليو ۽ وري ٻيھر علحده ڪڏھن نھ ٿيندو.“ (2) بدنصيب سسئيءَ جيڪا واٽ ڀنڀور کان ڪڇ وڃڻ لاءِ اختيار ڪئي ھئي، اھو رستو سنڌ جي ڪوھستان واري ڏاکڻي حصي منجھان نڪري ٿو، ۽ ان ڏس ۾ پھريون وڏي ۾ وڏو پھاڙي سلسلو، جو کيس لتاڙڻو پيو ھوندو؛ اھو ’پٻ جبل‘ آھي جو لس ٻيلي ۾ آھي. پھاڙي علائقي جو اھو حصو جو سيوھڻ جي ڏکڻ ۾ آھي، اھو پار ڪرڻ، بنسبت اترئين ڪوھستان جي آسان آھي ۽ اھا کيرٿر پھاڙن جي فقط پڇڙي آھي، جيڪا ٽي ھزارن فوٽن جي بلنديءَ کي رسي ٿي، پر اھو سمورو حصو نھايت دلچسپ آھي. پھاڙن جي مٿان ٽالپر حڪمرانن جو عجيب وغريب قلعو آھي، جنھن کي ’رني ڪوٽ‘ چيو وڃي ٿو، جو ان غار نما ڏار جي مٿان آھي، جتي موھن نئن لڪي پھاڙن جي وچ مان ڦاٽي نڪري ٿي. اھو قلعو ڪڏھن بھ ماڻھن سان آباد نھ ٿيو آھي، ليڪن ڏيڍ سؤ سال اڳ جو تعمير ٿيل ھوندي بھ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ڄڻ تھ ھينئر ٺھي راس ٿيو آھي ۽ پنھنجي لشڪر کي آغوش ۾ وٺڻ لاءِ تيار بيٺو آھي. ھن علائقي جي ٻي خصوصيت آھي سندس چشما، جي سندس ماٿرين ۾ واقع آھن. جيڪي پيرآري، ڪائي، نئنگ، تونگ ۽ ٻين ھنڌن تي ڏسي سگھجن ٿا. چشمن جو پاڻي ونجھين ذريعي ورڇ ڪيو وڃي ٿو، جنھن لاءِ واري ڦيري جو سرشتو ڪتب آندو وڃي ٿو، ۽ اھڙي طرح ٻنين جي ڪافي اراضيءَ کي پاڻي رسايو وڃي ٿو. قديمي ماڻھن انھيءَ سبب اھڙن ھنڌن تي بستيون آباد ڪيون، جتي پاڻي وغيره جون قدرتي سھولتون ميسر ھيون، جيئن تھ نئن جي ڪنارن لڳ زمين، جتي دائمي طور پاڻيءَ جي رسد مھيا ٿي سگھي. ان مان ثابت ٿئي ٿو تھ گذريل زماني ۾ پھاڙي علائقن اندر زياده ماڻھن جي آبادي ھوندي ھئي، بنسبت ان جي جيڪو انداز اڄ ڪلھھ اتي رھندڙ آھي. ڇاڪاڻ تھ اڄ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بمشڪل دائمي ڳوٺ آباد آھن ۽ مون کي شڪ آھي تھ انھن مان بھ اڪثريت انھن ماڻھن جي آهي، جي موسم ۽ ڌنڌي جي مدنظر لڏپلاڻ ڪندڙ آھن ۽ ھي وسھڻ درست ٿيندو تھ انھيءَ پراڻي زماني ۾ سنڌ اندر ڪافي انداز ۾ باقاعدي برسات پوندڙ ھئي. ھن ڏاکڻي علائقي ۾ آباد قومن ۾ مکيھ آھن رند، کوسا ۽ گبول بلوچ. ھي قومون نومڙا يا برفت، جوکين، جکرن ۽ شورن سان ملڪ ۾ حصيدار آھن (شورن جو بنياد راجپوتن کان شروع ٿئي ٿو). اھو اندازو سندن عاليشان پٿرانوَن قبن جي ديوارن تي جي نقش اُڪريل آھن، تن جي نمونن مان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو، ۽ اھڙا قبا سموري ھيٺين علائقن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. انھن جي بناوت ۽ نقش جا نمونا اھڙا ئي آھن، جي جيسلمير شھر جي گھرن ۽ مندرن تي چٽسالي ۽ ڪاريگريءَ جا شاھڪار ڏٺا وڃن ٿا. اتر طرف جيڪو پھاڙي علائقو آھي، ان ۾ منھنجي چانڊين دوستن سان گڏ مري ٻروچ بھ ڀائيوار آھن. ڪجھھ تعداد ۾ گنجا ۽ ڇٽا پڻ ساڻن شامل آھن. آخري ڄاڻايل ٻھ قومون ڏکڻ ۾ پڻ رھائش پذير آھن، جن لاءِ انومان آھي تھ انھن قومن جا افراد اصلوڪي پھاڙي باشندن جو اولاد آھن، جي ھن سموري اراضي جا بنيادي طور رھاڪو ھئا ۽ ان وقت ۾ لس ٻيلو پڻ ھن علائقي ۾ شامل ھو، جنھن جو ڄام ھنن قومن جو سردار آھي ۽ ٻيلي ۾ رھندڙ آھي. سرد ھوا جي شروعات سان کيرٿر جا جيڪي بھ مکيھ لڪ آھن، جھڙوڪ ھرباب، ڦوسي، روھيل ۽ گاري، اھي سڀ بروھين جي ڪٽنبن سان ڀريل ھوندا، جي لاباري، مزدوري يا ٻئي روزگار خاطر سنڌ ڏانھن لڏپلاڻ ۾ مشغول ھوندا. سندن لاڏاڻ ڏسڻ وٽان آھي، سندن ننڍڙا ٻارڙا اٺن تي خطرناڪ نموني ۾ ويٺل، جي اٺ قافلي جي ٻين اٺن سان ھڪٻئي سان مھار ذريعي ٻڌل ھوندا آھن، ۽ سندن مٿان بسترا ۽ ٻيو سامان سٿيل ھوندو آھي ۽ جنھن جي چوٽيءَ تي ڪڪڙيون ويٺل ھونديون آھن، جن جي ھڪ ٽنگ پاکڙي سان قابو ٻڌل ھوندي آھي، ۽ اھي اُٺ جي ڏنگي ڦڏي رفتار تي پنھنجون کنڀڙاٽيون ڦڙڪائينديون رھنديون آھن، تھ جيئن سنئون سڌو ويھڻ قابل ٿي سگھن. اٺن جي قطارن سان گڏ مرد ماڻھو زياده تر پيرين پنڌ ھلندا رھندا آهن، جن سان گڏ ڪُتا، ٻڪريون ۽ ھڪ ٻھ گڏھيون ساڻ ھونديون آھن. عورتون جيڪي گڏھن تي سوار، ۽ سواري دوران سندن ھٿن ۾ ڏاس ھوندي آھي، جنھن کي وٽي ڦرڻيءَ سان ڌاڳو ٺاھينديون رھنديون آھن. مارچ جي پڄاڻيءَ کان اڳ ۾ ئي اھا لڏپلاڻ جي وير وري الٽي طرف وھڻ شروع ٿيندي، جڏھن ھو پنھنجن گھرن ڏانھن جھالاوان جي سرد دڙن ڏانھن رخ رکندا. ٻيا خانھ بدوش ماڻھو جن ۾ اڪثريت ٻروچن جي آھي، پنھنجا ڏاس جا ٺھيل طنبو، جن کي ’گدان‘ چيو ويندو آھي، ان ھنڌ ڪئمپ ڪندا رھندا، جتي سندن چوپائي مال يا ڌڻ لاءِ چراگاه ھوندا، ۽ اتان وري گڏھن تي خيما کڻندا، جڏھن سموري پسگرائي ٺوڙھي ٿي ويندي. انھن پاڻ سان گڏ ڦيش جا پتا آندا آھن، جن مان سندن عورتون وڪري لاءِ تڏا ٺاھينديون آھن. ڪنھن بھ ٻڪرار سان گفتگو شروع ڪر تھ ھو گھڻو ڪري پنھنجي ڪاٺ جي ٺھيل ناس جي دٻلي ڪڍي چپٽي ڀري اوھان کي آڇ ڪندو. مون ڪوھستان ۽ سندس ڪن رھاڪن جي باري ۾ جو ڪجھھ ڄاڻايو آھي، اھو ان زماني سان تعلق رکي ٿو، جڏھن ڪافي سال اڳ مون کين ڏٺو ھو، جڏھن آءٌ ھن مضمون جو خاتمو ھن اميد جي اظھار سان ڪريان تھ ڪوھستان ۾ اڃا سوڌو ڪا گھڻي تبديلي ڪانھ آئي ھوندي، تھ منھنجي اھا مدعا فقط انھيءَ باعث آھي تھ اھي ماڻھو منھنجي نقطئھ نگاه کان ايترو خوش ھئا، جو سندن جھڙا ماڻھو مون زندگيءَ ۾ نھ ڏٺا آھن. ممتاز مرزا جي ڪتاب.........................”سنڌ صدين کان“ مان ورتل
جواب: سنڌ جو پھاڙي علائقو ۽ سندس رھاڪو ادي تمام بهترين معلومات سان ڀرپور آرٽيڪل ونڊ ڪيو اٿوَ، سائين ممتاز جي هن تحقيقاتي آرٽيڪل سان اسان کي ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون خبر پيون آهن۔۔۔۔
جواب: سنڌ جو پھاڙي علائقو ۽ سندس رھاڪو تمام سٺي چونڊ آهي علي احمد بروهي صاحب جو ترجمو به بهترين نموني ڪيل آهي ۽ ايڇ ٽي ليمبرڪ جو انداز بيان به لاجواب، جنهن ۾ سنڌ جي هنن علائقن جو سير ۽ سٺي ڄاڻ مهيا ڪيل آهي۔ هڪڙو عرض ته هي ليک شايد سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ورتل آهي، تنهنڪري هميشه اهو خيال رکيو وڃي ته اتي ڪنورٽيڊ ٽيڪسٽ هوندي آهي جنهن کي جڏهن به ايم بي سنڌي ۾ آڻبو ته ه هميشه ڊبل ٿي ويندي آهي جنهن ڪري لفظ ته ” تهه “ لفظ نه ” نهه “ ۽ لفط به ” بهه“ پڙهڻ ۾ ايندو آهي جيڪو مٿين ليک مان واضح آهي۔ تنهنڪري ليک موڪلڻ کان اڳ ضروري ترميمون ڪرڻ گهرجن۔
جواب: سنڌ جو پھاڙي علائقو ۽ سندس رھاڪو ادا سليمان وساڻ توهان جي مهرباني جو توهان رهنمائي ڪئي باقي ليک ڪنهن ٻي سائيٽ تان ورتل آهي والسلام