ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي
ڏسو هي اسان جو پاڪستان آهي
هر روز ظلم جي نئين داستان آهي
هتي جيئڻ کان مرڻ آسان آهي
زنده لاشن جو قبرستان آهي
هي اسانجو پاڪستان آهي
جيڪو چور آهي سو زور آهي
ڪانءُ چوي ٿو هو مور آهي
بربريت ۽ ظلم جو دور آهي
جيئڻ کان مرڻ وڌيڪ آسان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
هر مقام تي ٿئي ٿي ناانصافي
ڪري ناانصافي گهرن ٿا معافي
گهُري معافي ظلم ڪن اضافي
ستايل هن جو سنڌ بلوچستان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
هرهڪ ادارو برباد آهي
پُڇُ ته ڄڻ ڪو مسلو ناهي
ڳجهه ٿي پئي مردار کائي
هر چور حڪمران آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
گهر کان نڪرون ٿا چئي الله بچائي
اوپرو ڪري سلام ته دل گهٻرائي
چُپ چڱي ڪير نه ڪنهن کي سمجهائي
هتي مسلمان جو قاتل مسلمان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
بچڻ جي ڪهڙي ڪجي اميد
قتل کي قاتل سمجهي عيد
انسانيت رُڃ، نفرت شديد
ٻڪري جو شينهن پاسبان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
قبر کوٽي انسان کي ٿو کائي انسان
اهڙو ڪم نه ڪيو ڪو ڪنهن حيوان
ڏسي اسان کي ڀڳو توبه ڪري شيطان
پوءِ به چوي پڪو اصلي مسلمان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ان گُلستان جو ڇا حال هوندو
اتي ٻوٽو ڪيئن جوان ٿيندو
گل ڦٽڻ کان پهريان پٽجي ويندو
هتي باغ جو دشمن باغبان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
قاتل کي ندامت نه شرم آهي
ماڻهون مارڻ به ڪو جرم آهي
نه خدا و رسول جو ڪو ڀرم آهي
سڌو سادو هتي پريشان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
وڏيرو سردار چوڌري ۽ خان
وس کان وڏا ظالم سي آهن
هر روز ظلم پيا ٿا وڌائن
سچ چوڻ وارو نادان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ڏاڍي کي ڪير نه ٿو سمجهائي
ان لاءِ نور ٿو پيو مور سڏائي
هر ڪو هن جي ها ۾ ٿو ها ملائي
گدڙ شينهن ، اسانجو اعلان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ڪمززور هر روز ڪمزور آهي
زوراور هر روز زور آهي
جيڪو چوڪيدار سو چور آهي
انسانيت تي ترس کاڌو حيوان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
خودڪشي ۽ خود سوزي عام آهي
عفت فروش و گرده فروش جام آهي
حڪمرانن جي رنگين صبح و شام آهي
دنيا ۾ ٻني هي اسان جي پهچان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
روئي هتڙي ڪهڙا سور روئجن
ڏاڏل سمجهو سڀ ڪجه ٿا سمجهن
اچو ٻوڙن کي هي ٻول ٻڌائجن
ڪنن وارو ته پهريان پريشان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
هر روز ظلم جي نئين داستان آهي
هتي جيئڻ کان مرڻ آسان آهي
زنده لاشن جو قبرستان آهي
هي اسانجو پاڪستان آهي
جيڪو چور آهي سو زور آهي
ڪانءُ چوي ٿو هو مور آهي
بربريت ۽ ظلم جو دور آهي
جيئڻ کان مرڻ وڌيڪ آسان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
هر مقام تي ٿئي ٿي ناانصافي
ڪري ناانصافي گهرن ٿا معافي
گهُري معافي ظلم ڪن اضافي
ستايل هن جو سنڌ بلوچستان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
هرهڪ ادارو برباد آهي
پُڇُ ته ڄڻ ڪو مسلو ناهي
ڳجهه ٿي پئي مردار کائي
هر چور حڪمران آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
گهر کان نڪرون ٿا چئي الله بچائي
اوپرو ڪري سلام ته دل گهٻرائي
چُپ چڱي ڪير نه ڪنهن کي سمجهائي
هتي مسلمان جو قاتل مسلمان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
بچڻ جي ڪهڙي ڪجي اميد
قتل کي قاتل سمجهي عيد
انسانيت رُڃ، نفرت شديد
ٻڪري جو شينهن پاسبان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
قبر کوٽي انسان کي ٿو کائي انسان
اهڙو ڪم نه ڪيو ڪو ڪنهن حيوان
ڏسي اسان کي ڀڳو توبه ڪري شيطان
پوءِ به چوي پڪو اصلي مسلمان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ان گُلستان جو ڇا حال هوندو
اتي ٻوٽو ڪيئن جوان ٿيندو
گل ڦٽڻ کان پهريان پٽجي ويندو
هتي باغ جو دشمن باغبان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
قاتل کي ندامت نه شرم آهي
ماڻهون مارڻ به ڪو جرم آهي
نه خدا و رسول جو ڪو ڀرم آهي
سڌو سادو هتي پريشان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
وڏيرو سردار چوڌري ۽ خان
وس کان وڏا ظالم سي آهن
هر روز ظلم پيا ٿا وڌائن
سچ چوڻ وارو نادان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ڏاڍي کي ڪير نه ٿو سمجهائي
ان لاءِ نور ٿو پيو مور سڏائي
هر ڪو هن جي ها ۾ ٿو ها ملائي
گدڙ شينهن ، اسانجو اعلان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
ڪمززور هر روز ڪمزور آهي
زوراور هر روز زور آهي
جيڪو چوڪيدار سو چور آهي
انسانيت تي ترس کاڌو حيوان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
خودڪشي ۽ خود سوزي عام آهي
عفت فروش و گرده فروش جام آهي
حڪمرانن جي رنگين صبح و شام آهي
دنيا ۾ ٻني هي اسان جي پهچان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي
روئي هتڙي ڪهڙا سور روئجن
ڏاڏل سمجهو سڀ ڪجه ٿا سمجهن
اچو ٻوڙن کي هي ٻول ٻڌائجن
ڪنن وارو ته پهريان پريشان آهي
هي اسان جو پاڪستان آهي