• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزدورن جو عالمي ڏينهن

عرس پريو

سينيئر رڪن
سعيد احمد سومرو (روزانه عبرت)

پ
هرين مهاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ صنعت تيزيءَ سان ترقي ڪئي. صنعت جي ان تيز رفتار ترقي سان گڏوگڏ مزدورن جون انجمنون وجود ۾ اچي ويون. دنيا جي پهرين باقاعده ٽريڊ يونين 1827ع ۾ فلاڊلفيا ۾ پندرنهن يونين کي ملائي ٺاهي وئي، جنهن کي يونين آف ٽريڊ ايسوسيئيشن جي نالي سان منظم ڪيو ويو. مزدورن جو سڀ کان پهريون مطالبو هيو ته ڪم جو اڻ ڄاڻايل مدو ختم ڪيو وڃي ۽ اهو مدو ڏينهن ۾ ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان وقت مزدورن کي 24 ڪلاڪن ۾ ارڙهن ڪلاڪن کان ويهه ڪلاڪ مزدوري ڪرڻي پوندي هئي. هر سرمائيدار جو پنهنجو پنهنجو ذاتي جيل هيو، جتي مزدورن سان جانورن کان بدتر سلوڪ ڪيو ويندو هو. مزدورن لاءِ کاڌ خوراڪ جو ڪو به مناسب بندوبست نه هيو. سرمائيدارن جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي مزدور پنهنجن جائز حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا، انهن جو سڀ کان اهم مطالبو ڪم ڪرڻ واري وقت کي گهٽائڻ هيو. ڪم ڪرڻ جي وقت کي گهٽائڻ جو اِهو مطالبو آهستي آهستي آمريڪا کانپوءِ دنيا ۾ زور وٺندو ويو. ان مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ 1861ع ۾ آمريڪا ۾ کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ بوائلر جا مزدور پاڻ ۾ متحد ٿي ويا. مزدورن جي ان اتحاد ٻين مزدورن ۾ همت پيدا ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1863ع ۾ آمريڪا ۾ ويهه مزدور انجمنون وجود ۾ اچي ويون ۽ ان جي ٻئي سال ٽيونجاهه وڌيڪ انجمنون قائم ٿي ويون. 1864ع ۾ سگريٽ ٺاهيندڙ ۽ سامونڊي جهازن جا مزدور ۽ 1865ع ۾ سِرون ٺاهيندڙ مزدور 1866ع ۾ کڏن تي ڪم ڪندڙ (سلڪ لومز) مزدورن ۽ ٽوپيون ٺاهيندڙ مزدور به متحد ٿي چڪا هيا.
20 آگسٽ 1866ع ۾بالٽي مور جي جاءِ تي آمريڪا جي سڀني مزدور يونين جا نمائندا ڪٺا ٿيا انهن سڀني نيشنل يونين آف ليبر جي نالي سان هڪ گڏيل تنظيم قائم ڪئي. سرمائيدارن کي اها ڳالهه نه وڻي، هنن پراڻن مزدورن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي نون، غير منظم ۽ ٻاهران آيل مزدورن کي ڪم ڏيڻ شروع ڪيو. پرڏيهه مان آيل مزدورن جي ڪري مقامي مزدورن ۾ بيچيني پيدا ٿي ۽ ان سان گڏ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيو.
1873ع جي خراب معاشي حالتن به مزدورن جي حالتن کي سخت نقصان پهچايو. بک ۽ بيروزگاري جو شڪار مزدور اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لاءِ مظاهرا ڪرڻ لڳا. اٺن ڪلاڪن جي ليگ جي نالي سان تنظيمون وجود ۾ اچڻ لڳيون. 1880ع ۾ يورپ، ڏکڻ ۽ لاطيني آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا ۾ به مزدور پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. 1882ع ۾ جپان ۾ ٽرام وَي جي ورڪرن هڪ زبردست هڙتال ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ مزدور ليڊر ”گومبرس“ جو نعرو ”مزدور هڪ ٿي وڃو“ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. 1884ع ۾ مزدورن جي فيڊريشن گڏيل جدوجهد لاءِ شڪاگو ۾ هڪ وڏو ڪنوينشن سڏايو. ان موقعي تي ڪيل هڙتال دنيا جي پهرين هڙتال ثابت ٿي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پهرين مئي 1886ع کان مزدورن جي ڪم ڪرڻ جو وقت ڏينهن ۾ اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان ڪنوينشن جي نتيجي ۾ 1884ع کان 1886ع تائين آمريڪا جي مختلف رياستن جي هڪ لک کان وڌيڪ مزدورن 22 هزار مختلف جاين تي ٽن هزارن کان مٿي هڙتالون ڪيون. صرف آمريڪا ۾ پنج هزار هڙتالون هلي رهيون هيون، جنهن ۾ تقريبن 3 لک 50 هزار مزدور حصو وٺي رهيا هئا. 1885ع ۾ روس جي شهر ماسڪو ۾ ۽ 1886ع ۾ فرانس ۾ ٿيل هڙتالون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. حڪومت سرمائيدارن جو ساٿ ڏنو ۽ مزدورن جي مطالبن کي ڪا به اهميت نه ڏني.
ان وقت شڪاگو هڪ وڏي صنعتي شهر سان گڏوگڏ مزدور تحريڪ جو مرڪز به هيو. پهرين مئي 1886ع تي اسڪارپ هار ويسٽر ڪمپنيءَ شڪاگو ۾هڙتال شروع ڪئي جنهن ۾ پنجاهه هزار مزدورن حصو ورتو. سرمائيدارن ان هڙتال کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو فلاڊلفيا، مل والڪي- سينٽ لوئيس- ڪنٽيڪي، بالٽي مور، واشنگٽن، نيويارڪ ۽ هوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾ لکين مزدور روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا. هنن پنهنجن حقن لاءِ مظاهرا ڪيا ۽ جلوس ڪڍيا. انهن احتجاجي مظاهرن تي سرمائيدارن ۽ حڪومت جي اشارن تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڪئي مزدور مارجي ويا. سرمائيدار ۽ حڪومت مزدورن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هيا ۽ مزدور پنهنجن جائز حقن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هيا. ٽين ڏينهن يعني 3 مئي تي شڪاگو ۾ لکين مزدور احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ٿيا. انهن تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. ان واقعي جي خلاف 4 مئي تي احتجاج جو ڏينهن ملهايو ويو. جلسي جي دوران هڪ پوليس واري جلسي ۾ اچي جلسي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻي پوليس واري منصوبي جي تحت دستي بم اڇلايو جنهن ۾ هڪ سارجنٽ مارجي ويو. ان واقعي کي اُنڊ (جواز) بڻائي پوليس هڪ پرامن ريلي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ شڪاگو جي زمين مزدورن جي رت سان رڱجي وئي. وڌيڪ ستم اهو ٿيو جو ان سڄي واقعي جي ذميداري مزدورن تي مڙهي وئي. سزا طور پنجن مزدورن کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ ٻن کي جنم قيد جي سزا ڏني وئي. مزدور ان ظلم ۽ ستم کان نه ڊنا بلڪه پنهنجي تحريڪ جاري رکي. شڪاگو جو جيل بيگناهه مزدورن سان ڀرجي ويو. قيد دوران مزدورن تي بي پناهه ۽ انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيئي مزدور مري ويا. مزدورن ۽ مالڪن جيان ڪشمڪش ۾ ڪيئي جانيون ضايع ٿي ويون. مزدور حق تي هيا چوندا آهن ته ظلم جڏهن حد کان وڌي وڃي ته پاڻهي ختم ٿي ويندو آهي ۽ ائين ئي ٿيو مزدور پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سرمائيدار ۽ انهن جو ظلم هارائي ويا ۽ سوڀ مزدورن جا قدم چميا.
شڪاگو جي ان واقعي کانپوءِ مظلوم مزدورن جو پهريون جلسو 17 اپريل 1886ع تي ٿيو. ان واقعي جو پڙاڏو پوري دنيا ۾ پهتو ۽ سڄي دنيا جي مزدورن آمريڪا جي مزدورن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو، بعد ۾ حڪومت ان سڄي واقعي جي ڪري معافي ورتي ۽ ڦاسي ۽ جنم قيد جي عمل کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو.
1888ع ۾ هڪ يونين طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مزدورن جو ڪم ڪرڻ جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي ۽ هر سال 10 فيبروري تي سڀني يونين روزانو 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي حق ۾ مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.1889ع تي ڪانگريس پهرين مئي تي مزدورن جي ڏينهن کي پوري دنيا ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.
اپريل 1890ع ۾ چيڪو سلواڪيا ۾ 30 هزار ڪارڪنن هڙتال ڪئي ۽ اِهو سلسلو جاري رهيو. پهرين مئي 1890ع تي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو مزدورن جو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ سڄي دنيا جي لکين مزدورن حصو ورتو ۽ پنهنجي ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪيو. اڄ تائين سڄي دنيا جا مزدور پهرين مئي تي مزدورن جو ڏينهن عزم۽ حوصلي سان ملهائيندا اچن ٿا. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ 1919ع ۾ آءِ ايل او (دنيا جي مزدورن جي گڏيل تنظيم) وجود ۾ آئي ۽ مزدورن جي ٻين مطالبن سان گڏ روزانو اٺ ڪلاڪ مزدوري جو وقت تسليم ڪيو ويو.
 
جواب: مزدورن جو عالمي ڏينهن

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ سلامت پاران مزدورن کي سلام

شڪاگو جي شهيدن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي، پنهنجي مزدور ڀائرن ۽ ايندڙ نسلن لاء هڪ راه هموار ڪري ويا۔
 
جواب: مزدورن جو عالمي ڏينهن

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ سلامت پاران مزدورن کي سلام شڪاگو جي شهيدن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي، پنهنجي مزدور ڀائرن ۽ ايندڙ نسلن لاء هڪ راه هموار ڪري ويا۔

ڀاءُ ممتاز علي وگهيو توهان جي هي تحرير پڻ حسبِ روايت انتهائي بهترين، مفصل ۽ مڪمل آهي۔۔۔ ٻيو ته موقعي جي مناسبت سان لڳائي توهان سنڌ سلامت جو فرض ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
گورنمينٽ جي اعلان موجب هڪ مزدور جي خاندان (زال، مڙس ۽ ٻه ٻار) لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار (منيمم ويج) ڇهه هزار روپيا آهي۔۔۔ڇا هن معمولي رقم مان هن ظالم مهانگائي جي دور ۾ هڪ مزدور صرف پيٽ جو گذارو ڪري سگهندو آهي۔۔۔؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڏيڻ کان اٽو، لٽو ۽ اجهو جو نعرو هڻي ووٽ وٺندڙ اسان جي موجوده حڪومت جا حڪمران پڻ لنوائين ٿا۔۔۔۔مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اهو سوال پڻ اهم آهي ته مزدور جيڪو روز ڪمائي ۽ کائي ٿو جي روزاني جي ڏيهاڙي ڪيتري هجڻ گهرجي۔۔۔۔؟
ادا رشيد، بيشڪ ادو ممتاز کوجي ٿيندو پيو وڃي ۽ سندس هر تحرير پڙهڻ وٺان هوندي آهي ۔۔۔ مٿان وري ڦوٽا ۽ وڊيوز جي مدد سان ڳالهه کي مڪمل ڪري اسانکي لاجواب ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔ تمام سٺي ڳالهه ۔۔۔باقي جيڪو سوال آهي ته مزدور جي پگهار ڇا هئڻ گهرجي ته ۔۔۔ بيشڪ پوري دنيا ۾ هي جيڪا ترقي آهي ۽ انسان جو ڪمال نظر اچي ٿو سو آهي انجنيئرنگ جي بدولت ۽ انجنيئرنگ وري ڪارڪنن (مزدورن) کان بغير ڪجهه به ناهي ۔۔۔ هي سڄو ڪمال جيڪو نظر اچي ٿو اهو مزدور جي هٿن جو ئي جلوو آهي ۔۔۔هر قوم جي مزدور جي حيثيت ان قوم جي حالتن تي منحصر هوندي آهي ۔۔۔ جي قوم ترقي يافته ۽ خوشحال هوندي ته مزدور به ترقي يافته اوزارن سان گڏ خوشحال هوندو ۽ سندس پگهار ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه ڪافي هوندي آهي ۔۔۔ انهن قومن وٽ محنت جو معاوضو ۽ زندگي جي ضروريات جون شيون اهڙي طرح ته سلهاڙيل هونديون آهن جو اهي مزدور جي پهچ تائين هونديون آهن ۔۔۔ ۽ هو پنهنجي روزمرهه جي ڪمائي مان ڪجهه پاڇي ڪري اهي شيون حاصل ڪري وٺندو آهي ۔۔۔
مثال : سعودي عرب ۾ هڪ سٺو ڪمائو مزدور 2000 هزار ريالن تائين ڪمائي ٿو ۽ جي چاهي ته انکان به وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو ۔۔۔ هاڻ جي مزدور ڪلاس جي رهائش جو ڪرايو 500 ريال بجلي سميت آهي ۽ مهيني ۾ هزار ريال راشن ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري ته به 500 ريال بچائي سگهي ٿو ۔۔۔ انهن ماهوار پنجن سون جي بچت مان هو ٻن ٽن مهينن ۾ ايئرڪنڊيشن وٺندو ۔۔۔ ايندڙ ٻن مهينن جي بچت ۾ گهر جو فرنيچر ۔۔۔ انکانپوٌ فرج، انکانپوءِ ٽي وي ۔۔۔ ۽ اڃان ڪجهه وڌيڪ مهينا بچت ڪري ڪار پڻ وٺي سگهي ٿو ۔۔۔ مطلب ته هڪ مزدور به پنهنجي زندگيءَ ۾ اميرن جهڙيون سهولتون نه ئي سهي پر پوءِ به آرام سان رهڻ جهڙو ٿي وڃي ٿو ۔۔۔هاڻ پاڻ ڀيٽ ڪريو پاڪستان جي مزدور جي ۽ ترقي يافته ملڪن جي مزدور جي ۔۔۔ هي ته مون مثال سعوديءُ جو ڏنو آهي ۔۔۔ اڃان ٻيا ملڪ سعوديءَ کان گهڻو بهتر آهن ۔۔۔وڌيڪ دوست پاڻ سياڻا آهن ۔۔۔ باقي ادا پاڪستان ۾ مزدور جي حالت بدلبي ۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي منهنجي حياتيءَ ۾ ته ڪا اميد ناهي ۔۔۔ يا وري حالتون ايئن ئي رهيون ته ڪجهه عرصي اندر اٿوپيا واري حالت هوندي يا وري اهڙي بغاوت جيڪا سڀ ڪجهه وهائي ويندي ۔۔۔ انشاء الله

تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي
تون ڪوڪ سڻين ٿوڪوئلجي مان پيٽ بکايل ٻارنجي​

ارشد رباني آهي ( لقدخلقناالانسان في ڪبد )سوره البلد (تحقيق اسان انسان کي مشقت ۾ پيدا ڪيو آهي.) ان مان اهيو معلوم ٿئي ٿو ته محنت مشقت ڏک، ڏاکڙا، پاڻ پتوڙڻ جدو جهد ڪرڻ ، محنت مزدوري ڪرڻ انسان جي اصليت ۾ شامل آهي، محنت مزدوري ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي، محنت مزدوري لاء ته اهيو چيو ويو آهي ته ( الڪاسب حبيب الله) محنت مزدوري ڪندڙ الله جو دوست آهي، ۽ محنت مزدوري ته اسان جي پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن به ڪئي آهي، پراهيو به سچ آهي ته هميشه مزدور سان ظلم ۽ ڏاڍ رهندو پيواچي جڏهن ته اسان جي مذهب اسلام ته اهيو چيو آهي، ته مزدور جي مزدوري سندس پگهر سڪڻ کان به پهرين ادا ڪئي وڃي، ۽ جيڪو پاڻ کائو اهو ملازم ( مزدور) کي کارايون، جيڪوپاڻ پهريو اهو (ملازم ) مزدور کي پهرايو، ادا مزدور هميشه کان وٺي پيسندو ئي رهيو آهي، ۽ هميشه صرف مزدور جو ڏينهن ئي ملهايو ويندو آهي پر مزدور جا مسئلا ڪڏهن به حل ناهن ٿيا، حڪومت هميشه گورنمنٽ جي ملازمن جون ته پگهارون وڏي پيماني تي وڌائيندي رهندي آهي، مگر ويچارا پرائيويٽ هميشه جيئان پگهار وڌڻ لاء واجهائيندا رهندا آهن، پوئين سال ته حڪومت مزدور جي پگهار ست هزار رپيا ڪري پنهنجي حساب سان وڏو ڪانامو ڪيو هو، جيڪو سندن روز جي خرچ جو سوئون حصو آهي، جنهن ۾ مزدور پنهنجو پيٽ به پالي نه ٿو سگهي ته باقي خرچ ڪٿان پورا ڪندو، ڏسون ته هن ڀيري حڪومت ڪهڙو ٿي ڪارنامو انجام ڏئي ۽ مزدور جي پگهار ڪيتري ٿي واڌ کائي، ساٿيو پوئين سال مون مزدور ڏينهن جي حوالي سان هڪ رپورٽ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪئي هئي جنهن کي پڻ پسند ڪيو ويو هو، جنهن رپورٽ جي تعريف به ڪئي وئي هئي جنهن جا ڪمينٽس مٿي پڻ ڏنل آهن۔ جنهن کي ڏسڻ لاء توهان هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔ مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور




 
جواب: مزدورن جو عالمي ڏينهن

دنيا جي سڀني مزدورن کي عظمت ڀريو سلام ۔۔۔ سلام انهن هٿن کي جن جي هٿن مان پٿر به هيرا ٿي پوندا آهن، سلام آهي انهن هٿن کي جن جي هٿن سان مٽيءَ مان محل کڙا ٿين ٿا ۔۔۔ سلام انهن هٿن کي جن جي هلڻ سان مشينون هلن ٿيون ۽ دنيا ۾ هر روز اهڙيون شيون اچن ٿيون جن سان انسان جي زندگيءَ ۾ آسانيون پئدا ٿين ٿيون ۔۔۔

مزدور الله جو دوست آهي، سندس ڪم دوران جسم جي پگهر جي خوشبو انسان جي دنيا جي ترقيءَ جي ضامن آهي ۔۔۔

اسين دعا ڪريون ٿا ته سنڌ آزاد ٿئي ته سنڌ ۾ به مشينون لڳن، ڪارخانا کلن ۽ سنڌي به دنيا جي ترقي يافته مزدورن سان مالا مال ٿئي، ڇاڪاڻ جنهن قوم وٽ مزدور ناهن ته سمجهو اها قوم نه ته ترقي ڪندي ۽ نه وري ڪنهن مقابلي ۾ شامل ٿي سگهندي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top