دشمن جي ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڻ نه وڍيو! امر لغاري [JUSTIFY]مان چاهيان ٿو ته توهان سڀ هيءُ مضمون پڙهو. توهان عام استاد کي ڀلي برو ڀلو چئو، پر هيءُ مضمون ضرور پڙهو! مضمون پڙهڻ کان اڳ اهو نه سوچيو ته مان ايئن ڇو پيو لکان ته اسڪولن کي پرائيويٽ ٿيڻ کان بچايو. تعليم کي وڪرو ٿيڻ کان بچايو.جيتوڻيڪ اهو مُلن، وڏيرن، جاگيردارن، صنعتڪارن، ڀتاخورن، سپهه سالارن، صنعتڪارن جو مسئلو ناهي، پر توهان اسان، هارين نارين، پورهيتن، ريڍارن ٻڪرارن، دڪاندارن، پوليس وارن، ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ انهن سڀني ماڻهن جو مسئلو آهي، جيڪي تعليم پئسي سان خريدي نٿا سگھن. تازو توهان اهو ضرور ٻڌو هوندو ته حڪومت اعليٰ تعليم جي ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري ”هيڪ“ جا فنڊ گھٽائي ڇڏيا آهن، هيڪ وري يونيورسٽين کي پئسا ڏيڻ روڪي ڇڏيا آهن. ”هيڪ“ يونيورسٽين کي اهو چيو آهي ته پنهنجا پئسا پاڻ پئدا ڪيو. مطلب ته شاگردن جي فين ۾ واڌ ڪيو پر پنهنجون پگھارون ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيو. اهو ايئن آهي جيئن پرائيويٽ اسڪولن ۾ هوندو آهي. ٻارن جي فين مان پگارون ۽ اسڪول جو ٻيو خرچ هلندو آهي. اوهان ٻڌو هوندو ته سڀ کان پهريان ان جي شروعات توهان ۽ اسان جا ٻار پڙهائيندڙ مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڪئي وئي آهي. ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ کي اهڙي شروعات ڪرڻ کپندي هئي؟ خاص ڪري ان ويل جڏهن ٻين يونيورسٽين فيون وڌائڻ کان انڪار ڪيو هو. اهو سڀ ڪجھه سنڌ ۾ آخر ڇو ٿو ٿئي؟ شايد انڪري جو اسان جو سنڌي سياستدان ۽ ڪامورو (ٿورڙن کان سواءِ) پنهنجي سيٽ پڪي ڪرڻ خاطر توهان کي باهه ۾ ساڙائي به ڇڏيندو، توهان کي درياهه جي خطرناڪ ٻوڏ ۾ ٻوڙائي به ڇڏيندو. سنڌ يونيورسٽيءَ جيڪي فيون وڌايون، يونيورسٽيءَ جي استادن کي ان تي اعتراض ڪرڻ کپندو هو. استادن جون پگھارون ضرور وڌڻ کپن پر رڳو ان ڳالهه ڪري خاموش ويهڻ مناسب نه هو. ان جو سڄو نزلو توهان اسان جهڙي ان مخلوق تي ڪريو، جنهن پنهنجي ڪمائيءَ جو اڌ ٻچن جي جهڙي تهڙي روٽي روزيءَ تي خرچ ٿي ڪيو ته اڌ ٻار کي ڏيئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿي پڙهايو. يونيورسٽيءَ پنهنجي فين ۾ جيڪو گردن ٽوڙ اضافو ڪيو اهو ان کي ڦٻي ويو. اسان جهڙي ملڪ ۾ جتي درياهن ۾ چاڙهه سبب اڌ آبادي دربدر ٿيو وڃي ۽ ان کي سنڀالڻ جو رياست ۾ دم ئي نه هجي، اتي يونيورسٽين ۾ داخلا توڙي امتحاني فين ۾ ٽي سئو فيصد اضافو ڪرڻ انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي. ان اعلان عام ماڻهوءَ کي ڪيڏو نه تنگيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪيو اهو پيو وڃي ته اعلى تعليم ۽ پرائمري تعليم کي تمام تيزيءَ سان پئسن سان پرائڻ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪري متبادل طور پرائيويٽ ۽ سنڌ ايجوڪيشن جا نام نهاد اسڪول آندا پيا وڃن ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جي نه هجڻ ڪري ماڻهو ان طرف وڃي پئسا ڏيئي تعليم پرائين. هن وقت هر شهر ۾ سرڪاري اسڪولن کان پرائيويٽ اسڪول ڏهوڻ تي وڌيڪ آهن، جتي ٻارن جي حاضري سئو فيصد، استادن جي حاضري سئو فيصد ۽ تعليمي معيار (جي ٻار کي گھر ٽيوشن نه پڙهايو ته) زيرو! سرڪاري اسڪولن مان ڪن ۾ نه استاد آهي، نه ٻار آهن، پر بلڊنگ بيٺي آهي. ڪاغذن ۾ اسڪول هلي پيو. ٻين مان ڪن ۾ ٻار آهن ته استاد نٿو اچي. اڃا به ٽين ڪيٽيگريءَ ۾ استاد به موجود آهي ۽ ٻار موجود آهن، پر استاد پڙهائڻ کان ٺُٺيو ڪڍيو ويٺا آهن. نتيجو اهو پيو نڪري ته جتي ٿورڙي به پڙهائي آهي، اتي ٻار بنا ڪنهن ٽيوشن پڙهڻ جي هاءِ اسڪولن کي فيڊ ڪن پيا. باقي جتي مٿيون ٽيئي نشانيون موجود آهن، اتي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي. تمام ٿورا ماڻهو اتان پنهنجن ٻارن کي ڪڍرائي پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ٿا، ڇو ته ماڻهو پرائيويٽ اسڪولن جي ماهانه فيس برداشت ڪري نٿا سگھن. پر ان جي باوجود شهري طبقي پرائيويٽ اسڪولن کي تيزيءَ سان قبول ڪري ورتو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته شهري طبقي ۾ اڪثريت ننڍن ننڍن دڪاندارن، ريڙهي وارن، ڪلارڪن، ننڍن ملازمن ۽ واپارين جي هوندي آهي. انهن مان ريڙهي وارن کي ڇڏي باقي اکيون ٻوٽي پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ موڪلي ڇڏيندا آهن. جن کي پهريان اهي اسڪولن وارا پريپ، نرسري ۽ ڪي- جي جي چڪرن ۾ الجھائي ڦريندا رهندا آهن. بعد ۾ ڪلاس پهريون شروع ٿيندو آهي. هنن اسڪولن جي استادن جي تعليم گھڻو ڪري مئٽرڪ ئي هوندي آهي. جي ڪنهن اسڪول کي تمام ٿورڙي پگھار تي انٽر پاس ڇوڪرو ملي ويو ته اهو سٺن اسڪولن ۾ ليکبو. استاد جي تعليمي قابليت جي اهميت نه هوندي آهي، پر استاد لاءِ مڪمل حاضري ڏيڻ ۽ ٿوري پگھار تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيڻ لازمي هوندو آهي. انڪري پرائيويٽ اسڪولن جي استادن جو پڙهايل ٻار لازمي طور ٽيوٽر جي ڊيمانڊ ڪندو. انڪري توهان کي ٻن جاين تي پئسا ڏيڻا پوندا. هڪ اسڪول جي فيس ۽ ٻيو ٽيوٽر جي فيس، ٽيوشن به سڄو سال هلندي! توهان مان گھڻن کي اهو ٻڌي شايد حيرت نه ٿئي ته توهان اسان وچ ۾ هڪ اهڙي مخلوق يا طبقو به موجود آهي، جيڪو اسان مٿان حڪومت ڪري ٿو. اهو طبقو سدائين حڪومت ۾ ئي هوندو آهي. جي حڪومت ۾ نه به هوندو آهي ته به حڪومت جو نه نظر ايندڙ حصو هوندو آهي. اهو طبقو مراعات يافته يا امير طبقو آهي. ان ۾ سپهه سالارن کان ويندي رئيس، وڏيرا، چوڌري، صنعتڪار، زميندار، ڪامورا، قومي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مراعات يافته اينڪرز وغيره شامل آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ خانداني رشتن، زمينن، ملڪيتن، سياست، واپار ۽ ٻين مفادن ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. انهن گڏجي پنهنجي ٻارن لاءِ الڳ تعليمي ادار کولي رکياآهن جتي هيٺين طبقي جي ٻار کي اتي پهچڻ کان روڪڻ لاءِ گردن ٽوڙ فيون لاڳو ڪيون ويون آهن. ملڪ جي طبعي سرحدن جي محافظن پنهنجن ٻارن لاءِ هر ضلعي اندر پنهنجا ٽي ٽي اسڪول نرسريءَ کان ٻارهين درجي تائين کولي رکيا آهن، جتي اعلى تعليم يافته استاد مقرر ٿيل آهن ۽ انهن کي پگھارون به سرڪاري پگھارن جيتريون ۽ ڪٿي ڪٿي وڌيڪ ڏنيون وڃن ٿيون. انهن ئي اسڪولن ۾ عام ماڻهن لاءِ ڪي ڏهه پرسنٽ سيٽون رکيل آهن. جن تي ظاهر آهي ته فين جي ڪري عام ماڻهوءَ جو ٻار نٿو پڙهي سگھي. انڪري اهي سيٽون في مهينو هڪ هزار کان مٿي برداشت ڪندڙ ماڻهوءَ مثال طور : ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪامورا، وڏيرا، سياستدان ۽ سکيا ستابا دڪاندار يا واپاري پُر ڪن ٿا. ٻئي طرف انهن امير ماڻهن لاءِ بيڪن هائوس، ناليج سينٽر، سينٽ بونا وينچر وغيره وغيره جهڙا اسڪول کوليا ويا آهن، جن جو ٽارگيٽ ئي اميرن جا ٻار آهن. ٻين لفظن ۾ اهڙا بندوبست فقط هن طبقي لاءِ ئي ڪيل آهن. جيئن هتي به رستا روڪ ڪري تعليمي ميدان ۾ به حاڪم ۽ محڪوم طبقا پئدا ڪيا وڃن. هاڻ توهان پاڻ سوچو ته هن ملڪ ۾ مزور ۽ ڪارخانيدار ، هاري ۽ زميندار ، ڪاموري ۽ ڪلارڪ ، فوجي ۽ غير فوجي، مُلي ۽ مواليءَ جي ٻار جي لاءِ الڳ الڳ تعليم جو بندوبست يا نظام ڇو آهي؟ پرائيويٽ تعليم، تعليم ذريعي طبقات پئدا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. اها گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. توهان کي خبر آهي ته توهان جي وزارتن ۾ ويٺل وزيرن توڙي آفيسرن جا ٻار ڪٿي ٿا پڙهن؟ هيڊ ماسترن کي ته ڌمڪي ڏني ٿي وڃي ته جي تون پنهنجو ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه پڙهائيندين ته توکي بدلي ڪيو ويندو، پر ڪنهن ڪڏهن وزير کان پڇيو آهي ته ”تنهنجا ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ ٿا پڙهن؟“ اهي ڌمڪيون فقط توهان اسان لاءِ ڇو آهن؟ ڪيڏو نه چڱو ٿئي جو سنڌ اسيمبليءَ جا سڀئي سرڪاري بئنچن تي ويٺل ميمبر اهو اعلان ڪن ته اڄ کان اسان جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا. ان کان وڌيڪ ڀلو تڏهن ٿئي جڏهن گھٽ ۾ گھٽ ڪو هڪ وزير سرڪاري بئنچن تي بيهي اهڙو انڪشاف ڪري ته هن جو ٻار سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهندو آهي! سو، پيارا دوستو، پورهيتو، هي وزيرن ۽ مشيرن جا بيان، تعليم جي سڌاري جون ڳالهيون، هي روز جا ايڊوينچر ۽ اخباري بيان، نعريبازيءَ کانسواءِ ڪجھه به ناهن. ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سئو ٻيا ڪوڙ هڻڻا ٿا پون. مزي جي ڳالهه ته جيڪي گوسڙو ۽ نه پڙهائيندڙ آهن، سي يا ته ڊيپوٽيشنز تي ويٺل آهن يا وري ڪامورن ۽ وڏيرن جي ڀر مان جھاتيون پايو ويٺا پنهنجا ڌنڌا ڪن. اِي ڊي اوز ۽ اي ڊي اوز، ڊي اي اوز جي مقرري ڪنهن جي سفارش تي ٿئي ٿي، سڀني کي خبر آهي! تعليم کاتي ۾ سياسي پارٽين جي اثر رسوخ ۽ وڏيرن جي مداخلت جا سوين قصا مشهور آهن. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي حقيقت ٿيندي موڪل تي رواني ٿيل محترمه ناهيد شاهه (سيڪريٽري ايڊيوڪيشن) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي اڳيان هر ڳالهه کولي ٻڌائي ٿي ته اسان سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ ۾ ڪيتري حد تائين ملوث آهيون. سنڌي سڏائي، سنڌ جون قسمون کائي، سنڌ جي معصوم ٻارڙن جي تعليم جا پيسا لگزري گاڏين، ايئرڪنڊيشنن، ريفريجريٽرن ۽ ٻين فضول ڪمن ۾ وڃائي، پوءِ چئون ته ”اسان سنڌ ۾ تعليم آڻي ڇڏينداسين.“ اهو ڪيئن ممڪن آهي! ڪٿان ايندي سئو سيڪڙو تعليم، جڏهن سياستدانن جي اوطاق جي بجليءَ جو بل ۽ چانهن ۽ مانيءَ جو خرچ تعلقي جو تعليم آفيسر ڀريندو؟ ڪٿان ٿيندي سنڌ ۾ سئو سيڪڙو تعليم، جڏهن استاد جي سروس اسٽرڪچر کي سڌارڻ بجاءِ کيس نوڪريءَ مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون؟ جڏهن استاد سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ سنڌ جي استاد جي نوڪريءَ جو تحفظ ٿو گھري ته انهن تي ليبل لڳايو ٿو وڃي. سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين تي استاد نه ماضيءَ ۾ چپ ڪري ويٺو هو نه هاڻ ڪندو. سنڌ جي استاد جو وجود سنڌي ٻوليءَ جي وجود سان سلهاڙيل آهي، جتي به ان کي خطرو ٿيندو استاد روڊن تي ايندو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ ئي استاد سياست سکيو آهي. هونءَ به جي استاد سياست نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟ استاد سياست جو ابو آهي. تعليم جي نالي تي عالمي بينڪ جو اربين روپين جو گيهه ۽ ڪڻڪ کائيندڙ اسان جا ڪجھه استاد۽ ڪامورا، عام ماڻهن جو ڌيان تعليم جي تباهي، رشوت خوري، ڪرپشن تان هٽائڻ لاءِ روز تعليمي سجاڳيءَ جون ريليون ڪڍندا ٿا وتن. انهن ريلين ۽ مارچن پٺيان اصل ڪهاڻي اُهي پئسا آهن جيڪي سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو حقيقي سڌارا آڻڻ بجاءِ چانهن بسڪٽن تي وڃائي رهيو آهي. عالمي بينڪ تعليمي نظام ۽ سلئبس جي سڌاري لاءِ جيڪي پيسا ڏنا اهي ڪٿي آهن؟ ڇا استادن کي پروموشنن کان سال سال پوءِ به پوسٽنگ آڊرن لاءِ ساڳئي اسڪيل ۾ ويهاري ويهڻ سان تعليم سڌرندي؟ ڇا تعليم هڪڙن استادن کي ٽائم اسڪيل ڏيڻ ۽ ٻين کي نه ڏيڻ سان سڌرندي؟ ڇا تعليم عقل ۽ مشاورت جي بجاءِ ضد ڪرڻ سان سڌرندي؟ سڀ کان وڌيڪ اهو ته سنڌ حڪومت وٽ اميرن جي ٻارن کي پڙهائيندڙ هزارين روپيا فيون وصول ڪندڙ پرائيويٽ ادارن کي ڏيڻ لاءِ پنج پنج (5-5 ) ڪروڙ روپيا آهن، پر ڪاليجي استادن لاءِ ٽائيم اسڪيل جي مد ۾ ڇهه ڪروڙ ساليانه ناهن، جيڪي سنڌ جي پوئتي پيل مسڪين ماڻهن جا ٻار پڙهائي انهن کي اڳتي وڌائين ٿا؟ گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي موجوده عوامي قيادت کي ايئن ڪرڻ نه گھرجي! ڏسي وائسي وڻ جي ان ٽار کي وڍڻ نه گھرجي، جنهن تي سنڌ جي مستقبل جو ميوو لڳل آهي![/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: دشمن جي ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڻ نه وڍيو! (تعليمي ماحول تي لکيل) ادا وساڻ امر لغاري صاحب تمام دردمندي ۽ سنڌي دوستيءَ جي جذبي سان هي ليک لکيو آهي ۔۔۔ پر افسوس جو هي ليک عام ماڻهون پڙهندو ڪون ۽ پڙهندو ته ان کي هڪ عام ڳالهه سمجهي پڙهندو ويندو ۽ ذهن مان ڪڍندو ويندو ، هي مٿي جملو جيڪو مون ڪوڊ ڪيو آهي، ان جي خبر ته گذريل 40 سالن کان اسان سنڌين کي آهي ۔۔۔ دنيا جون قومون گذريل 40 سالن ۾ ڪٿان کان ڪٿي پهتون آهن پر سنڌي قوم بجاءِ ترقي ڪرڻ جي اڃان کاهيءَ ۾ ڪرندي وڃي ۔۔۔۔ ان جي سببن تي غور سان سوچيو ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۔۔۔۔۔“ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به جيتوڻيڪ سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ هئي پر اهڙي بڇڙي حالت نه هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جو سنڌي مسلمانن پنهنجي ئي قوم کي کائڻ، چٽڻ ۽ لٽڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جا رڪارڊ گڏ ڪجن ته حيرت ۾ وات ڦاٽي ويندو ۔۔۔ سو ڇو؟ ڳالهه ذري ڪوڙي آهي پر آهي حقيقت ته سنڌي مسلمان ڀاڙ جو تنمبو ۽ حد درجي جو بي ايمان آهي ۔۔۔ نه ايمان ڪامل اٿس نه ئي وري قوم سان سچائي اٿس ۔۔۔ هيٺيون طبقو تعليم کان وانجهيل مسڪين آهي ته مٿيون طبقو تعليم يافته ڌاڙيل آهي ۔۔۔ الامان بس ڙي ادا سليمان نه پڇ ۔۔۔ هاڻ ته سنڌي قوم کي گارين ڏيڻ تي دل ٿي چئي ۔۔۔ ڪڇان ته ڪافر ٿيان ۔۔۔
جواب: دشمن جي ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڻ نه وڍيو! (تعليمي ماحول تي لکيل) يار سليمان پر مهنجي خيال ۾ اهو ٽايٽل صحيح نه آهي هتي ته ڪهاڙي به اسان جي پهنجي آهي ۽ وڻ ۽ اهو نسل به اسان جو پهنجو آهي چوندا آهين ته جي ڪنهن قوم کي ڪمزور بڻائڻو هجي ته انهن کي تعليمي حساب سان پست ڪيو سو هتي به اسان پهنجي ؤ نسل کي پاڻ ڪڏنهن هڙتالن جي جي بهاني ته ڪڏنهن ڪلاس بائيڪاٽ جي ذريعي ته ڪڏنهن جهيڙي جي ذريعي ته ڪڏنهن ڪنهن ڪاموري جي مفاد کي نقصان ملڻ جي بهاني پهنجي ۽ قوم ۽ پهنجي ئي نسل کي پيا علمي حوالي سان پست ڪيون سو ڪهاڙي به اسان جي پهنجي آهي ڪو دشمن اچي اسان کي ڪو نه ٿو چوي ته اسان يونيورسٽن ۾ دادا گروپ بڻايون غندا گردي ڪيون جي ڪو اهاو چاهي به ٿو ته سنڌ تعليمي لحاظ کان پست هجي ته اسان جيڪي هيڏا پڙهيل لکيل ۽ پاڻ کي عقل جا اڪابر ٿا سڏايون انهن کي اها سوچ ڇو ٿي اچي ته ڪٿي اسان شعوري يا اڻ شعوري طورتي تي ڪٿي دشمن جو هٿيار ته نٿا بڻجون پڻ اسان کي مٽن جا مٿا ته آهين پر انهن ۾ آني اڌ آني جي دماغ جي شايد اڃا به ڪمي آهي
جواب: دشمن جي ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڻ نه وڍيو! (تعليمي ماحول تي لکيل) ادا سائين! ڪهاڙي کي ڪهڙي مجال جو ڪنهن وڻ کي وڍي سگهي پر ڪنهن غدار ٽاريءَ جي ڪري جيڪا ڪهاڙي جو ڳن بنجي ٿي ۽ ڪهاڙو ان وڻ کي وڍڻ جي قابل ٿئي ٿو۔ اوهان جي مضمون جو هر هڪ اکر۽ لفظ سچائي ۽حقيقت تي ٻڌل آهي اڄ اسان پنهنجي سنڌ کي پنهنجي اکين سان تباه ٿيندي ڏسي رها آهيون ۽ ان کي پنهنجي هٿن سان پان تباه ڪري رهيا آهيون۔