• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو اينٽي وائرس کي چيڪ ڪريو

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو

سنڌ سلامت جا دوستو نهايت ئي ادب وچان ، هٿ ٻڌي ، ڪنڌ جهڪائي ، عاجزي ۽ انڪساري سان هي هڪ ٽِپِ اوهان دوستن لا۽ حاضر آهي ته توهان پنهنجي اينٽي وائرس کي هاڻي چيڪ ڪري سگهو ٿا ته اهو ڪم ڪري ٿو يا نه ان لا۽ توهان کي سڀ کان پهريائين نوٽ پيڊ کوليو ان ۾ هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري پيسٽ ڪيو
X5O!P%@AP[4\PZX54(P^)7CC)7}$EICAR-STANDARD-ANTIVIRUS-TEST-FILE!$H+H*

ان کي فقير.وائرس جي نالي سان سيو ڪيو :D ان کي ڊيسڪ ٽاپ جي لوڪيشن ڏيو جيڪڏهن توهان جو اينٽي وائرس طاقتور هوندو ته ان کي پڪڙي ٻڌائيندو ته هي هڪ وائرس آهي shal judy hujeen
جيڪڏهن نه پڪڙي سگهي ته توهان پنهنجو اينٽي وائرس تبديل ڪريو .
(نوٽ) هي هڪ ڪوڙو وائرس آهي ان سان توهان جي ڪمپيوٽر کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿو پنهنچي سگهي .​


63546783.jpg


suhnan saan


sindhsalamatsaathsal
 
واه فقير سائين واه اصل مٽ ڀڃي ڇڏيئي يار مون واري ٽوني اينٽي وائرس اصل ان کي اهڙو ڪکيو جو ڊيسڪٽاپ تي ظاهر ئي ڪونه ٿيو۔۔۔۔

مهرباني فقير سائين۔۔ انهي مان خبر پئي ته مون واري ٽوني وائرس ڪم ڪري پيو۔۔۔۔
 
پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا زاهد
توهان جهڙي عظيم هستي مون جي ٿريڊ جي تعريف ڪئي مان ته اصل خوشي ۾ ماپان ئي ڪو نه ٿو
مهرباني ادا فقير
 
جواب: پنهنجو اينٽي وائرس کي چيڪ ڪريو

واھ ادا فقير واھ مون تي فقير سائين جو نالو لکي سيو ڪيو بس ڇا ٻڌايان فقير سائين ٿوري ئي دير م فقير سائين 1234 اصل زوزٽ مھربا ني ادا فقير مون گهڻو ڪجه سکيو سائين ھن اوطاق ۾ جيڪا شئي مون آسمان ۾ پئي ڳولي سا ادا سنڌ سلامت ۾ ھوڪا ڏئي پئي وراھجي
 
جواب: پنهنجو اينٽي وائرس کي چيڪ ڪريو

واه فقير سائين واه! توھان ت ڪمال ڪري ڇڏيو ۔
 
Back
Top