سنڌ جا دوستو...!!! جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي اڄ دوستو پاڻ سائين نثار يا سائين سليمان وساڻ جهڙا ته ڊزائينر نه آهيون، پوءِ به سکڻ کي هٿي وٺرائيندي دوست سان پيا تصوير جي شڪل ۾ مختلف شاعرن جي شاعري ونڊ ڪندا رهندا آهيو.....پنهنجا رايا ضرور ڏيندا....سلام سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ( غزل ) ”عادل عباسي“ موت سان همسفر هن اکيون، يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. تنهنجا ســـــــپنا سهيڙيان پيو، عاشقن جو ثـــــمر هن اکيون. شور سپنن ۾ ســــانڊي رکيم، ڇو تـ سپنن جو گھر هن اکيون. دل جي موسم جھڙالي رڳــــو، سانوڻيءَ جو ڪڪر هن اکيون. تو سواءَ هــــر گھڙي هــــر پهر، ڪــــيترو دربــــدر هن اکيــــون. لُـڙڪـ ”عادل“ سميٽي تـ ڇــــا، تنهجي يادن سان تر هن اکيون.
جواب: يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. تنهنجا ســـــــپنا سهيڙيان پيو، عاشقن جو ثـــــمر هن اکيون. واو بهترين
جواب: يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. ڀاء عاشق سولنگي اوهان جي محنت کي سلام آهي اسان کان ته اڄڪلهه اهڙو سٺو ڪم ڪونه پيو ٿي جهڙو اوهان پيا ڪيو۔ اوهان جي ان عمل جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ ماڻهو هميشه سکڻ جي مرحلي مان گذرندو رهندو آهي ۽ اسان پڻ ان عمل مان پيا گذرون۔ سهڻي ڊزائن آهي ۽ شاعريء جي چونڊ به سٺي ٿيل آهي
جواب: يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. اداپسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۽ وڏي مهرباني جي اوهان لفظن جي غلطي جي جو مونکي ٻڌايو۔۔۔مون تصوير ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي۔ اُميد ته حوصلاافزائي ڪندا رهندا۔ ادا پريل لک قرب پسند ڪرڻ جا۔۔۔۔
جواب: يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. سائين واه واه اوهان جي سٺي ڊزائين ٿيل محنت آهي اوهان جي هنن محنتن جي ڪري ئي اسان جو سنڌ سلامت جو هي سلامتي وارو ميڙاڪو انشاالله دن دوگني رات چوگني ترقي ڪندو
جواب: يار لئـــــــــي منتظر هن اکيون. محترم جواد عسڪري پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔ادا هي محبت جو ميڙاڪو سڀني جي محنت سان مچي رهيو آهي۔۔۔قرب سائين وحيد کوسو صاحب۔۔۔۔پسند ڪرڻ جي مهرباني نوازش سائين