يونيڪوڊ ڇا آهي؟ يونيڪوڊ هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو ڪنهن ڪمپيوٽر آپريٽر سسٽم ۾ سڀنن زبانن جي هر هڪ هڪ اکر کي هڪڙو خاص انگ مهيا ڪري ٿو . ڪمپيوٽر جي دنيا هن خاص انگ مان مراد رڳو اهوئي اکر کڻندي جيڪو يونيڪوڊ ۾ ترتيب ڏنل هوندو .مثال طور تي اردو جي اکر ”ب“ لاءِ 0628 انگ ڏنو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به ڪمپيوٽر ۾ ”0628“ يونيڪوڊ قدر مان مراد اکر ”ب“ ئي ورتو ويندو . حقيقت ۾ ڪمپيوٽر رڳو انگن کي سمجهندو آهي.ڪمپيوٽر اسڪرين تي نظر ايندڙ اکر ، لفظ تصويرون ۽ ٻين سڀنن جي پويان ڪمپيوٽر جي انگن جو هڪ پيچيدا نظام استعمال ٿئي ٿو . جيڪڏهن ڪو يوزر (ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ) ڪو اکر ڏسڻ چاهيندو ته ڪمپيوٽر جي ياداشت ۾ محفوظ ٿيل انگن کي هڪ نظام هيٺ اکر يا اکرن ۾ تبديل ڪندو آهي. انگن کي اکرن ۾ تبديل ڪرڻ کي اينيڪوڊ سسٽم چوندا آهن . ڪنهن به اينيڪوڊ ۾ اڳوٽ ئي اها ڳالھ رکي ويندي آهي ته ڪهڙي انگ بدران ڪهڙو اکر ڏيکارڻو آهي . اڄ ڪلھ جيڪو اينيڪوڊ سسٽم اسعتمال ٿئي پيو هن کي يونيڪوڊ چوندا آهن .يونيڪوڊ نظام کان اڳ گهڻائي نظام موجود هئا . جنهن ۾ گهڻا مشهور ” آسڪي “ ۽ آنسي“ هئا .پر يونيڪوڊ نظام کان اڳ هن نظامن ۾ ڪيترائي مسئله هئا . سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو جو هن نظامن ۾ انگن جي ڀيٽ ۾ اکر مهيا ڪرڻ جي تعداد گهٽ هئي . جيڪي ڪنهن به ٻولي جي سڀنن اکرن ۽ علامتن لاءِ اڻ پوري هئي . هن کان سواءِ ڪنهن به نظام ۾ ڪنهن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي سگه نه هئي . هن ڪري مختلف ملڪن ۽ ڪمپنين پنهنجي ضرورت مطابق مختلف اينوڪوڊ سسٽم استعمال ڪندي هئي . هن سان سڀ کان وڏو نقصان اهو اهو هوندو هو جڏهن هڪ ڪمپني جو مواد ٻي ڪمپني جي ڪمپيوٽر تي ويندو هو ته مختلف اينيڪوڊ سسٽم هجڻ ڪري انگن جي بدران اکر به مختلف ٿي ويندا هئا، جنهن ڪري مواد ۾ خرابي ٿي پوندي هئي . پر يونيڪوڊ وارن سڀنن مسئلن جو حل ڳولهي ورتو ۽ هڪڙو اهڙو نظام متعارف ڪرايو جنهن ۾ انگن جي بدلي اکر مهيا ڪرڻ جي تعداد گهني وڌائي وئي آهي . يونيڪوڊ نظام ۾ هڪڙي ٻولي ته ڇا دنيا جي هر ٻولي جي هر اکر کي ڌار انگ مهيا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي . ڪو به آپريٽنگ سسٽم هجي ، پروگرام هجي يا ڪابه زبان هجي يونيڪوڊ ۾ انگن جي متبادل اکرن کي مهيا ڪرڻ جي سگھ موجود آهي . هن ڳالھ کي ڏسندي سڀنن وڏين ڪمپنين جن ۾ مائڪرو سافٽ ، آئي بي ايم ، اپيل ۽ اوريڪل وغيره شامل آهن . يونيڪوڊ کي ٻين اينيڪوڊ اينڪوڊنگ سسٽم مٿانن ترجيح ڏني ۽ اهڙي نموني يونيڪوڊ کي ٻين اينڪوڊنگ سسٽم هڪ معياري اينوڪوڊنگ سسٽم بڻجي ويو جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ استعمال ٿئي پيو . بلال ڪي بياض” بلاگ“ جي ٿورن سان سنڌيڪار افتخار علي چوهاڻ