جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
تنهنجي منهن تي نقاب ڪونهي ڪو
ڀلا تو وٽ جواب ڪونهي ڪو
آ پهرين پيار جي نشاني هي
ڳاڙهو تو وٽ گلاب ڪونهي ڪو
ڇو ٿو پياقن کي تنگ ساقي ڪرين
ٿورو تو وٽ شراب ڪونهي ڪو
جهڙو مون وٽ آ خواب ڇا اهڙو
تنهنجي نيڻن ۾ خواب ڪونهي ڪو
ڀلا ڪهڙي نموني يار روئان
زرو نيڻن ۾ آب ڪونهي ڪو
ڀري ڏي پيڪ ڀل سڀن آڏو
مونکي اصلي حجاب ڪونهي ڪو
سور ڏيئين درد ڏيئين الم غم ڏيئين
منهنجو تو سان حساب ڪونهي ڪو
پيار جاويد کولي ڪر ڇو جو
پيار جهڙو ثواب ڪونهي ڪو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد