ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اڄوڪي ڪاوش اخبار تي نظر ڦيرائيندي هڪ آرٽيڪل تي نظر پئجي ويئي جنهن جو ليکڪ منهنجو دوست صحافي دودو چانڊيو آهي .. آرٽيڪل پڙهي مون فون ڪري کيس مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اڄ ته دل خوش ڪري ڇڏي اٿئي.. يار پهريان کٿي هئا اهي لفظ.. مون پڙهيو ته دل کي ڏاڍو وڻيو ان لاءِ سوچيم ته سنگت سان به ونڊ ڪريان..


    ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!



    ”ڪراچي ۾ پاڪستان ۾ آباد هر قوم هڙتال ڪرائي سگهي ٿي، پر اوهان سنڌي ڪراچي ۾ 4 دڪان به بند نٿا ڪرائي سگهو.“ اهي طعنا اسان کي بلوچ، پنجاب، پختون ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالهائيندڙ صحافي هڻندا رهيا آهن. پنهنجي ڌرتي جو، پنهنجو شهر، ان ۾ اسان جي اها لاوارثي انتهائي ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي، پر آئون ڪالهه تمام گهڻو خوش هئس، جڏهن اهي طعنا هڻندڙ صحافي فون ڪري ٻڌائي رهيا هئا ته ”يار آگرا تاج ڪڏهن بند ناهي ٿيو، اڄ بند آهي، منگهو پير ۾ سنڌين ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪريون جاري آهن. ايم اي جناح روڊ تي سنڌياڻيون ڌرڻو هڻي ويٺل آهن.“ مون کي گورا قبرستان وٽ هڪ ٽيڪسي ڊائيور مليو، چيائين ”ڪورنگي مان پيو اچان، سنڌين هي هيڏو سڄو صنعتي علائقو بند ڪرائي ڇڏيو آهي. گاڏيون پيون سڙن.“ جنهن بعد سفوران چورنگي، ڊالميا، شانتي نگر، عزيز آباد ۽ نائين زيرو سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڀانگرا (برفت) ڳوٺ، ڪلمتي ڳوٺ، تين هٽي وٽ بلوچ پاڙن، چنيسر ڳوٺ، گذري ۽ ٻين علائقن مان فون ايندا رهيا ته، اتي ڪامياب هڙتال آهي.“ مون کي ڪنهن چيو ته، مزو نه آيو. مون چيو ”آئون خوش آهيان، ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جي اها پهرين انٽري هئي. آئون هڪ سنڌ دوست ۽ وطن پرست صحافي جي حيثيت ۾ مطمئين آهيان.“ ان جا ڪافي ڪارڻ آهن.

    (1)ڪراچي ۾ سنڌي قومپرست جماعتون هن کان اڳ ايتريون سرگرم نه ٿيون هون، جيتريون هن وقت آدمشماري جي معاملي تي ٿيون. ان ۾ جلال محمود شاهه جو ڪردار انتهائي اهم هو. هن سمورين قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان گڏجي تمام گهڻي محنت ڪئي. نواز شريف جي اڳواڻن کان وٺي پير پاڳاري، سني تحريڪ ۽ ٻين فورسز آڏو پنهنجو ڀرپور ڪيس رکيو.

    (2)ڪراچي ۾ جيئن پختون، ڀلي ڪهڙي به پارٽي ۾ هجي، پر ڪراچي ۾ هو پختون نعري هيٺ گڏ ٿئي ٿو، ائين پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ سنڌين به اهڙي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. علي حسن چانڊئي کان وٺي الاهي بخش بڪڪ تائين، مظهر راهوجي کان وٺي حريف چانڊئي تائين، سامي ميمڻ کان وٺي هارون جمالي تائين، شاهنواز سرگهاڻي کان وٺي گل محمد ڪلمتي تائين، سليمان سنڌي کان وٺي سمورين پارٽين جي قومي ڪارڪنن پارٽي نظرين ۽ اختلافن کان مٿاهون ٿي سنڌين جي جذبي تحت ڪراچي ۾ محنت ڪئي، جيڪو عمل پڻ تعريف جوڳو آهي.

    (3)ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو نون ۽ پراڻن سنڌين جي وچ ۾ جيڪا ويجهڙائپ ٿي آهي، اها انتهائي فيصلا ڪن آهي. ڪراچي جي پراڻن سنڌين، ملاحن، ڪڇين، ميمڻن، منڌرن، سومرن ۽ ٻين سان سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري آيل سنڌين سياسي رابطا رکيا آهن، جن هن آدمشماري ۽ هڙتال واري عمل ۾ انتهائي اهم رول ادا ڪيو.

    (4)هڙتال جي ڪال بعد آدمشماري ڪاميٽي جي اڳواڻن اسماعيل راهو، مخدوم شاهنواز، حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ۽ سني تحريڪ جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري سڄي ڪراچي جي ميڊيا آڏو جيڪو موقف رکيو، اهو انتهائي اهم هو. سنڌين جي هن ڪيس کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. ڪراچي جي ميڊيا ان سنڌين جي موقف کي غور سان ٻڌو ۽ ڇپيو.

    (5)پير پاڳاري جيڪو آدمشماري تي Stand ورتو، اهو به انتهائي اهم هو. ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ ليڊرشپ مان پير پاڳارو پهريون ماڻهو هو، جنهن چيو ته ”هي آدمشماري ٽوٽل ڪوڙي آهي، ان کي رد ڪري فوج جي نگراني ۾ ٻيهر آدمشماري/گهرشماري ڪئي وڃي. پاڳاري جي اهڙي وزندار موقف ڪراچي ۾ آباد سنڌين جي ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.

    (6)آدمشماري ڪمشنر نور محمد لغاري تي ڀلي هزارين الزام لڳن، پر هن پنهنجي سمورين پريس ڪانفرنس ۾ سنڌي قومپرستن جي موقف جي ڄڻ حمايت ڪئي. هن هڪ ڀيري ائين به چيو ته ”ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسان جي عملي کي اگر سياسي ڪارڪن ٺهيل لسٽون ڏيندا ته سنڌ جا ماڻهو ان آدمشماري کي ڪيئن قبول ڪندا ۽ پوءِ احتجاج ڪندا،“ هڪڙو سرڪاري ملازم ايترو ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو.

    (7)ڪراچي ۾ هڙتال کي ناڪام بنائڻ لاءِ ايتريون ئي ڪوششون ٿيون، جيتريون ڪوششون آدمشماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون. سرڪاري ۽ ڏنڊا بردار مشينري لاڳيتو سرگرم رهي، پوءِ به هڙتال ۾ شهر جا وڏا علائقا بند رهيا، جيڪا سنڌين جي ڪراچي ۾ تمام وڏي ڪاميابي آهي. ائين چئجي ته پهريون قدم بهترين قدم هو، هن کان اڳ ريليون، جلوس ۽ مارچون ته ڪراچي آيون آهن، پر شهر ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ جي پهرين ڀيرو ڪوشش ٿي آهي، جيڪا تمام گهڻو ڪامياب وئي.

    ڪراچي ۾ ٿيل هن ڪامياب ڪوشش جو سهرو ڪنهن هڪ جي سر تي نٿو وڃي پوري قوم تي وڃي ٿو. ان ماموي ڪڇي کي به ڪيئن وساريون، جنهن آگرا تاج ۾ سڀ کان پهرين دڪان بند ڪيو. 7-ڊي اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ويٺل فهميده سومرو، شازيه ڀٽو، تسبحه مري، ۽ شهربانو راهوجو ڏي ئي ڪريڊٽ وڃي ٿو، جيڪي صبح سان ئي شهر جي شهه رڳ وٽ پهتيون. هن شهر ۾ جيڪا اوپرائپ ٿي رهي هئي، اها هاڻي ختم ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي. هاڻي ڪير ائين نه چوندو ته سنڌي ڪراچي بند نٿا ڪرائي سگهن. مون کي سڄي سنڌ جي بند ٿيڻ تي ضرور خوشي ٿي هوندي، پر وڌيڪ خوشي ڪراچي جي ڇوٿين حصي بند ٿيڻ تي ٿي آهي. جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين ڪراچي ۾ ائين ٻڌي جو مظاهرو ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مورڙي جي ماڳ جا وارث ئي هن شهر جي سياسي قوت هوندا.

    دودو چانڊيو

    [​IMG]








    ۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    يار درويش، تنهنجي وات ۾ گلاب، تنهنجن ڳلن تي ڳاڙهي ڪنوار جو پپيون، رب توکي خوش ڪري، اڄ جڏهن هي ليک پڙهيم ته اکيون ڳوڙهن سان ڀرجنديون رهيون ۽ اکر ترورا ٿيندا رهيا، سنڌ سڄڻ صحافي سان گڏ منهنجي دل به گد گد ٿيندي رهي ته سنڌي سنڌ جي شهرن جي وارثيءَ جا حقدار ٿيندا وڃن ....

    پر افسوس جو ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون انکي ناڪامياب ڪنديون، سنڌين کي وڌيڪ ڌڙن ۾ ورهائينديون ۽ سنڌين جي وڌندڙ اتحاد کان خائف ٿي، حت الامڪان قدم کڻنديون پر آءُ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تان سنڌين کي، سنڌ دوستن کي هٿ ادب جي ٻڌي عرض ڪندس، ته خدارا! سنڌ اوهانکي ڏسي پئي، اوهان ڏانهن مالڪيءَ واري ڏس ۾ واجهائي پئي ... متان متان به پنهنجن ذاتي مفادن تي سنڌ کي ليڙون ليڙون ڪيو، اتحاد ٽوڙيو ...

    سلام آهي سنڌ جي جوڌن کي، سلام آهي سنڌ جي نياڻين کي، سلام آهي سنڌيت جي ڳالهه ڪندڙ دوستن کي، سلام آهي انهن ماڻهن کي جن هن عمل ۾ تڪليفون ۽ مشڪتون سٺيون ... سلام آهي سنڌ جي هر ان فرد کي جنهن هن ۾ حصو ورتو ...

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي .... آمين​
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    ادا سومره صاحب ۽ نثار صاحب
    تمام بهترين ونڊ ادا اڄ ڪلھ هن دنيا ۾ اهو ڪامياب آهي جيڪو نفسياتي طور حاوي آهي سو جڏهن کا اسا ن ان بيماري تي هاوي ٿي سوچو آ اسان شين کي حاصل ڪيو آ ان ۾ محنت ۽ شعور سان گڏوگڏ سڀ هڪ ٿي سوچڻ جو نتيجو آ ڀائو الله اسان جي سنڌي جوڌن کي هر مشڪل ۾ مدد ڪندو ۽ اسان پنهنجن شهرن ۽ بلڪ پوري سنڌ جا وارس ۽ بري ڀلي جو فيصلو ڪرڻ وارا ٿي وينداسين انساالله۔۔۔۔۔۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    ادا پر پوء ڪراچيء جا مين علاقا کليل هيا جئين صدر، لائيٽ هائوس، جون مارڪيٽون وغيره۔۔۔۔۔۔ اسان جا سنڌي قوم پرست جيڪڏهن اڃان به ٿورڙي ڪوشش وٺن ء دل جهلن، ته اهي علائقا به بند ٿي سگهن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بحرحال ۔۔ ڪراچيء ۾ پهريان کان ڪجهه بهتر موٽ هئي
     
  5. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    ادا ٻه ته ٻارنهن ٻڌي ۾ تمام گهڻيون برڪتون آهن سنڌي ڀائر جيترو وڌيڪ متحد ٿيندا حقوق جي حاصلات ۾ ايتريون وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون الله اسان سڀني سنڌ دوست سڄڻن کي پاڻ ۾ متحد ٿيڻ ۽ حقوق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    ادا اهيو به بهتر ٿيو آهي ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ سنڌ وارن جي ڪال تي هڙتال ٿئي آهي، ورنه سنڌ جي هڪ وزير جا الفاظ ٿا ياد اچن ته ان چيو هو ته قوم پرستن جي چوڻ تي ڪراچي ۾ مک به ڪا نه ٿي اڏري، مگر ادا وري به اهيو افسوس آهي ته ڪراچي جا به صرف اهي علائقا هڙتال جي ڪري بند رهيا جن علائقن ۾ سنڌين جي آبادي آهي، باقي ڪراچي جا باقي علائقا کليل ئي رهيا هئا، ڇو جو اسان جي ڪمپني جون گڏيون ڪراچي جي هر علائقي ۾ وڃن ٿيون ۽ انهن جي سپلائي ڪليئر ڏسي ڪري اهيو اندازو ٿيو ته صرف اهي علائقا ئي بند ٿيا جن ۾ سنڌين جي آبادي آهي، انشاءالله اهڙو به ڏينهن ايندو جنهن ۾ ڪراچي جو پورو ڪنٽرول سنڌين وٽ هوندو، مگر ادا ڇا ڪجي، بقول ڪنهن شاعر جي، ،،، مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾۔۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪراچيءَ ۾ هڙتال جي مليل مثبت موٽ!

    سنڌين کي اردو ڳالهائيندڙ ميڊيا جو اهو تاثر غلط ثابت ڪرڻو پوندو ته ڪراچي الڳ آهي سنڌ الڳ آهي، جيڪڏهن مڪمل سنڌ ۾ هڙتال ڪرڻي آهي ته ڪراچي ۾ به ٿيندي، ڇو ته ڪراچي اسان جو مُک شهر آهي، جيڪڏهن هڙتال کي ڪامياب ڪرڻو آهي ته ڪراچي جي اندر به اوتري ئي شٽر بند هڙتال هجڻ گهرجي جيڪا سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿي۔۔ ڪراچي ۾ اسان سنڌين جي هڙتال ان ڪري به جزوي رهندي آهي جو اتي ڪاروبار ۾ اڪثريت مهاجر، پٺاڻ ۽ پنجابي طبقي جي آهي۔۔۔ پر هن هڙتال جو اثر ڪراچي تي ايترو پيو آهي جو اتان جي مُک لساني تنظيم کي پنهنجو ڌاڪو ختم ٿيندو نظر آيو جنهن ڪري انهن وري پنهنجو پاور ڏيکارڻ لاءِ اڄ ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو، پر سڀني کي خبر آهي ته انهن جي سوڳ واري هڙتال به پرتشدد ئي هوندي آهي، سنڌين وڌ ۾ وڌ ٽائر ساڙيا پر ڪراچيءَ جي لساني تنظيم اڄ گاڏين کي باهيون ڏئي پنهنجو فرق سڀني تي ظاهر ڪيو۔۔ سنڌين کي ان ڪامياب پيشقدميءَ تي مبارڪ باد هجي۔۔۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو