سائنسدانن جو چوڻ آهي ته روزانه ٽي ڪيلا کائڻ سان فالج جو خطرو گهڻي حد تائين گهٽجي ٿو وڃي۔ سائنسدانن وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي ته هڪ ڪيلو صبح جو ناشتي ۾، هڪ ڪيلو منجهند جو ۽ هڪ ڪيلو شام جو کائڻ سان جسم ۾ ايترو پوٽاش ملي ٿو جو رت جي ڦٽڻ جي امڪان کي 21 في صد تائين گهٽائي ٿو ڇڏي۔ برطانوي ۽ اطالوي سائنسدانن جي ريسرچ ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته فالج جي نقصانن کي هنن غذائن ذريعي روڪي سگهجي ٿو۔ هنن وڌيڪ چيو آهي ته 1600 ملي گرام يوميه پوٽاش ملي ته فالج جي 5 مان هڪ حصو ختم ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن جسم ۾ پوٽيشيم جي گهٽتائي ٿي وڃي ته ان سان دل جي ڌڙڪن ۾ بي قائدگي ٿي سگهي ٿي ۽ مزاج ۾ چڙ چڙاپن وڌي سگهي ٿي۔
ڪجهه عرصو اڳ سائين نثار ابڙو جن پڻ ڪيلي تي هڪ بهترين ۽ اهم موضوع ”ڪيلو کاڌو به علاج به!!! “ ونڊ ڪيو هو۔ اوهان هتي ڪلڪ ڪري اهو مضمون پڙهي سگهو ٿا۔
ڪجهه عرصو اڳ سائين نثار ابڙو جن پڻ ڪيلي تي هڪ بهترين ۽ اهم موضوع ”ڪيلو کاڌو به علاج به!!! “ ونڊ ڪيو هو۔ اوهان هتي ڪلڪ ڪري اهو مضمون پڙهي سگهو ٿا۔