سرخ گلابن جي موسم جون يادگيريون

'مختلف موضوع' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هن ڳاڙهن ڪتابن پڙهڻ جي بدران سُرخ خواب اڻيا هئا. وفا ۽ بهادري هن جي سڃاڻپ هئي ۽ اسلاميه ڪاليج بدين جي هاسٽل هن جو خواب نگر به هئي ته راڄڌاني به هئي. سندس مرڪيوري اکيون سُرخ انقلاب لاءِ بيچين هونديون هيون. ملڪ جي ٻين ماڻهن جيان ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل انتقام جي آڳ بڻجي هن جي به هانءَ سندي ٿانءَ ۾ اُڀامندو هو. اها ايم آر ڊي تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن جي ڪهاڻي آهي، جڏهن علي گوپانگ جي هوٽل ۽ هاڻوڪو شاهنواز چوڪ محنتي ۽ بهادر ورڪرن لاءِ ڪنهن ”تحرير اسڪوائر“ کان گهٽ نه هئا. شهيد فاضل راهو جي مڙسيءَ تحريڪ ۾ هڪ جان پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جا جيالا ڀٽي صاحب جي نالي ۾ ڪوڙا کائي پنهنجي اندر جي باهه تي ڪو ڇنڊو محسوس ڪندا هئا. ڀٽو ڦاهيءَ ڇا چڙهيو؟ ڪُٽي کائڻ وارا مجنون گوهرِ ناياب ٿي ويا. تن ڏينهن ۾ هو شاعر عطا دل جو هيرو ۽ جمعدار هاشم سومري جو وِليَن هو. هن جي ۽ پوليس جي ”اکٻوٽ“ الائي ڪيترا ڏينهن هلندي رهي هئي. قيادت جي حُڪم تي هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي سڄي ضلعي ۾ تڻ تپائي ڇڏيا هئا. خاڪي توڙي سليٽي پنهنجي پورين ڪوششن جي باوجود به هن کي گرفتار ڪري نه سگهيا، پر پوءِ نيٺ هڪ ڏينهن ٿاڻي جي آدم بيزار ماحول ۾ وڏي صوبيدار جو ٽهڪ گونجي اٿيو: ”سائين، اڪبر ساريجي کي ٻڌي آيا آهيون.“ سرهائيءَ منجهان هو وڏي سرڪار کي اطلاع ڏيڻ لڳو.

    ان رات رڳو بدين جي پوليس سُمهي ننڊ نه ڪئي هئي پر مارشل لا جي همنوا ڪجهه نام نهاد معزز شهرين به امن امان لاءِ ڊگهيون دعائون گهريون هيون، ”مردِ مومن- مرد حق“ جي اقتدار جو خير گهريو هو. هي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن آڌي اڌ رات جو بند کولين جي خاموشين مان ڪو گيت اميد جي آکيري طرف ڀڙڪو کائيندو هو ته باندي نيڻن جي روح ۾ باهمت ”بينظير“ جيئڻ جي آرزو بڻجي جلوه افروز ٿيندي هئي. ولهه واسيل رات ۾ سرگم جاڳي پوندا هئا ۽ مير بُليديءَ جو آواز آسمان جي بلندين کي ڇُهڻ لڳندو هو.

    قتل ٿيندا سڀئي قاتل، وري نئين سر نياءَ ٿيندو.

    عيدون ٿينديون انهيءَ ڏينهن تي، جڏهن ذبح ضياءُ ٿيندو.

    ها، پر پوءِ انيڪ عيدون ائين گذري ويون. چوٿينءَ اپريل جي چيٽ جو چنڊ وري ائين نه اڀريو. ضياءَ جو فيصلو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿيو پر ڪوس گهر بڻيل ديس جي اڏيءَ تان تازو رت ڪڏهن به خشڪ نه ٿيو. ان دور جي ويڙهاڪ ۽ جاکوڙي ورڪرن کي اڄ به اهو بدين اکين جي اڳيان ڦرڻ ٿو لڳي، جڏهن خالي هٿين هوندي به دل درياءَ هوندي هئي ۽ دوستن جا مچ ۽ ميڙا هوندا هئا. رڳو ائين به نه آهي ته ڪو انهيءَ دور ۾ صرف باهمت هيروز جي ئي موجودگي هوندي هئي ۽ موقعي پرست سياسي ڏائيڻون وجود نه رکنديون هيون. ها، پر ايترو فرق ضرور هو ته اڄ جن تعارفن تي فخر ٿو محسوس ڪيو وڃي، اڳي اُهي ڪا غليظ گار لڳندا هئا. تڏهوڪي بدين ۾ ڪنهن به ”اسٽيٽ ايجنسي“ جو ڪاروبار عام نه هو. جمعي جو ڏينهن موڪل جو هوندو هو. مارڪ ٽيلي ماڻهن جو محبوب صحافي هوندو هو. سيربين جو ساز جنگ جي طبل جيان وڻندو هو ۽ بي بي سي گڏجي ٻڌڻ ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ هڪ مشغول هوندو هو. انڊهلو انهن ڏينهن جو ويٽنام هو ۽ خادم ٽالپر ورڪرن جو سياسي استاد هو، فاضل راهو پنهنجي سڄي خاندان سميت ايم آر ڊي تحريڪ جو رُوح بڻيل هو.

    هن وقت شهيد ڀُٽي جي نالي جو کٽيو کائيندڙن جي اڪثريت انهن ڏينهن ۾ يا ته مجلسِ شوريٰ جي ميمبر هئي يا وري نون ستارن سان سلهاڙيل هئي. اصغر خان ڀُٽي صاحب جي ڦاهيءَ جو مطالبو ڪيو هو ۽ سندس پارٽيءَ تحريڪ استقلال جي صوبائي صدر (هاڻي پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ ۾ اهم منصب تي فائز ”جان نثار“) انهيءَ جي ڪڏهن به مذمت نه ڪئي.

    هي هڪ اهڙي منفرد سنڌ هئي، جنهن ۾ بهادريءَ ۽ جرئت جا حقيقي معيار منظرِ عام تي آيا. ”ملٽري ڪورٽ جي جج کي نبي بخش ڀرڳڙيءَ چيو هو ته، اسان توهان کي نٿا مڃيون، اسان توهان جي عدالتن کي نٿا مڃيون، اسان توهان جي جنرل ضياءَ کي نٿا مڃيون، اسان سول نافرمانيءَ جي تحريڪ هلائي آهي، اسان کي توهان جي ڏنل آزادي نٿي گهرجي“ پروفيسر عبدالله ملاح ٻڌايو، جيڪو ان وقت سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سول نافرماني تحريڪ جي ٻين سياسي قيدين سان گڏ قيد هو. پروفيسر عبدالله ملاح ۽ ابو ملاح جي اڪبر ساريجي سان ياري چوٽ هئي.

    انهيءَ دور جي سنڌ تي جڏهن هڪ اڇاٿري نظر وجهجي ٿي ته وطن جي گلي جي ”ڪٺمال“ بڻيل اها عوام جي تحريڪ ڏاڍي وڻڻ لڳي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي انڊلٺ جا ست ئي رنگ جرڪندي نظر ٿا اچن. ان تحريڪ ۾ وقت جا وڏيرا به هئا ته رئيس ۽ جاگيردار به هئا. پيرن اگهاڙا ڪارڪن به هئا ته مڇين ساوڪ وارا ڳڀرو نوجوان به هئا. خوف جو ڪو نالو نشان نه هو. هر فرد ڪو هماليه هو ۽ هر خيال جي بلندي کير ٿر جي چوٽين کان اوچي هئي. جتي ڀٽي صاحب جي ڦاهي ڀڳي هڏ جيان هانءُ ۾ ڏکندي هئي، اتي وري ڪو پليجو، ڪو فاضل، ڪا بينظير، ڪو مرتضيٰ ۽ سن جو سائين جيئڻ جي جستجوءَ بڻيل هو. اڄ الاءِ ڇو من ئي من ۾ اهو سوال هر هر پنهنجو پاڻ کان پڇجي ٿو ته، ”اها سنڌ الاءِ ڪيڏانهن وئي؟“

    شهيد ڀٽي جي نالي ۾ ووٽ وٺندڙن کي الاءِ ته خبر آهي يا ڪانهي پر ڪجهه سِر ڦريا ڪانٽي شيديءَ جهڙا به هئا، جنهن ڏهه ڦٽڪا کائڻ کان پوءِ نچندي نعرا هڻي چيو هو ته، ”ايڪ ڪوڙا اور ڀي مارو ڀٽو ڪي نام پر“.

    بدين جي بهادر سياسي ورڪر اڪبر ساريجي جو پروفائيل انهيءَ جدوجهد جي پهرين ڪڙي آهي، جڏهن هن هاءِ اسڪول بدين تي ڀٽي صاحب کي مليل ڦاهيءَ جي سزا خلاف احتجاج طور ڪارو جهنڊو چاڙهيو هو. پوءِ ته اهو ڪارو جهنڊو هن قوم جي مقدر جو حصو بڻجي ويو ۽ اقتدار جي حوس قاتل مقتول جا سڀ فرق مٽائي ڇڏيا. اڪبر سميت هزارين ڪارڪن، جن پنهنجي جان جي بازي لڳائي ايم آر ڊي کي سگهه بخشي، تن کي پوءِ جمهوريت پنهنجو ٻارڻ بڻائي ڇڏيو ۽ ٽانڊو کڻڻ لاءِ آيل پيرا شوٽي ليڊرشپ جڏهن بورچياڻي بڻجي ويهي رهي، تڏهن انهن ئي بي لوث ڪارڪنن جي اڪثريت وقت جي گمنام گهٽين ۾ يا ته غائب ٿي وئي يا وري وقت ۽ حالتن سندن تعارف ئي بدلائي ڇڏيا. اڪبر بجاءِ ڪنهن سياسي ڪلٽي کائڻ جي، پنهنجي مڌ مست اڪيلائيءَ جي آغوش ۾ پناهه وٺڻ هليو ويو.”هنن دوستين کي پوکيو ۽ دوستين انهن کي لُڻي دارونءَ جي دڪان تي کپائي ڇڏيو“ سندن زندگي تي اهو تبصرو سندس هڪ پراڻي جيل جي ساٿيءَ ڪيو.

    اڪبر ساريجي سان منهنجي ڪابه گهڻي ويجهڙائپ يا دوستي نه هئي. بس هڪ عام ڄاڻ سڃاڻ هئي، هو انهيءَ ڄاڻ سڃاڻ کي نڀائڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو هو ۽ دوستن هن جي وفا، همت ۽ بهادريءَ کي پنهنجي پنهنجي مقصد لاءِ هميشه استعمال ڪيو ۽ نتيجي ۾ نقصان سدائين هن جي کاتي ۾ پيو. هن جيل به ڀوڳيو ۽ ٻاهر به هو اهڙن امتحانن مان گذريو. اڪبر ۽ اقبال توڙي جو ڪي سياسي ڪِنگ ته نه هئا پر هو ڪِنگ ميڪر ضرور هئا. شهيد فاضل راهوءَ جي چاليهيءَ تي پليجي صاحب پويان ڪلاشنڪوف کڻي بيٺل اڪبر ساريجي کان وٺي شهيد بينظير صاحبه جي مُلڪ آمد واري ڏينهن جان نثارانِ بينظير جي قيادت ڪرڻ تائين هن تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا. هو جمال ابڙي جي ڪردار ”پشو پاشا“ جو عملي روپ هو. هن جو ذڪر اڄ به هن جي جيل جي ساٿين، شاگرد دور جي ماڻهن ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي ورڪرن لاءِ هڪ اتساهه جو باعث بڻجي ٿو. اسلاميه ڪاليج، الهڏنو چانڊيو، هاسٽل، پراڻو جيل، عليءَ جي هوٽل، شاهنواز چوڪ، انڊهلو، ڀانيري، ياسين آرائين فوٽو گرافر جو دڪان، هاشم سومرو جمعدار، عبدالله ملاح، رحيم جمالي، علي احمد جوکيو، ابو ملاح، عطا دل ۽ انيڪ کوڙ سارا ڪردار انهيءَ ناول جهڙي پروفائل جو حصو آهن، جيڪو پنهنجي رومانس ۽ سَحر سميت جڏهن به ڪنهن ليکڪ جي قلم مان جنم وٺندو ته اها سنڌ وري جاڳي پوندي، جنهن سنڌ ۾ اڪبر جهڙا بي خوف شاگرد ورڪر ٽڙيا ۽ دامن صحرا جو حصو بڻجي ويا.
    امير منڌرو

    The Kawish Group of Publication
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو