• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
bosbin.jpg


امريڪي حڪومت دعوى ڪئي آهي ته القائده اڳواڻ اسامه بن لادن مري چڪو آهي ۽ جلد صدر بارڪ ابامه ان جو اعلان پريس ڪانفرنس ۾ ڪرڻ وارو آهي۔
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

ٻه ٽي ڏينهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي تي بن لادن پنهنجي ڪيسٽ موڪلي آمريڪي دعوا کي رد ڪري سگهي ٿو پر امريڪي ايجنسون ڪوڙ گهٽ ڳالهيندون آهن انتظار ڪرڻون پوندو هن خبر لاءِ آگاه ڪرڻ جي مهرباني سائين سليمان صاحب
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

ٻه ٽي ڏينهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي تي بن لادن پنهنجي ڪيسٽ موڪلي آمريڪي دعوا کي رد ڪري سگهي ٿو پر امريڪي ايجنسون ڪوڙ گهٽ ڳالهيندون آهن انظار ڪرڻون پوندو هن خبر لاءِ آگاه ڪرڻ جي مهرباني سائين سلمان صاحٻ

ادا اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي ايجنسين ۽ پوليس جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ايجنسيون ڪوڙ گهٽ ڳالهائينديون آهن۔۔۔۔
اُساما جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، وڌيڪ تفصيل لاءِ بي بي سي اردو جو هي لنڪ ڏسو۔۔۔۔​
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

جيڪڏهن اهو يار مري ويو ته آمريڪا کي ڪير ڊيڄاريندو ؟؟؟؟

سدائين گڏ
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

جيڪڏهن اهو يار مري ويو ته آمريڪا کي ڪير ڊيڄاريندو ؟؟؟؟

سدائين گڏ

ادا ! آمريڪا کي ڊيڄارڻ وارا کوڙ آهن، صرف وڊيو موڪلڻ جي دير آهي، هن همراهه کان آمريڪا اونئن ته ڪونه ڊڄندي هئي پر جڏهن به هي ڪا وڊيو ٺاهي موڪليندو هئو آمريڪا ۾ ٿرٿلو مچي ويندو هئو۔۔ مون کي ياد آهي ته جڏهن جارج ڊبليو بش جي حڪومت ختم ٿيڻ واري هئي ۽ چونڊون ٿيڻ واريون هيون ته جارج ڊبليو بُش جي شڪست واضح نظر اچي رهي هئي، سندس افغانستان ۽ عراق ۾ کوليل محاذ سبب سندس ووٽ بينڪ بلڪل ختم ٿي ويو هو، پر اچانڪ اُسامه جي وڊيو آمريڪا پهتي جنهن ۾ هن آمريڪا کي نيون ڌمڪيون ڏنيون، پوءِ ڇا۔۔۔! اصل جارج ڊبليو بُش کي وري ووٽ ملي ويا ۽ آمريڪا جو صدر بڻجي ويو۔۔
تجزيه نگارن کان جيڪڏهن اوهان معلوم ڪندو ته اوهان کي خبر پوندي ته اُساما جو پاڪستان ۾ مارجڻ پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو ڏچو ثابت ٿيندو، هڪ طرف طالبان جي ڪاروائين ۾ اضافو ٿيندو ته ٻئي طرف ڀارت سميت سڄي عالمي ميڊيا اهو ئي راڳ ڳائيندي ته هن ملڪ ۾ دنيا جا دهشتگرد لڪيا ويٺا آهن۔۔۔ هاڻي محاذِ جنگ لاءِ پاڪستان جو وارو آهي۔۔۔​
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

اسامه جي هڪ تصوير جيڪا سوشل ويبسائيٽ فيسبوڪ تي عام جام هلي پئي۔۔۔ ذريعن موجب آمريڪا ته سندس موت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر اڃان سندس ڊي اين اي ٽيسٽ ٿيڻ واري آهي۔۔۔۔۔​
2djxgnq.jpg
 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

تازا ترين وڊيوز اسامه بن لادن بابت​

 
جواب: اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ، امريڪي حڪومت جي دعوى

هر طرف عجب هُڪ آهي ڪا ڳاله سمجه ۾ ئي نه ٿي اچي ڇا جواب ڏجي ڇا لکجي نه ڪنهنتي اعتبار آهي نه ڪنهن تي ڀروسو آهي اسان جو سفر ان مسافر جيان آهي جنهن کي پنهنجي منزل جي معرفت نه هجي ۽ هو هلندو رهي هاڻي اهو جيترو تيز هلندو اوترو پنهنجي منزل کان پري نڪرندو ۔ اسان کي هن واقعي تي خوش ٿيڻ گهرجي يا افسوس ڪرڻ گهرجي ان جي به خبر نه ٿي پوي جي ۔
جيڪي افسوس ٿا ڪن تن سان افسوس آهي جي خوشي ٿا ڪن تن سان خوشي آهي ۔
وسلام
 
Back
Top