محترم غلام شبير ڪيريو صاحب جن فيس بوڪ جي دنيا ۾ شاعريء جون تمام سهڻيون ڊزائن ٺاهڻ سبب مشهور آهن۔ سندس ڪيل هي پورهيو تعريف کان مٿاهون آهي، سندس هر ڊزائن مان سنڌ ۽ سنڌيت سان پيار جي جهلڪ واضح آهي۔ مان کين عرض ڪيو هو ته پنهنجون هي ڪاوشون سنڌ سلامت جي دوستن سان به ونڊ ڪن پر پاڻ ڪن مجبورين ۽ مصروفيتن سبب مونکي چيائون ته مان ئي هي چترڪاري جا رنگ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيان۔ سندس ڪيل لازوال ۽ تمام گهڻي محنت ۽ محبت سان لطيف سرڪار جي بيتن جي چترڪاري حاضر آهي:









