القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]






    آمريڪي صدر باراڪ اوباما القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڪلاڪن کان آمريڪي ميڊيا ۾ اسامه بن لادن جي موت واري خبر تي چرچا ٿي رهيا هئا. صدر باراڪ اوبامه ٽيلي ويزن تي آمريڪي قوم سان خطاب ڪندي اسامه بن لادن جي موت جي تصديق ڪئي آهي.اوباما سندس خطاب ۾ نائين اليون ۾ ٿيل تباهي ياد ڏياريندي القاعده کي ان جو ذميوار قرار ڏنو. اوبامه ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ آمريڪا کي خبر پئجي وئي ته اسامه بن لادن ڪٿي لڪيل آهي ۽ معلومات گڏ ڪرڻ بعد ڪالهه رات ايبٽ آباد ۾ هڪ آپريشن ۾ اسامه بن لادن مارجي ويو ۽ سندس مڙهه قبضي ۾ ورتو ويو آهي.اکين ڏٺي شاهدن جو بيان:ايبٽ آباد ۾ اکين ڏٺي شاهد موجب ڪاڪول لڳ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڀرسان ”ٺنڊا چوها“ نالي علائقي ۾ اچانڪ پاڪستاني فورسز ڪارروائي شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته ان کان پهريان فوج مقامي آبادي کي لائيٽون بند ڪرڻ ۽ گهرن ۾ رهڻ هدايت ڪئي.سندس موجب فوجي ڪاروائي شروع ٿيڻ جي 2 ڪلاڪن بعد هڪ ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو بعد ۾ ڇتي فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو، وري توپ جي گولي جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جنهن کانپوءِ هڪ هيلي ڪاپٽر هڪ حويلي جي ٻاهر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن کي باهه لڳي وئي. سندس چوڻ هو ته انهيءَ ڪارروائي ۾ 2 هيلي ڪاپٽر شامل هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن حويلي جي ٻاهر هيلي ڪاپٽر تباهه ٿيو ساڳئي هنڌ فوجي ڪارروائي ڪئي وئي.اکين ڏٺي شاهدن موجب هيءَ حويلي 3 کان 4 ڪنال جي ايراضي تي آهي. حويلي جي ارد گرد 12 کان 14 فوٽ وڏي ڀت هجڻ سبب گهر جي پهرين ماڙي نٿي ڏيکارجي.هن ٻڌايو ته انهيءَ حويلي جي چؤديواري تي لوهي تارون لڳل آهن. انهيءَ فوجي ڪارروائي ۾ ٻارڙن جي دانهن ۽ رڙين جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيو هتي عورتون ۽ مرد رهندا هئا. اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي ته هن پاڻ تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر جا پرزا کنيا هئا، کيس محسوس ٿيو ته هيلي ڪاپٽر پاڻ ناهي ڪريو پر ڪيرايو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر بناوٽ جي لحاظ سان آمريڪي محسوس ٿي رهيو هو پر يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي.حويلي بابت ٻڌايو ويو آهي ته اِها حوالي لڳ ڀڳ 10 يا 12 سال اڳ هڪ پشتون تعمير ڪرائي هئي ۽ مقامي ماڻهن کي ڪڏهن به اندازو ڪونه هو ته هتي ڪير رهي ٿو.صحافين لاءِ هدايتون: هڪ مقامي صحافي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج هينئر تائين علائقي جو محاسرو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن. مقامي سول انتظاميا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج هنن کي ڪجهه ناهي ٻڌايو جڏهن ته مقامي انتظاميا ۽ پوليس کي واقعي واري هنڌ وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته انهيءَ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ فوجي دستا موجود آهن، اڄ کان پهريان ڪڏهن به ايترا فوجي دستا ڪونه ڏٺا ويا. مقامي صحافين موجب واقعي واري هنڌ کوڙ سارا فوجي موجود آهن ۽ فوجي ٽرڪ واقعي واري هنڌ نظر اچي رهيا آهن. صحافين جو چوڻ آهي ته انهن واقعي واري هنڌ هڪ ڊزن ايمبولينسون ۽ فائر انجڻ پڻ ڏٺا آهن.مقامي صحافين موجب هنن کي واقعي واري هنڌ وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ فوج تصويرون ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. صحافين ٻڌايو آهي ته واقعي واري هنڌ فوج جا سينيئر آفيسر پڻ پهچي ويا هئا جيڪي ڪجهه دير کانپوءِ واپس هليا ويا.آءِ ايس آءِ به اسامه جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي اسامه بن لادن جي موت جي تصديق کانپوءِ پشاور ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ








    اسامه بن لادن هڪ ڪهاڻي ​










     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

    هر طرف عجب هُوڪ آهي ڪا ڳاله سمجه ۾ ئي نه ٿي اچي ڇا جواب ڏجي ڇا لکجي نه ڪنهنتي اعتبار آهي نه ڪنهن تي ڀروسو آهي اسان جو سفر ان مسافر جيان آهي جنهن کي پنهنجي منزل جي معرفت نه هجي ۽ هو هلندو رهي هاڻي اهو جيترو تيز هلندو اوترو پنهنجي منزل کان پري نڪرندو ۔ اسان کي هن واقعي تي خوش ٿيڻ گهرجي يا افسوس ڪرڻ گهرجي ان جي به خبر نه ٿي پوي جي ۔
    جيڪي افسوس ٿا ڪن تن سان افسوس آهي جي خوشي ٿا ڪن تن سان خوشي آهي ۔
    وسلام
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

    ادا اهيا ته حقيقت آهي ته اصل حقيقت جي ڄاڻ ته انهيء مالڪ کي آهي جيڪو دلين جا راض به ڄاڻي ٿو، مگر هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي سندس موت تي افسوس ضرور ٿيو آهي، دنيا جي لٺ سردار ۽ عالمي دهشتگرد آمريڪا کي اگر ڪي ماڻهون ڳلي ۾ ڪنڊا آهن ته انهن مان هڪ هي پڻ وڏو ڪنڊو هو، جنهن جي ڪري آمريڪين سندس موت تي تمام گهڻيون خوشيون ملهايون آهن،
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

    ڪيپيٽل ٽاڪ جي هڪ وڊيو رپورٽ ​


     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

    آج ڪامران خان ڪي ساٿ ۾ لادن ڊسڪس ​
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

    هڪ تبصرو هڪ گفتگو ​
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو


    اسامه بن لادن جو پروفائيل​

    ذوالفقار قادري
    هڪ رپورٽ مطابق آءِ ايس آءِ ذريعي آمريڪي انتظاميا ڏيڍ لک ٽن هٿيار ۽ بارود پشاور ۽ چمن واري روٽ کان افغاستان موڪليو. صرف هٿيارن جي لاجسٽڪ رسد جا ويهه ڊالر في ڪلو جي حساب سان آمريڪا کان وصول ڪيا ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ اسامه صرف ٻاويهن سالن جي عمر ۾پشاور پهتو. اسامه بن محمد بن عواد بن لادن پنهنجي پيءُ محمد بن عواد جي ڏهون نمبر زال جي بطن مان 1957ع ۾ سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ محمد بن عواد يارهن شاديون ڪيون ۽ کيس چوويهه پٽ ۽ ٽيهه ڌيئرن جو اولاد ٿيو. محمد بن عواد بن لادن 1929ع ڌاري اباڻو وطن يمن ڇڏي سعودي عرب جي ساحلي بندرگاهه واري شهر جده ۾ آباد ٿيو. شروعاتي ڏينهن ۾ کيس ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي، بعد ۾ هن پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو. اڳتي هلي هن تعميراتي ڪمپني جوڙي ورتي. محمد بن عواد بن لادن ڪاروبار جي سلسلي ۾ شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق ويو، جتي سندس ملاقات هڪ خوبصورت شامي عورت حميده سان ٿي. محمد بن عواد بن لادن حميده سان شادي ڪري ورتي. حميده جي بطن مان کيس هڪ ئي پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو اسامه رکيو ويو. اسامه اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد محمد لادن ۽ والده درميان اختلاف پيدا ٿي ويا، سندس والده حميده لادن فيملي کان الڳ وڃي تبوڪ شهر ۾ رهڻ لڳي، جڏهن ته اسامه پيءُ وٽ رهيو. ماءُ جي شفقت جي محروميءَ سبب سندس لاڙو مذهبي ڪتابن طرف ٿيو. محمد عواد لادن جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو، جو سٺ واري ڏهاڪي ۾ بن لادن گروپ آف ڪمپنيز نه صرف سعودي عرب، بلڪه وچ اوڀر جي امير ترين گروپن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. بن لادن گروپ جو سعودي عرب جي بادشاهن ۽ حڪمران گهراڻن سان تعلق ۽ ويجهڙائپ آهي ۽ ڪيترن منصوبن ۾ سعودي عرب جو حڪمران گهراڻو بن لادن گروپ آف ڪمپنيز ۾ پارٽنر آهي. سعودي حاڪم شاهه فيصل، شاهه خالد، شاهه فهد ۽ شاهه عبدالله جو بن لادن گهراڻي سان مرڻي پرڻي جو رشتو رهيو آهي. 1958ع ۾ جڏهن سعودي شاهي گهراڻو مالي مشڪلات جو شڪار ٿيو ته ان وقت به بن لادن فيملي سندن مدد ڪئي، پر ايتري قدر جو جيڪڏهن سعودي شاهي گهراڻي ۾ ڪي اختلاف ٿين ٿا ته اها ٽياڪڙي به بن لادن فيملي ڪري ٿي. 1967ع ۾ جڏهن اسامه جي عمر اڃا ڏهه ورهيه مس هئي ته سندس پيءُ محمد لادن هڪ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو. پيءُ جي وفات بعد اسامه کي سندس گهراڻي لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، پر 1975ع ۾ جڏهن لبنان ۾ خانه جنگي شروع ٿي ته اسامه کي واپس سعودي گهرايو ويو. اسامه سخت گير مذهبي لاڙي جو حامي رهيو. جڏهن 1979ع ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون، مزاحمتي جهادي تحريڪون سرگرم ٿيون ته اسامه بن لادن به ٻاويهين ورهين جي عمر ۾ جهاد جي جذبي سان پشاور پهتو. اسامه جڏهن سعودي عرب کان پشاور پهتو ته ان وقت پشاور ۾ اٽڪل چوراسي افغان جهادي گروپ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهي سڀ افغانستان ۾ روسي فوجن خلاف سرگرم عمل هئا. اسامه پنهنجي ڪيمپ جو نالو ”بيت الانصار“ رکيو. مختلف عرب ملڪن کان ايندڙ جهادي ماڻهن جي رهائش، بيماري، کاڌ خوراڪ ۽ تربيت جهڙن ڪمن جي نگراني اسامه پاڻ ڪندو رهيو. انڊونيشيا کان ويندي مراڪش تائين ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين پٺيان اسامه بن لادن ۽ القاعده جو نالو ايندو رهيو. نائن اليون واقعي بعد اهو آمريڪا، جنهن افغان جهادي تيار ڪيا ۽ اسامه جي سرپرستي ڪئي، سو اسامه جي خلاف ٿي ويو. آخر آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏجي افغانستان ئي طالبان سرڪار خلاف ڪارروائي ڪئي. طالبان ڪابل جو تخت ڇڏي ٽڙي پکڙجي ويا. ايبٽ آباد لڳ مارجڻ کان اڳ اسامه بن لادن کي آخري ڀيرو توره بوره جي جبلن ۾ ڏٺو ويو.
    آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ويجهو هڪ آپريشن ۾ اسامه بن لادن ماريو ويو. آپريشن وقت آمريڪي صدر اوبامه پاڪستاني صدر آصف علي زرداري سان پڻ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. اهو ڪو پهريون دفعو ناهي، ماضيءَ ۾ به پاڪستاني ۽ آمريڪي حلقه اسامه جي مارجي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن، پر هي پهريون دفعو آهي، جو آمريڪي صدر قوم کي خطاب ڪندي اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو فيصلو ٿئي يا نه ٿئي، پر صدر آصف علي زرداري اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته تحريڪ طالبان جو ماسٽر مائينڊ ۽ بيت الله محسود جهڙن ويڙهاڪن کي جنم ڏيندڙ ۽ بينظير ڀٽو سان وير رکندڙ اسامه بن لادن سندس دور صدارت ۾ مارجي ويو، پر ساڳئي وقت صدر آصف علي زرداري جي پنهنجي حياتي لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، هاڻي کيس احتياط ڪرڻو پوندو
    بشڪريه ڪاوش اخبار


    اسامه بن لادن جو پروفائيل هڪ وضاحت

    هڪ رپورٽ مطابق آءِ ايس آءِ ذريعي آمريڪي انتظاميا ڏيڍ لک ٽن هٿيار ۽ بارود پشاور ۽ چمن واري روٽ کان افغاستان موڪليو. صرف هٿيارن جي لاجسٽڪ رسد جا ويهه ڊالر في ڪلو جي حساب سان آمريڪا کان وصول ڪيا ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ اسامه صرف ٻاويهن سالن جي عمر ۾پشاور پهتو. اسامه بن محمد بن عواد بن لادن پنهنجي پيءُ محمد بن عواد جي ڏهون نمبر زال جي بطن مان 1957ع ۾ سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ محمد بن عواد يارهن شاديون ڪيون ۽ کيس چوويهه پٽ ۽ ٽيهه ڌيئرن جو اولاد ٿيو. محمد بن عواد بن لادن 1929ع ڌاري اباڻو وطن يمن ڇڏي سعودي عرب جي ساحلي بندرگاهه واري شهر جده ۾ آباد ٿيو. شروعاتي ڏينهن ۾ کيس ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي، بعد ۾ هن پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو. اڳتي هلي هن تعميراتي ڪمپني جوڙي ورتي. محمد بن عواد بن لادن ڪاروبار جي سلسلي ۾ شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق ويو، جتي سندس ملاقات هڪ خوبصورت شامي عورت حميده سان ٿي. محمد بن عواد بن لادن حميده سان شادي ڪري ورتي. حميده جي بطن مان کيس هڪ ئي پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو اسامه رکيو ويو. اسامه اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد محمد لادن ۽ والده درميان اختلاف پيدا ٿي ويا، سندس والده حميده لادن فيملي کان الڳ وڃي تبوڪ شهر ۾ رهڻ لڳي، جڏهن ته اسامه پيءُ وٽ رهيو. ماءُ جي شفقت جي محروميءَ سبب سندس لاڙو مذهبي ڪتابن طرف ٿيو. محمد عواد لادن جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو، جو سٺ واري ڏهاڪي ۾ بن لادن گروپ آف ڪمپنيز نه صرف سعودي عرب، بلڪه وچ اوڀر جي امير ترين گروپن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. بن لادن گروپ جو سعودي عرب جي بادشاهن ۽ حڪمران گهراڻن سان تعلق ۽ ويجهڙائپ آهي ۽ ڪيترن منصوبن ۾ سعودي عرب جو حڪمران گهراڻو بن لادن گروپ آف ڪمپنيز ۾ پارٽنر آهي. سعودي حاڪم شاهه فيصل، شاهه خالد، شاهه فهد ۽ شاهه عبدالله جو بن لادن گهراڻي سان مرڻي پرڻي جو رشتو رهيو آهي. 1958ع ۾ جڏهن سعودي شاهي گهراڻو مالي مشڪلات جو شڪار ٿيو ته ان وقت به بن لادن فيملي سندن مدد ڪئي، پر ايتري قدر جو جيڪڏهن سعودي شاهي گهراڻي ۾ ڪي اختلاف ٿين ٿا ته اها ٽياڪڙي به بن لادن فيملي ڪري ٿي. 1967ع ۾ جڏهن اسامه جي عمر اڃا ڏهه ورهيه مس هئي ته سندس پيءُ محمد لادن هڪ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو. پيءُ جي وفات بعد اسامه کي سندس گهراڻي لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، پر 1975ع ۾ جڏهن لبنان ۾ خانه جنگي شروع ٿي ته اسامه کي واپس سعودي گهرايو ويو. اسامه سخت گير مذهبي لاڙي جو حامي رهيو. جڏهن 1979ع ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون، مزاحمتي جهادي تحريڪون سرگرم ٿيون ته اسامه بن لادن به ٻاويهين ورهين جي عمر ۾ جهاد جي جذبي سان پشاور پهتو. اسامه جڏهن سعودي عرب کان پشاور پهتو ته ان وقت پشاور ۾ اٽڪل چوراسي افغان جهادي گروپ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهي سڀ افغانستان ۾ روسي فوجن خلاف سرگرم عمل هئا. اسامه پنهنجي ڪيمپ جو نالو ”بيت الانصار“ رکيو. مختلف عرب ملڪن کان ايندڙ جهادي ماڻهن جي رهائش، بيماري، کاڌ خوراڪ ۽ تربيت جهڙن ڪمن جي نگراني اسامه پاڻ ڪندو رهيو. انڊونيشيا کان ويندي مراڪش تائين ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين پٺيان اسامه بن لادن ۽ القاعده جو نالو ايندو رهيو. نائن اليون واقعي بعد اهو آمريڪا، جنهن افغان جهادي تيار ڪيا ۽ اسامه جي سرپرستي ڪئي، سو اسامه جي خلاف ٿي ويو. آخر آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏجي افغانستان ئي طالبان سرڪار خلاف ڪارروائي ڪئي. طالبان ڪابل جو تخت ڇڏي ٽڙي پکڙجي ويا. ايبٽ آباد لڳ مارجڻ کان اڳ اسامه بن لادن کي آخري ڀيرو توره بوره جي جبلن ۾ ڏٺو ويو.
    آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ويجهو هڪ آپريشن ۾ اسامه بن لادن ماريو ويو. آپريشن وقت آمريڪي صدر اوبامه پاڪستاني صدر آصف علي زرداري سان پڻ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. اهو ڪو پهريون دفعو ناهي، ماضيءَ ۾ به پاڪستاني ۽ آمريڪي حلقه اسامه جي مارجي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن، پر هي پهريون دفعو آهي، جو آمريڪي صدر قوم کي خطاب ڪندي اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو فيصلو ٿئي يا نه ٿئي، پر صدر آصف علي زرداري اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته تحريڪ طالبان جو ماسٽر مائينڊ ۽ بيت الله محسود جهڙن ويڙهاڪن کي جنم ڏيندڙ ۽ بينظير ڀٽو سان وير رکندڙ اسامه بن لادن سندس دور صدارت ۾ مارجي ويو، پر ساڳئي وقت صدر آصف علي زرداري جي پنهنجي حياتي لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، هاڻي کيس احتياط ڪرڻو پوندو.



    آمريڪا آپريشن بابت نه ٻڌايو“ پاڪستان نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

    ڊپ هو ته اسامه کي نه ٻڌايو وڃي، مشن ناڪام ٿئي ها: سي آءِ اي



    اسلام آباد (م ڊ) ايبٽ آباد ۾ آمريڪي فوج پاران القاعده سربراهه اسامه بن لادن کي مارڻ واري واقعي بعد آپريشن واري هنڌ جو اڃا تائين گهيرو برقرار آهي. فوج ڪنٽرول پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان آمريڪا آڏو احتجاج ۽ خدشا ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايبٽ آباد ۾ ٿيل آپريشن جو ڪنهن اداري کي علم نه هو، آمريڪا سول يا ملٽري قيادت کي اعتماد ۾ نه ورتو هو، بيان ۾ چيو ويو ته اسامه جو موت دهشت گردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪاميابي آهي پاڪستان اسامه کي پڪڙڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان جو ڪو به بيس آمريڪين جي استعمال ۾ نه آهي، ميڊيا ۾ آيل رپورٽون غلط آهن. آمريڪا بنا ٻڌائڻ جي ڪارروائي ڪئي، آءِ ايس آءِ 2003ع کان ايبٽ آباد تي نظر رکي رهي هئي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت آمريڪا پاران اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪارروائي ڪرڻ تي شديد رد عمل ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهڙي ٻيهر ڪارروائي ڪئي وئي ته تعاون خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اهڙي سهولت آمريڪين کي نه آهي. ذريعن موجب پاڪستان آمريڪا کي اپريل 2011 تائين معلومات ڏني وئي. آمريڪي آپريشن ڪنهن به ملڪ جو رول ماڊل نه ٿو ٿي سگهي. ذريعن موجب پاڪستان اسامه بن لادن جي خاندان کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايبٽ آباد مان 3 عورتن ۽ 16 ٻارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي ايبٽ آباد کان پشاور اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمي ٿيل عورتن جو علاج به ڪيو پيو وڃي. زخمي عورتن جي عمر 40 کان 50 سال آهي. ذريعن موجب سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجاڻيون ڪري عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ اٿندڙ سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي ۽ نيٽو سپلاءِ لاءِ سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيٽو ٽرمينل انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها ٽينڪرن کي ٽرمينل تي نه بيهاري ۽ نه وري ٽينڪر روڊن تي بيهاريا ويندا. جڏهن ته خيبرپختون خواهه ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز به ڪم محدود ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ علائقي ۾ رهندڙ يمني ۽ ٻين پرڏيهين جي گرفتاري لاءِ سرچ ڪيو پيو وڃي. ڪالهه صحافين کي آپريشن واري گهر تائين پهچ ڏني وئي پر صحافين کي جاءِ ۾ اندر نه ڇڏيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان، آمريڪا ۽ افغانستان تعلقاتن ۾ بهتري ۽ دهشت گردي خلاف گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته اسامه بن لادن خلاف آپريشن پاڪستان خلاف سازش نه آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ ٽه ڌريون ڳالهيون ٿيون. ڳالهين بعد افغان ۽ آمريڪي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير چيو ته اسامه بن لادن ماضي جو حصو ٿي ويو آهي. ان تي ڳالهائڻ بدران مستقبل ڏانهن ڏسڻو پوندو، هن چيو ته دهشت گردن جو ڪو به مذهب ۽ سرحد ناهي، پاڪستان ان عزم تي قائم آهي ته ڌرتي دهشت گردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڊرون حملن بابت پاڪستان آمريڪا کي موقف کان آگاهه ڪيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته بي گناهه ماڻهن کي مارڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪا جي خاص نمائندي مارڪ گراس مين چيو ته گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. اسامه بن لادن جو موت پاڪستان، افغانستان ۽ آمريڪا جي گڏيل ڪاميابي آهي. هن چيو ته اساما جو موت يقيني ٿيو آهي. نه مارجڻ بابت خبرون غلط آهن. افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير جاويد لودن چيو ته خطو تبديلي واري دور مان گذري رهيو آهي. تعاون جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. ٻئي طرف آمريڪي سي آءِ اي سربراهه ليون پينٽا چيو ته اساما بن لادن خلاف ڪارروائي کي ڳجهو رکيو ويو، پاڪستان کي ان ڪري نه آگاهه ڪيو ڇاڪاڻ ته ڊپ هو ته اطلاع ڏيڻ سان اساما کي خبر پئجي پئي سگهي ۽ ائين آپريشن ناڪام ٿي وڃي ها. جڏهن ته آمريڪا پاڪستان لاءِ امداد کي ڊومور سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
    اسامه تائين پهچڻ ۾ 1.3 کرب ڊالر خرچ، 15 ڪروڙن کان وڌيڪ مضمون ڇپيا​


    اسلام آباد (عوامي آواز نيوز): القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن متعلق 24 ڪلاڪن ۾ 15 ڪروڙن کان وڌيڪ مضمون ۽ خبرون،آرٽيڪل ۽ تبصرا آن لائن ڪيا ويا، جنهن ۾ 70 هزار کان وڌيڪ نيوز اسٽوريون شامل آهن. انٽرنيٽ تي موجود مواد ۾ 15 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ مضمون ۽ خبرون اسامه بابت هيون. الجزيره موجب آمريڪا 10 سالن جي پيڇي کان پوءِ نيٺ اسامه کي ماري ڇڏيو. القاعده سربراهه تائين پهچڻ ۾ 1.3 ٽريلين ڊالر خرچ ٿيا.

    آمريڪا کي اسامه تائين پهچائيندڙ ڪويتي شهري هو​


    واشنگٽن (م ڊ) القاعده سربراهه اسامه بن لادن جي هڪ ساٿي جي غير محتاط ڪال آمريڪا کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهربل شخص تائين پهچڻ ۾ مدد ڏني. آمريڪي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته اسامه جو سڀ کان ويجهو ساٿي ڪويتي شهري شيخ ابو احمد هو، جيڪو به آمريڪي آپريشن ۾ ڀاءُ سميت مارجي ويو. نيٺ آمريڪي عملدار هڪ سال اڳ ڪيل ٽيليفون جي تحقيق مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن کي هو سڄي دنيا ۾ ڳولهي رهيا هئا.
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    ممتاز صاحب۔۔۔اوهان مُلان اُسامه جي سٺي نموني هڪ رپوٽ تيار ڪئي آهي۔۔۔۔اوهانکي شابس آهي۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    بشڪريه عمران درويش ۔۔۔۔۔۔
    اساما بن لادن جي مارجي وڃڻ جي خبر ته تمام دوستن ٻڌي آهي۔۔۔
    ۽ ٽي وي تي تصوير پڻ ٽي وي چينلز هلائي آهي۔۔۔ پر ڪنهن اهو غور ڪيو آهي ته
    اساما جي قتل ٿيڻ کانپو ۽ ان کان اڳ جي تصوير ۾ ڪو خاص فرق نه آهي ڇا ٽي وي چينلز کي
    ڏنل تصوير اصلي آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟


    مرڻ کانپو جاري ڪيل تصوير ۽ ان کان اڳ جي تصوير۔۔۔۔

    [​IMG]
    ۔۔
    پر هي ڇا هن تصوير ۾ ته صرف نڪ کان مٿيون حصو تبديل آهي۔۔۔

    [​IMG]


    ڇا مٿي ۾ گولي لڳڻ کانپو وات ۾ رت نه ايندي آهي؟؟؟؟؟



    شايد اها ڳالهه مون وانگي ڪجهه ٻين ماڻهن به سوچي ۽ ان تي باقائده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔۔

    ۔

    [​IMG]

    نتيجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    گهڻي ڳولا کانپو اساما بن لادن جي مرڻ کانپو جي هڪ ٻئي تصوير ملي ويئي


    جيڪا حاضر آهي!!!


    [​IMG]
    .
    [/QUOTE]
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    رنگي جا رنگ ته ٻڌندا هاسين پر سائين هتي ته آمريڪا جا رنگ پيا نظر اچن يعني وري ڪنهن ٻي وڊيو لاءِ تيار رهون ته اسامه جي موت جي ترديد اسامه پاڻ وڊيو موڪلي ڪئي آهي ته مان زنده آهيان وڃ ڀنان هي ته ڪا وڏي مصيبت آهي ممتاز صاحب ۔
    وسلام
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    ڪجهه شڪ واريون ڳالهيون ۽ حقيقتون ​




     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    سورهيه بادشاهه ۽ چي گويرا جا لاش به گم ڪيا ويا هئا​



    ڪراچي ( مقبول سنديلو ): آمريڪي اسپيشل فورسز پاڪستاني علائقي ايبٽ آباد ۾ آچر جي رات آپريشن ڪري القاعده سربراهه اسامه بن لادن کي ماري وڌو آهي، پر سرڪاري طور تي لاش جي اڃا تائين ڪا تصوير جاري ناهي ڪئي وئي. پاڪستاني چئنلن طرفان هلايل اسامه جي لاش جي تصوير کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي. ان تصوير کي بعد ۾ اخبارن به شايع ڪيو آهي. خابرو اداري ايجنسي فرانس پريس، برطانوي اخبار گارجين ۽ ٻين عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جاري ٿيل تصوير اساما جي اڳوڻي تصوير کي ڪمپيوٽر تي ٺاهي هلائي وئي آهي، جيڪا مڪمل طور تي جعلي آهي. تصوير کي بعد ۾ اخبارن به شايع ڪيو آهي. ٻئي طرف اساما جي مارجڻ ۽ ان جي فورن ئي لاش کي سمنڊ حوالي ڪرڻ تي ڪيترائي سوال پڻ اٿاريا ويا آهن، پر عالمي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اساما جا لکين چاهيندڙ آهن ۽ آمريڪا هن جي قبر کي زيارت گاهه بڻائڻ نه چاهيندو، ان ڪري هن جي لاش کي فوري طور تي غائب ڪيو ويو. دنيا جي مشهور شخصيتن جو موت ۽ لاش هميشه کان ڳجهارت ۽ پراسرار بڻيل رهيا آهن. اڄ کان 44 سال اڳ ارجنٽينا جي گوريلا ويڙهاڪ چي گويرا جي لاش کي به آمريڪا ائين ئي گم ڪري ڇڏيو هو. هن کي 10 آڪٽوبر 1967ع ۾ آمريڪي سي آءِ اي بوليويا جي جهنگ ۾ گوليون هڻي ماري وڌو هو، جنهن جو لاش بعد ۾ اڻ ڄاتل هنڌ تي دفنايو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين راز بڻيل آهي. ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه باقيات هٿ ڪري ڪيوبا ۾ مٽيءَ حوالي ڪري اتي يادگار تعمير ڪيو ويو آهي. اڄ کان 68 سال اڳ سنڌ جي سپوت صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) کي برطانوي انگريزن 20 مارچ 1943 تي ڦاهي چاڙهي لاش کي گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين پتو ناهي پيو. عالمي اتحادي فوجن آڏو هٿيار ڦٽا ڪندڙ نازي جرمني جي ” عظيم“ ڊڪٽيٽر اڊولف هٽلر 2 مئي 1945 تي خودڪشي ڪرڻ بعد پاڻ کي ساڙائي خاڪ کي گم ڪرڻ جي هدايت ڪري هليو ويو، جڏهن ته ڪجهه جرنيلن هٿيار ڦٽا ڪيا، ڪي ڀڄي ويا. ڏهاڪن تائين هٽلر جو موت به ڳجهارت بڻيل رهيو ۽ هن کي جيئرو سمجهيو ويو. دنيا جي ٻين اڳواڻن جي لاشن سان به برو سلوڪ ٿيو. 28 اپريل 1945 تي اٽليءَ جي فاشسٽ اڳواڻ بينٽو مسوليني کي گوليون هڻي مارڻ بعد لاش سرعام گوشت ٽنگڻ واري هُڪَ ۾ ٽنبيو ويو، جنهن جي لاش جي بعد ۾ ماڻهن وڏي تذليل ڪئي، جنرل ضياءُ الحق جي لاش جي خاڪ فضا ۾ ئي اڏري وئي، اڪبر بگٽي جو لاش چچريل حالت ۾ مليو، جڏهن ته 30 ڊسمبر 1996 تي عراق جي صدر صدام حسين کي ڦاهي چاڙهي سندس درد ناڪ موت جي وڊيو سڄي دنيا ۾ هلائي ماڻهن جون دليون رنجايون ويون هيون.
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    اسامه بن لادن جو انت، پس منظر ۽ پيش منظر​


    نثار لغاري


    2مئي 2011ع اهڙو ڏينهن ثابت ٿيو جنهن ڏينهن دنيا جي سڀني ٽي وي چينلن تي هڪ ئي خبر گردش ڪندي رهي ته اسامه بن لادن مارجي ويو. اها ميڊيا جنهن نائين- اليون جي موقعي تي اسامه بن لادن کي هڪ اهم ماڻهو عالمي دهشت گرد ۽ سڀني کان خطرناڪ قرار ڏنو هو انهيءَ ميڊيا اسامه بن لادن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي. طالبان تحريڪ واقعي جي تريد ڪئي، پر هاڻ ان کي ڪوبه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مطلب ته انهيءَ ميڊيا جنهن 2001ع ۾ کيس زندهه ڪيو هو. انهيءَ سندس موت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ۽ اهم ڳالهه اها ئي آهي. اسامه بن لادن پاڪستان جي سرحدن اندر ماريو ويو. ۽ اهو شهر ايبٽ آباد آهي. تاريخ ۾ انهيءَ شهر کي هاڻ هميشه لاءِ خاص اسامه بن لادن جي حوالي سان ياد ڪيو ويندو. اسامه بن لادن جي مارجڻ تي بي بي سي وائيس آف آمريڪا ۽ ٻين نشرياتي ادارن اهورپورٽ ڪيو ته واشنگٽن توڙي ٻين شهرن ۾ ماڻهو نڪري آيا انهن خوشي جو اظهار ڪيو ته هاڻ دهشت گردي جو اهم اهڃاڻ مارجي ويو دنيا ۾ امن قائم ٿي ويندو وغيره،آمريڪي صدر ميڊيا تي اچي خاص اعلان ڪيو ته اسان اسامه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.اسامه بن لادن جو پس منظر ۔۔۔۔۔۔۔۔اسامه بن لادن سعودي عرب جي هڪ خوشحال گهراڻي جو فرد هو، جنهن سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، سندس ڪجهه رجحان مذهب ڏانهن هو سوويت يونين جي ڀر ۾ افغانستان اندر جڏهن عوامي قوتن هڪ بغاوت ڪري ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي، ته آمريڪا سرد جنگ جي سلسلي ۾ اتي مداخلت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ اسلام کي ڪميونزم جي خلاف استعمال ڪرڻ جي هڪ ڊگهي رٿا بندي ٺاهي وئي. هي رٿابندي نظرياتي به هئي ته ساڳئي وقت هٿيار بند لڙائي به هئي. آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جي وسيلي افغان انقلاب دور خلاف اسلامي مجاهدن جي فوج تيار ڪئي، ۽ سموري دنيا مان مسلمان ويڙهاڪ گڏ ڪيا ويا. اسامه بن لادن کي به ائين آندو ويو. جڏهن افغانستان مان جنيوا معاهدي تحت روسي فوجون نڪري ويون، ۽ نجيب الله جي حڪومت ختم ٿي وئي ته آمريڪا جا مفاد به هتي محدود ٿي ويا، ۽ انهن انهيءَ سموري نام نهاد اسلامي مجاهدن جي تيار ڪيل فوج کي افغانستان کي اڃا وڌيڪ برباد ۽ ڀيلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو.هن عمل دوران 1991ع ۾ سويت يونين ٽٽي ويو ۽ سوشلسٽ بلاڪ پڻ ختم ٿي ويو. افغان مجاهدن ۽ اسلامي انتها پسندن ذهني طرح اهو سمجهيو ته اسان هڪ سپر پاور کي شڪست ڏئي ڇڏي اها هنن ڳالهه پنهنجي عام ڪارڪن تائين پڻ ڦهلائي ڇڏي.سوويت يونين جو خاتمو اسان ڪيو آهي. اسلامي جهادين وٽ اهو خاڪو به موجود هو ته هڪ اسلامي حڪومت قائم ڪئي ويندي جيڪا دنيا تي حڪومت ڪندي ۽ اها خلافت نج اسلامي هوندي انهيءَ بنياد تي هڪ دفعو وري اها فوج منظم ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو جيڪو جاري آهي.هن ئي دور ۾ اسامه بن لادن جي نظر عرب ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجن ۽ آمريڪا نواز حڪومتن تي پئي. اسامه بن لادن عرب خطي جي ڦرلٽ خلاف ڳالهايو ۽ خاص طرح فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت ۽ آمريڪا جي حمايت اسامه بن لادن ۽ سندس حامي عرب ويڙهاڪن کي سخت ڪاوڙ ۾ آندو ۽ ائين آمريڪا سان هنن جا اختلاف وڌي ويا اسامه بن لادن عرب حڪمرانن ۽ آمريڪا جي پاليسين تي تنقيد ڪندڙ هڪ عالمي اسلامي ليڊر طور اڳيان اچڻ لڳو.۔۔۔ نائين اليون نائين- اليون هڪ اهڙو واقعو ثابت ٿيو، جنهن آمريڪا جي جاڙن ٽاورن کي ڪيرائي وڌو.آمريڪا نائين- اليون جي حملن جو الزام اسامه بن لادن جي قائم ڪيل تنظيم القائدا مٿان لڳايو ۽ اهڙي ريت عرب ۽ مسلمان ملڪن ۾ آمريڪا خلاف جيڪا نفرت هئي، انهيءَ ۽ نائين-اليون اسامه بن لادن کي هيرو ڪري ڇڏيو. سندس لکين تصويرون وڪرو ٿيون، ۽ مسلمانن پنهنجي اولاد جا نالا اسامه جي نالي تي رکڻ شروع ڪيا.
    در حقيقت هن واقعي جو هن وقت تائين ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو، ته ڪيئن ٿيو.اسامه بن لادن کي هڪ ويڊيو ۾ هن جي ذميواري قبول ڪندي ڏيکاريو ويو.پر هن وقت تائين اهي سوال موجود آهن، ته نائين اليون جي ڪمانڊ ڪندڙ محمد عطا جيڪو پڻ سعودي شهري هو ڇا اسامه بن لادن جي هدايتن تي هي سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو؟؟۔۔القائدا ۽ عالمي سامراج ۔۔۔۔1991ع ۾ سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪي سامراج جي راهه ۾ پيل رڪاوٽ ختم ٿي وئي، ۽ هن عمومي طرح سموري دنيا ۽ خاص طور عرب خطي توڙي چائنا جي مفادن خلاف فوجي اڏا قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي حڪمت عملي اختيار ڪئي،. اسامه بن لادن ۽ القائدا جي نالي هڪ طرف اهڙو دشمن تيار ڪيو ويو، جيڪو بظاهر نظر پيو اچي، ۽ اهو دهشت گردي وارين ڪارواين جي ذميواري به قبول ڪري رهيو هو. اهڙي ريت آمريڪا ۽ ٻين سامراجي قوتن کي اهو جواز مليو، ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري تيل جي ذخيري وارن علائقن ۾ فوج ڪشيءَ جا جواز تلاش ڪيا وڃن. سامراج دشمن حقيقي قوتن کي اڀرڻ ۾ به رڪاوٽ وڌي وڃي ۽ ساڳي ريت القائدا کي پاپولر ڪيو وڃي.وڏي اهم ڳالهه ته سرمائيداري نظام ۽ ان جي سامراجيت کي به هڪ دشمن ملي وڃي جيڪو غير حقيقي هجي.هن وقت سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي،.هن وقت مسلمان خطن ۾ آمريڪا خلاف بغاوت ۽ اختلاف جو جهنڊو انتها پسند قوتون کڻي بيٺل آهن. ۽ اهي نوجوانن کي متوجهه پڻ ڪري رهيون آهن. هي انتها پسند قوتون ڇاڪاڻ ته پراڻ پسند آهن، ۽ ڪو عوامي پروگرام نه ٿيون رکن، ان ڪري تشدد کي واحد رستو سمجهن ٿيون تشدد خود سامراج لاءِ وڌيڪ تشدد ڪرڻ جا جواز فراهم ڪري ٿو.عالمي سرمائيداري سامراجي نظام وٽ دنيا کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، ۽ ٽين دنيا جي غريب ملڪن جا جيڪي باقي بچيل وسيلا آهن اهي ڦرڻ لاءِ آمريڪا ۽ باقي سامراجي دنيا جو ٻيو مقصد آهي. ان ڪري هو خود پنهنجي عوام ۽ سموري دنيا کي خوف، دهشت ۽ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ زنده رکڻ چاهين ٿا. ان لاءِ القائدا ۽ اسامه بن لادن جهڙا ڪردار ڏاڍا ڪارائتا آهن. بن لادن جي وڃڻ کان پوءِ وري ڪو ٻيو سامهون آندو ويندو ۽ ڪو نئون ڊرامو شروع ٿي ويندو. دهشت گردي بر بريت ۽ احتجاجي تباهي هن سرمائي جي نظام جي داخلي صلاحيت آهي، ان ڪري اسامه ۽ القائدا نتيجو آهن نه ڪي سبب!!!اسامه بن لادن جو پاڪستان ۾ مارجڻ دنيا جي هر ميڊيا اڳيان پاڪستان جي حڪمرانن طبقي جي مختلف آوازن به اهم ڳالهيون ڪيون هيون. (1) اسامه بن لادن پاڪستان ۾ نه آهي ۽ (2) نه هو مارجي چڪو آهي،جنرل پرويز مشرف کان وٺي هاڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ تائين اهي بيان ڏيندا رهيا آهن نيٺ، 2 مئي 2011ع جي رات آمريڪي اسپيشل فورسز طرفان هڪ ڪاروائي ۾ اسامه بن لادن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي.هاڻي، ڪوڙ ڪٿي آهي، ۽ سچ ڪٿي آهي؟؟ايبٽ آباد ۾ اسامه جو مارجڻ پاڪستان تي هڪ ٻي چارج آهي، ته دنيا کي دوکي ۾ رکيو ويو!!!هن وقت ئي اهي تبصرا شروع ٿي ويا آهن، ته پاڪستان جي دفاعي ادارن ۽ حڪومت کان اسامه بن لادن جي موجودگي کي لڪائڻ جو پڇاڻو ڪيو وڃي. سختي ڪئي ويندي ته ڊو مور do more پاڪستان اندر به انتها پسند قوتن ۽ ان جي مخالف يا آمريڪا نواز قومن ۾ جنگ ڇڙڻ جا امڪان آهن، جيڪا ڪرت جاري آهي. آمريڪا طرفان ڊرون حملن کان پوءِ اسپيشل آپريشن پڻ شروع ڪرڻ جا امڪان آهن.دنيا ۾ اها ڳالهه عام طور تي ڪئي ويندي آهي ته پاڪستان دهشت گردي جو مرڪز آهي، ۽ هن واقعي کانپوءِ اهو بحث اڃا وڌيڪ ٿيندو.اسامه جي موجودگي ۽ سندس مارجڻ خود پاڪستان جي اختيار اعليٰ ۽ دفاعي، عسڪري ڳجهن ادارن لاءِ وڏو سوال آهي، اهي آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن ڇا هو فقط پنهنجي شهرين کي دٻائڻ ۽ مارڻ لاءِ آهن؟؟اسامه جو باب بند ۽ دهشت گردي خلاف جنگ ۔۔۔۔اسامه بن لادن جي مارجڻ سان ڇا دهشت گردي ختم ٿي ويندي؟؟ ان جو جيڪڏهن سڌو جائزو وٺجي ته جواب نه هوندو، ڇوته اسامه بن لادن کي پيدا ڪندڙ عالمي سامراج ۽ ان جو مهندار آمريڪا آهي. جيسيتائين عالمي سرمائيدار نظام آهي، ۽ ان جي رياستن جي رياستي دهشت گردي واري پاليسي جاري آهي. ان وقت تائين دهشت گردي ۽ ان رد عمل ۾ پيدا ٿيندڙ جوابي دهشت گردي ختم نه ٿيندي ڀلي ڏهه اسامه مارجي وڃن.ياوري جنم وٺن.سوال وري اهو به آهي، ته معمر قذافي ۽ سندس پٽ سيف السلام ۽ ٽن پوٽن ڪهڙي دهشت گردي ڪئي هئي.نيٽو جي فوجن طرفان قذافي جي پٽ ۽ پوٽن کي قتل ڪرڻ ڇا وڏي عالمي دهشت گردي نه آهي؟ ڇا لکين عراقين ۽ افغانين کي قتل ڪرائيندڙ جارج ڊبليو بش ۽ ٽوني پليئر وڏا دهشت گرد نه آهن؟ انهن ڏانهن خلاف ڪو ڪيس هلي سگهندو ؟ آمريڪي فوجن خلاف ڪاعالمي عدالت ٺهي سگهندي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ دنيا ۾ هن نام نهاد دهشت گردي مخالف جنگ جي رد عمل ۾ واقعي دهشت گردي جنم وٺندي رهندي. هي حڪمران ڀلي حڪومت کي مطمئن ڪن ته معاملو ٺيڪ ٿي ويو وغيره!!!هڪ طرف اسامه بن لادن جي مارجڻ جون خبرون هلي رهيون هيون، ته ٻئي طرف وري ڪراچي ۾ خون جي هولي کيڏي پئي وئي. ڪراچي۾ مارا ماري جاري هئي، ٽئين طرف اسان جا حڪمران خوش لباسن ۾ ملبوس حلف برداريون ڪري وسيع تر قومي مفاد ۾قومي حڪومت جو قيام عمل ۾ آڻي رهيا هئا. مطلب ته هي ٻه الڳ الڳ دنيائون آهن. عام ماڻهو هاڻي چڱي طرح هن سمورين حقيقتن کان واقف ٿي رهيو آهي. هن وقت تائين هو سڀ ڪجهه هتي ڏسي رهيو آهي.بجلي کان پوءِ پيٽرول بم کين اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    اسامه جو قتل ۽ پاڪستاني ادارن جي ساک جو سوال!​

    ڊاڪٽر عبدالمجيددنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄاتل سڄاتل، القاعده جو ليڊر اسامه بن لادن آخرڪار آمريڪي ميرين ڪمانڊوز جي هڪ آپريشن ۾ پاڪستان جي خوبصورت شهر ائبٽ آباد اندر مارجي ويو. آمريڪي ڪمانڊوز کيس زنده پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مزاحمت تي کيس مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. ان آپريشن ۾ اسامه سان گڏ سندس ٻه ڀائر، ٻه زالون ۽ اٺ ٻار به موجود هئا، پر هن سان گڏ قتل صرف سندس هڪ پٽ ۽ هڪ ڪويتي باڊي گارڊ ٿيو آهي، باقي ٻيا گهر ڀاتي گرفتار آهن، البته اها ڳالهه به اڃا واضح ڪانهي ته گرفتار ٿيل ماڻهو ڪنهن جي تحويل ۾ آهن. هن آپريشن ۾ ٻن ”اپاچي“ هيليڪاپٽرن حصو ورتو ۽ ڪابل ويجهو بن گرام ايئر بيس تان اڏام ڪري ائبٽ آباد ۾ ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ويجهو اسامه بن لادن کي قتل ڪري ڇڏيو.
    آمريڪا 11/9 واري واقعي کان پوءِ افغانستان تي جڏهن حملو ڪيو هو ته وٽس ٽي اهم ٽارگيٽ هئا. انهن مان پهريون ته طالبان جي حڪومت جو افغانستان مان خاتمو، ٻيو القاعده جي دهشتگردي کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ ۽ ٽيون اسامه کي زنده يا مرده حالت ۾ هٿ ڪرڻ هو. در حقيقت آمريڪا اهي ٽئي قائم ڪيل گول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. پوين پورن ڏهن سالن کان آمريڪا جهر جهنگ ۽ جبل لتاڙيندو اسامه کي ڳولهيندو رهيو آهي، پر هن آپريشن جي تاريخ ۽ حڪمت عملي ڏسي ۽ پڙهي آمريڪا بهادر جي پلاننگ ۽ صبر کي داد ڏيڻو پوي ٿو. اوسامه جو ڪوڊ نالو ۽ سندس خاص ماڻهن ۽ قاصدن جا نالا ته آمريڪي سي آءِ اي کي 2007ع ۾ حاصل ٿي چڪا هئا، پر سندس ڪويتي باڊي گارڊ ۽ معتمد خاص آمريڪين کي ائبٽ آباد تائين وٺي اچڻ جي غلطي ڪري وڌي، جڏهن هن سيٽلائيٽ فون ذريعي آگسٽ 2010ع ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رابطا ڪرڻ شروع ڪيا هئا. آمريڪي سيٽلائيٽ سسٽم ان فون تي ٿيل ڳالهين جا پيرا کڻي اچي ڪاڪول اڪيڊمي ويجهو بلال ٽائون جي هڪ شاهڪار ۽ مضبوط ڀتين ۽ دروازن واري حويلي ۾ وڌا. آمريڪي ايجنٽ 5 فوٽ ٿلهين ۽ 18 فوٽ اوچين ديوارن کي ڏسي پڪ سمجهيا ته ان حويليءَ اندر ڪو هاءِ پروفائيل رکندڙ شخص ضرور موجود آهي ۽ پوءِ فيبروري 2011ع تائين کين اتي اسامه جي موجودگيءَ جي پڪ ٿي وئي. فيبروريءَ ۾ ئي صدر اوبامه کي ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ مارچ جي شروع ٿيڻ تائين اوبامه ان اطلاع ۽ آپريشن پلان متعلق پنج گڏجاڻيون ڪري چڪو هو. ان آپريشن متعلق اوباما انتظاميا جي ڪن ٿورڙن ماڻهن کي ڄاڻ ڏني وئي هئي ۽ پاڪستان حڪومت سان ان متعلق ڪو به صلاح مشورو ڪو نه ڪيو ويو هو.
    حقيقي معنيٰ ۾ ائبٽ آباد ۾ قتل ٿيڻ کان اڳواٽ عالمي ميڊيا اسامه کي ٻه ٽي دفعا اڳ ۾ به ماري چڪي هئي. هن وقت به سندس قتل هڪ معمو بڻيل هجي ها، جيڪڏهن سندس موت جي شاهدي خود صدر اوبامه پنهنجي زبان سان پوري دنيا اڳيان نه ڏئي ها. ڇو ته ڪيترا دفعا وڊيو فلمن ذريعي، الجزيرا ٽي وي تان سندس پيغام به نشر ٿيندا رهيا ۽ ڪڏهن انهن پيغامن ۽ وڊيو فلمن کي ڪوڙو به قرار ڏنو ويندو رهيو هو. هڪ آمريڪي ماهر سندس هڪ وڊيو پيغام کي اهو چئي رد ڪيو هو ته ان فلم ۾ اسامه کي کٻي هٿ ۾ هڪ ڇلو پاتل هو ۽ اسامه جي مذهبي فرقي اندر مرد حضرات ڪڏهن به زيور نه پائيندا آهن. آمريڪي ماهر جي ان راءِ ۾ ڪافي منطق ۽ دليل سمايل هو ۽ ان دليل آڌار دنيا اسامه جي ان وڊيو پيغام کي رد ڪري ڇڏيو هو.
    دنيا جي هن Most wanted ماڻهو، جنهن جي گرفتاري يا قتل تي پنجاهه ملين ڊالر انعام رکيل هو، جي قتل جا پاڪستان جي بين الاقوامي ساک تي ڏورانهان اثر پوڻا آهن. پوين ٻن ڏهاڪن کان ڀارت حڪومتي سطح تي پاڪستان جي حساس ادارن کي عالمي دهشتگردي ۾ ملوث ڄاڻائڻ جي پروپيگنڊا ڪندو رهيو آهي ۽ ائبٽ آباد ۾ ٿيل هن قتل ڀارتي ادارن جي ان غلط پروپيگنڊا کي شايد وڌيڪ استحڪام بخشيو آهي. ڀارتي حڪومت القاعده، لشڪرِ طيبه ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن کي پاڪستاني ادارن کان مدد ملڻ جي پروپيگنڊا ڪندو رهيو آهي ۽ عالمي راءِ عامه کي پاڻ سان ملائڻ جون به مذموم ڪوششون ڪندو رهيو آهي، اسامه جو ائبٽ آباد ۾ ملڻ يقيناً پاڪستاني ادارن لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ثابت ڪو نه ٿيندو، پر پاڪستان جي قيادت، ميڊيا ۽ پريس کي ان ڳالهه ۽ تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ گهڻا جتن ڪرڻا پوندا. ڇو ته ڪو به باشعور ماڻهو ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو ته اسان جا ادارا اسامه جي رهائش ۽ ائبٽ آباد ۾ سندس موجودگيءَ کان بي خبر هئا. اهڙي ڳالهه تي اڙ ٻڌي بيهڻ به عقلمندي نه هوندي، البته پاڪستان ۽ سعودي سفارتڪاري هن ڳالهه جو حل ڪڍڻ ۾ شايد ڪامياب وڃي.
    صدر اوباما جي پاڪستان متعلق تقرير ڪافي حد تائين غير واضح هئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جا ٿورا ته مڃيا هئا، پر ان ڳالهه جو ذڪر اوباما ۽ گيلاني طرفان ڪو نه ٿيو آهي ته آيا اهڙو اطلاع پاڪستاني ادارن طرفان آمريڪا کي ڏنو ويو هو يا خود آمريڪي ادارن اوباما کي پاڪستان جي طاقتور ادارن جي نڪ هيٺان ڳولهي لڌو هو. آمريڪي پريس ۾ پاڪستاني ادارن طرفان مليل اهڙي اطلاع جو ذڪر ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. ٻئي طرف پاڪستاني دفتر خارجه ان آپريشن ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ کان بلڪل انڪار ڪيو آهي. جيڪڏهن هي آپريشن پاڪستان کي اڳواٽ ڪنهن اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڪيو ويو آهي ته آمريڪا کي دل کولي داد ڏيڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت پاڪستاني ادارن تي ماتم ڪرڻ فرض آهي، پر شايد ته ٻنهي ملڪن جا اهم ادارا يا پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهن، ڇو ته پاڪستاني آءِ ايس آءِ آمريڪي سي آءِ اي ۽ اسرائيلي موساد کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونهي. اهڙي اداري کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کانسواءِ آمريڪي فوج ۽ حڪومت ان هاءِ پروفائيل قسم جي آپريشن ۾ اهڙي فاش غلطي ڪڏهن به نه ڪئي هوندي، بلڪه پاڪستاني ادارن کي ضرور اعتماد ۾ ورتو هوندو. ان ڳالهه جو ثبوت ان مان به ملي ٿو ته جڏهن صبح جو سوير پاڪستاني ميڊيا جا سڀ چينل ۽ ان جا اينڪر پرسن هاءِ گهوڙا مچائي ويٺا هئا ته کين پاڪستاني حڪومت جو اڃا تائين ڪو به موقف نه مليو آهي ته ان وقت در حقيقت پاڪستاني خارجه آفيس صدر اوباما جي بيان جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ ان جي بيان ٻڌڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت پنهنجو موقف ميڊيا اڳيان پيش ڪيو هو.
    اسامه جي ائبٽ آباد ۾ موجودگي ۽ قتل باعث تشويش ضرور آهي ۽ ان جو الزام سڌي طرح پاڪستاني حساس ادارن تي لڳي رهيو آهي. پر ائبٽ آباد جي هن آپريشن مان پاڪستان جي ان موقف کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ته پاڪستان ۾ ڪرايل دهشتگردي ۾ انڊيا نواز طالبان جو گروهه شامل آهي. پاڪستاني ادارن جي نظر چُڪ سبب اگر اسامه ائبٽ آباد ۾ مهمان طور سڪونت اختيار ڪئي هئي ته پوءِ القاعده ۽ سندن ذيلي تنظيمون پنج هزار پاڪستاني فوجين ۽ ٽيهه هزار شهرين جي قتل جا مرتڪب ٿي نٿا سگهن
    بشڪريه ڪاوش
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    اسامه بن لادن (حياتي جو وچور)​


    جئه پرڪاش موراڻي

    دنيا ۾ دهشت جي علامت بڻيل اسامه بن لادن نيٺ پنهنجي انجام تي رسيو. اسامه بن محمد بن محمد عوض بن لادن سعودي عرب جي هڪ مالدار ڪٽنب جو هڪ فرد هو. 10 مارچ 1957ع تي ڄاول اسامه دنيا ۾مبينه طور دهشتگردي جو سڀ کان وڏو نيٽ ورڪ رکندڙ تنظيم ”القاعده“ جو باني هو. هو آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر تي ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيل حملن جو پڻ ذميوار هو ۽ کيس دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ڪري ڄاڻايو ويندو هو. اسامه بن لادن آمريڪا جو ڪٽر مخالف ليکيو ويندو هو ۽ سعودي حڪومت سندس شهريت ختم ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته سندس خاندان پڻ کيس پنهنجو نه ڪيو. سندس گرفتاري يا موت تي آمريڪي حڪومت پاران 5ڪروڙ ڊالر انعام رکيل هو جيڪا دنيا ۾ ڪنهن به هڪ فرد جي سر جي سڀ کان وڏي قيمت هئي.هو سعودي گادي واري شهر رياض ۾ پيدا ٿيو . اسامه جي والد محمد بن عوض بن لادن جا سعودي شاهي خاندان سان تمام ويجها لاڳاپا هئا. اسامه پنهنجي والد جي ڏهين گهر واري حميده العطاس مان هو پر سندس پيدائش کان ترت پوءِ سندس پيءُ سندس والده کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. جنهن بعد اسامه جي والده محمد العطاس سان شادي ڪئي. اسامه پنهنجي ڀاءُ ۽ ويڳي پيءُ سان گڏ هڪ ٻي گهر شفٽ ٿيو جتي ساڻس گهر ۾ سندس ٽي ويڳا ڀائر ۽ هڪ ويڳي ڀيڻ پڻ گڏ رهندا هئا. اسامه جي پرورش هڪ ڪٽر وهابي مسلم ٻار طور ٿي. 1968 کان 1976ع تائين هن پنهنجي تعليم الٿاگر ماڊل اسڪول ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ سلطان عبدالعزيز يونيورسٽي ۾ هن اقتصاديات ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن جي تعليم حاصل ڪئي. ڪجهه رپورٽن ۾ اهو چيو ويو آهي ته هن پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي. ڪجهه ذريعا اها به ڳالهه ن ٿا ته هن يونيورسٽي جي تعليم ٽئين سال ۾ اڌوري ڇڏي ڏني هئي. هن قرآن شريف ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪئي، هن شاعري پڻ ڪئي.1974 ۾ 17 سالن جي عمر ۾ اسامه پهرين شادي نجوا غنيم سان لنڊن ۾ شادي ڪئي. هڪ رپورٽ موجب اسامه 4 شاديون ڪيون ۽ جو 25 يا 26 ٻارڙن جو والد هو. ڪجهه رپورٽن ۾ سندس اولاد جو انگ 12 کان 24 جي وچ ٻڌايو وڃي ٿو. سندس والد محمد بن لادن 1967 ۾ هڪ هوائي جهاز جي حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آمريڪي پائلٽ لينڊنگ دوران غلطي ڪئي هئي. سندس وڏي ۾ وڏو ويڳو ڀاءُ ۽ سندس والد کان پوءِ بن لادن ڪٽنب جو سربراهه سليم بن لادن پڻ 1988ع ۾ هوائي جهاز جي حادثي ۾ سينٽ انتونيو ٽيڪساس ۾ فوت ٿي ويو هو. ايف بي آئي پاران ڏنل ڄاڻ موجب اسامه بن لادن جو قد ڇهه فوٽ 4 انچ کان 6 فوٽ 6 انچ ۽ سندس وزن 165 پائونڊ يا 75 ڪلو هو. سندس رنگ زيتوني هو ۽ گهڻو ڪري هو پٽڪو ٻڌندو هو.
    1979 ۾ ڪاليج ڇڏڻ بعد اسامه بن لادن عبدالله عظام سان گڏجي افغانستان ۾ روسي مداخلت خلاف ”جهاد“ ڪرڻ لاءَ پهتو. هو ان دوران ڪجهه وقت پشاور پڻ رهيو. 1979ع کان 1989ع جي وچ ۾ ان وقت جي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر ۽ ريگن پاران سندن مڪمل طور مدد ڪئي وئي. آمريڪي سي آئي اي پاران کيس هٿيار ۽ امداد فراهم ڪئي وئي ۽کيس تربيت فراهم ڪئي وئي. ان وقت آمريڪا پاران کين آزادي جا مجاهد ڪري سڏيو ويو. 1989ع اسامه ۽ عبدالله عظام گڏجي مڪتب الخدمت نالي تنظيم قائم ڪئي جنهن وسيلي هن مجاهدن لاءِ فنڊ، هٿيار ۽ ٻي امداد گڏ ڪئي ويندي هئي. ان دوران اسامه افغانستان ۾ هڪ ڪئمپ قائم ڪئي ۽ سڄي دنيا مان مجاهدين ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا. انهيءَ دوران هن ڪمانڊو وردي پاتي ۽ روسي هٿيار رکڻ شروع ڪيا جيڪو جنگ دوران کانئن کسيا ويا.1988ع ۾ بن لادن ۽ عظام جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا. عظام صرف مجاهدين جي مدد ڪرڻ جي حد تائين جهاد ۾ ملوث ٿيڻ ٿي چاهيو، جڏهن ته اسامه پاڻ ان ويڙهه ۾ شريڪ ٿيڻ ٿي چاهيو. ان ڪري ٻئي ڌار ٿي ويا. اسامه عظام کان الڳ ٿي ”القاعده“ نالي پنهنجي تنظيم جوڙي، رپورٽن موجب 20 آگسٽ 1988ع تي القاعده جو بنياد رکيو ويو. شروع ۾ القاعده جي بنيادي اصولن ۾ الهامي پيغام دنيا تائين پهچائڻ کي شامل ڪيو ويو. فيبروري 1989ع ۾ افغانستان مان روس جي واپسي کان پوءِ اسامه بن لادن سعودي عرب واپس وريو. ان وقت کيس بهادر هيرو وانگر مان ڏنو ويو. 2 آگسٽ 1990ع ۾ ڪويت ۾ عراق جي حملي سبب سعودي عرب جي حاڪمن پاڻ کي خطري ۾ محسوس ڪيو. ان وقت اسامه بن لادن شاهه فهد ۽ شهزادي سلطان جيڪو ان وقت سعودي عرب جو وزيردفاع هو سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته غيرمسلم فوجين تي يقين نه ڪريو پر سعودي حاڪمن اسامه جي ڳالهه تي ڪن نه ڌريو ۽ عراق جي ڪويت مانواپسي بعد آمريڪي فوجي سعودي عرب ۾ مقرر ڪيا ويا جنهن ڳالهه اسامه کي ڪاوڙائي وڌو هن کلي طرح سعودي عرب پاران آمريڪي فوج تي ڀروسو ڪرڻ کي تنقيد جو نشانو بنايو.8نومبر 1990ع ۾ ايف بي آئي نيو جرسي ۾ القاعده جي هڪ اڳواڻ علي محمد جي ساٿي السعوديه نوسار جي گهر تي ڇاپو هنيو. جنهن دورن نيويارڪ ۾ دهشتگردي جي وڏن منصوبن جو سراغ مليو. نوسار تي بعد ۾ 1993ع ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي بمباري ۽ يهودي ربي مير ڪاهين جي قتل جو الزام لڳا. ان دوران اسامه سعودي حڪومت خلاف لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. 1992ع ۾ هو سوڊان ڏانهن جلاوطن ٿي ويو. هن خرطوم ۾ مجاهدن جو هڪ نئون مرڪز قائم ڪيو. ان دوران 5 مارچ 1994ع تي سعودي حڪمران اسامه جي شهريت ختم ڪري ڇڏي ۽ سندس ڪٽنب کي پڻ کيس خرچ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. هڪ رپورٽ موجب اسامه جو خاندان ان وقت کيس هر سال 70 لک ڊالر ساليانو خرچ پکي جي مد ۾ ڏيندو هو. ان بعد اسامه پنهنجو سهڪار مصري اسلامي جهاد سان وڌايو جنهن کي القاعده جو مک سهڪار بڻايو ويو .1995ع تائين اسامه سوڊان ۾ موجود رهيو. ان دوران سي آئي اي سندس پتو لڳايو ۽ سي
    آئي اي جي پيراملٽري آفيسر بلي وا کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ آپريشن جي اجازت طلب ڪئي پر اختيارين کيس اها اجازت نه ڏني. ان دوران سوڊان جي اختيارين کيس پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ شروع ڪيو. آخر مئي 1996ع ۾ سوڊان ، سعودي عرب ، مصر ۽ آمريڪا جي دٻاءَ بعد اسامه بن لادن افغانستان جي شهر جلال آباد هليو آيو. جتي سندس رابطو طالبان جي ڪمانڊر ملا محمد عمر سان ٿيو.هڪ رپورٽ موجب ۾ اهو چيو ويو ته اسامه ملان عمر جي نياڻي سان شادي پڻ ڪئي.چيو وڃي ته پهريون وڏو دهشتگرد حملو جنهن ۾ اسامه سنئون سڌو ملوث هو اهو 29 ڊسمبر 1992ع ۾ عدن جي گولڊ مهر هوٽل ۾ ٿيل بم ڌماڪو هو جنهن ۾ 2 ماڻهو مري ويا هئا. ان دوران اسامه بن لادن هڪ مفتي ممدو محمود سليم جي ان فتويٰ ذريعي عام ماڻهن کي مارڻ کي شرعي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪو ماڻهو دشمن سان گڏ بيٺل هجي ان کي مارڻ جائز هجي. ان فتويٰ موجب مرندڙ جيڪڏهن سٺو مسلمان هوندو ته جنت ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪافر هوندو ته جهنم ۾ ويندو.
    1990ع ۾ القاعده الجزائر، مصر ۽ افغانستان ۾ جهادين جي مالي ۽ فردي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. 1992ع ۽ 1993ع ۾ اسامه قاري السعيد کي 40 هزار ڊالر ڏئي الجزائر ۾ مجاهدن لاءِ امداد طور اماڻيو. اسامه بن لادن تي اهو پڻ الزام آهي ته هن 17 نومبر 1997 ۾ مصري شهر لگزر ۾ ٿيل قتلام جي لاءِ سهڪار ڪيو جنهن ۾ 62 شهري مارجي ويا هئا. 1997ع جي وچ ڌاري افغانستان جي اتراتحاد پاران جلال آباد تي قبضي بعد اسامه کي اتي ناظم جهاد وارو پنهنجو اڏو ڇڏي ڏکڻ ۾ ترناوَ فارمز وڃڻو پيو. ان ويڙهاند دوران اسامه پنهنجي سوين عرب ويڙهاڪن کي طالبان جي مدد لاءِ ماڻيو. جنهن دورن اتراتحاد جي هزارا نسل سان لاڳاپيل اٽڪل 6 هزار ماڻهو ماريا ويا. 1998ع ۾ اسامه بن لادن ۽ سندس ويجهي ساٿي يا نائب ايمن الزواهري اها فتويٰ جاري ڪئي ته يهودين خلاف جهاد
    ڪيو وڃي ۽ اها هر مسلمان جي ذاتي ذميواري آهي ته مسجد الاقصيٰ ۽ ڪعبه شريف کي صيهوني قبضي سان آزادي ڏيارڻ لاءِ جهاد ڪري.

    1998ع جي ڊسمبر ۾ آمريڪي ڳجهي اداري جي سربراهه صدر کي اها رپورٽ پيش ڪئي ته القاعده آمريڪا ۾ حملن جي رٿا بندي ڪري رهي آهي.2000ع جي آخري ڌاري اهو انڪشاف ٿيو ته القاعده جنوري ۾ مختلف حملن جي رٿابندي ڪئي هئي. اسامه بن لادن جو نالو بوسينا هرزگووينيا ۾ مجاهدن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ورتو ويو.1999ع ۾ اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته 1993ع ۾ بوسنيا جي حڪومت اسامه کي ۽ سندس تيونس واسي مهريز اودوٿي کي شهريت ڏني ۽ پاسپورٽ جاري ڪيو هو. اسامه بن لادن جو سڀ کان وڏو دهشتگرد حملو 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريد سينٽر تي حملي کي قرار ڏنو پيو وڃي. جنهن ۾ آمريڪي رپورٽن موجب 2974 ماڻهو مري ويا هئا. جڏهن ته مختلف جهاز اغوا ڪري انهن عمارتن توڙي پينٽاگون سان ٽڪرائي تباهي پکيڙيندڙ 19 هائيجيڪر پڻ ان واقعي ۾ فوت ٿي ويا هئا. اسامه بن لادن ان دوران انهن حملو ڪندڙن جي تعريف نه ڪئي پر انهن حملن جي ذميواري قبول نه ڪئي هئي. 2004ع ۾ اسامه جوهڪ بيان منظر تي آيو جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان جي ذهن تي ٽاور تي حملوڪرڻ جو ڪو به خيال نه هو پر جڏهن صورتحال برداشت کان ٻاهر ٿي وئي ۽ اسان ناانصافي ۽ بربريت جيڪا آمريڪي اسرائيل اتحادي ڪري رهيا هئا سا ڏٺي ۽ فلسطين توڙي لبنان ۾ ٿيندڙ حملا ۽ جڏهن مون لبنان ۾ تباهي ڏٺي ته پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي به اها ئي سزا ڏجي ته جيئن اهي سبق سکن ۽ اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن کي مارڻ بند ڪن. هڪ وڊيو ٽيپ جيڪا آمريڪي فوجن افغانستان مان هٿ ڪئي ان ۾ اسامه کي خالدالاشدي سان انهن حملن جي باري ۾ رٿابندي ڪندي ڏيکاريو ويو هو. ان وڊيو کي مختلف ٽي وي چينلن تي هلايو ويو هو.اسامه کي مارڻ لاءِ آمريڪا ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي. صدر بل ڪلنٽن جي حڪومت واري عرصي دوران کيس زنده يا مرده پڪڙڻ لاءِ ڪئي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي. 20 آگسٽ 1998ع تي عربي سمنڊ ۾ بيٺل آمريڪي سامونڊي ٻيڙي تان 66 ڪروز ميزائل فائر ڪيا ويا جيڪي اسامه جي تربيتي ڪيمپن کي نشانو بڻائي رهيا هئا جيڪو افغانستان ۽ خوست جي ويجهو هيو پر اسامه ان مان به بچي ويو. 1999ع ۾ سي آئي اي ۽ پاڪستاني فورسز افغانستان ۾ داخل ٿي اسامه کي پڪڙڻ جو منصوبو ٺاهيو هو پر اهو بعد ۾ رد ڪيو ويو. 2000ع ۾ سي آئي اي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪجهه پرڏيهي حملي آورن بن لادن جي قافلي ۾ شريڪ گاڏين تي راڪيٽ ذريعي گرنيڊ فائر ڪيو. ان حملي ۾ هڪ گاڏي تباهه ٿي پر اسامه کي مارڻ جي اها ڪوشش ڪاميابي نه ٿي.صدر جارج بش جي صدارت واري مدي دوران تورا بورا تي ٿيل حملي ۾ اهو ٻڌايو ويو ته اسامه انهن حملن دورن اتي موجود هو پر کيس ڪو نقصان به پهتو. 2005ع ۾ اسامه کي پڪڙڻ وارو آپريشن ختم ڪيو ويو پر بعد ۾ 14 کان 16 آگسٽ 2007ع ۾ افغان ۽ آمريڪي فوجن تورا بورا ۾ موجود غارن تي ٻيهر حملو ڪيو. اتي کين اها رپورٽ ملي هئي ته اسامه پنهنجي ساٿين سان گڏ موجود هو پر انهي آپريشن ۾ نه اسامه مليو نه ئي ايمن الزواهري ملي سگهيو.سيپٽمبر 11 وارن حملن بعد آمريڪي اختيارين اسامه بن لادن جي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ 25 ملين ڊالر انعام رکيو جيڪو 13 جولاءِ 2007ع تي وڌائي ٻيڻو يعني 5 ڪروڙ ڊالر ڪيو ويو. جڏهن ته آمريڪا جي ايئرلائين پائلٽس ايسوسئيشن ۽ ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسئيشن پاران وڌيڪ 20 لک ڊالر انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.
    اسامه بن لادن وڏي عرصي کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل دهشتگردي جي حوالي سان مک ڏوهاري قرار ڏنو پيو ويو. سندس انهن عملن ۾ملوث هجڻ يا نه بابت ڪا نه ڳالهه خاطري سان نه ڪئي وئي.۔۔ بشڪريه عبرت
     
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    بن لادن ڪٽنب جو هڪ جائزو

    بن لادن ڪٽنب جي باري ۾ مليل معلومات موجب ان ڪٽنب جو اصل وطن يمن آهي. جيڪو بعد ۾ لڏي سعودي عرب اچي آباد ٿيو. تازو لڳايل هڪ اندازي موجب سعودي بن لادن گروپ جيڪو سڄي دنيا ۾ تيل ۽ ناڻي جي ڪاروبار توڙي جائيداد جي ڪاروبار ۾ رڌل آهي. ان جي سالياني آمدني 5 ارب آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ آهي. اها اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي تعميراتي فرم پڻ آهي. جنهن جون آفيسون لنڊن جنيوا ۽ رياض ۾ موجود آهن. دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپيوٽر ڪمپني مائيڪروسافٽ ۽ سڀ کان وڏي هوائي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بوئنگ جا ڪجهه شيئر پڻ بن لادن گروپ جي ملڪيت آهن.هن خاندان جي تاريخ ٻڌائي ته شروع ۾ هي ڪٽنب غربت واري زندگي گذاريندو هو . يمن جي قديم وادي جي ننڍڙي ڳوٺ الرباط جو هڪ شهر عوض بن لادن هن ڪٽنب جي باني طور سڃاتو وڃي ٿو. 1919ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پٽ محمد بن عوض بن لادن سعودي عرب لڏي آيو. اهو پهرين مهاڀاري لڙائي کان شروع وارو دور هو. هن اتي هڪ تعميراتي ڪمپني کولي ۽ بادشاهه عبدالعزيز ابن السعود سان ملاقات ڪري سندس خدمت پاران ٿيندڙ تعميراتي ڪمن جا ٺيڪا حاصل ڪيا. اڳتي هلي کيس ڪعبت الله شريف جي تعميراتي ڪمن جا پڻ ٺيڪا مليا. سعودي حڪومت سندس ڪم مان ڏاڍي خوش ٿي. ان بعد سعودي عرب ۾ مقيم ٿيندڙ سمورين سرڪاري مسجدن جا ٺيڪا بن لادن گروپ کي ملندا هئا نه رڳو سعودي عرب ۾ پر جتي به شاهه عبدالعزيز جو اثر هلندو هو اتي هو بن لادن گروپ کي ڪم ڏياريندو هو. هن بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ جي پڻ تزئين آرائش جو ڪم پڻ ڪيو.محمد بن لادن جو اولاد دنيا جي وڏي تعليمي ادارن ۾ پڙهيو. جن ۾ وڪٽوريا ڪارٽر وغيره شامل آهن. سندن ڪلاس فيلو اردن جو شاهه حسين، زيدالرفائي، خشوگي ڀائر ۽ ٻيا شامل آهن. 1967ع ۾ محمد بن لادن جو لاڏاڻو ٿيو ته سندس پٽ سليم بن لادن ڪٽنب جي ڪاروبار کي سنڀاليو ۽ هو 1988ع ۾ حادثي ۾ فوت ٿيو. محمد بن لادن جو رپورٽ موجب 14 کان وڌيڪ گهر واريون هيون جن مان سندس گهٽ ۾ گهٽ 54 ٻار هئا.
    چون ٿا ته سعودي بادشاهه فند بن عبدلعزيز السعود جا سڀ کان پهترين دوست شهزادو محمد بن عبدالله (جيڪو سوٽ هو) ۽ سليم بن لادن هئا .
    1994ع ۾ آمريڪي ڳجهن ادارن پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب ان خاندان جا ڪل 600 کان وڌيڪ ڀاتي دنيا جي مختلف هندن ۾ رهندڙ آهي. هن گروپ جا هاڻي مختلف حصا ٿي ويا آهن. جيڪي محمد بن لادن جي مختلف گهر وارين جي اصلوڪن ملڪن جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا. جن ۾ هڪ سعودي گروپ ، هڪ شامي گروپ هڪ لبناني گروپ هڪ مصري گروپ آهن. هڪ اندازي موجب رڳو مصري بن لادن گروپ وٽ 40 هزار ماڻهو ملازم آهن. اسامه بن لادن جيئن ته محمد بن لادن جي شامي گهر وار ي جو پٽ هو ان ڪري سندس واسطو شامي گروپ سان آهي.محمد بن لادن 1908ع ۾ پيدا ٿيو هو. سندس اولاد ۾ عبدالله بن لادن، سليم بن لادن، طارق بن لادن، حسان بن لادن، يحيٰ بن لادن وغيره پڻ شامل آهن. اسامه جو پٽ عبدالله جيڪو سندس پهرين گهر واري نجوا مان آهي اهو سعودي عرب ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي اشتهاري ڪمپني فيم ايڊورٽائيزمينٽ هلائيندو هي. سندس ٻيو پٽ سعد جيڪو اسامه سان گڏ رهيو.هن وقت سندس باري ۾ اها ڄاڻ آهي ته اهو ايران ۾ موجود آهي. مٿس مختلف ملڪن ۾ دهشتگردي ڪرڻ جا الزام آهن سندس ٽيون پٽ عمر بن لادن پهرين پنهنجي پيءَ سان گڏ رهندو هو پر پوءِ دهشتگردي وارين ڪاررواين جي حوالي سان اختلاف ٿيڻ بعد اهو سعودي عرب واپس هليو ويو. ڪجهه وقت اتي ٺيڪيداري ڪئي، هاڻي هو قطر جي ڪنهن ڳجهي هنڌ تي پنهنجي ٻي گهر واري سان گڏ رهي ٿو . سندس پهرين گهر واري کي طلاق ٿي چڪي آهي جنهن مان هڪ پٽ احمد آهي جيڪو پڻ ساڻس گڏ رهي ٿو.1983ع ۾ ڄاول بن اسامه بن لادن جي شادي القاعده جي اڳواڻ محمد عاطف جي نياڻي سان ٿي هئي. هو قندار ۾ رهندو آهي. حمزه بن لادن اسامه جو پٽ آهي جيڪو 1991 ۾ پيدا ٿيو. اهو افغانستان ۾ القاعده جو سينئر ميمبر آهي سندن خانداني شجري موجب محمد بن لادن جا 25 پٽ آهن جن ۾ (1) سليم بن لادن، (2) علي بن لادن(3) ضبط بن لادن(4) حسان بن لادن(5)محروث بن لادن(6) عمر بن لادن(7)بڪر بن لادن (8) خالد بن لادن(9) سليم بن لادن(10) غالب بن لادن(11) يحيٰ بن لادن(12) عبدالعزيز بن لادن(13) عيسيٰ بن لادن(14) طارق بن لادن (15) احمد بن لادن(16) ابراهيم بن لادن(17) شفيق بن لادن(18) اسامه بن لادن(19) خليل بن لادن، (20) صالح بن لادن(21) حيدر بن لادن(22) سعد بن لادن(23) عبدالله بن لادن (24) ياسر بن لادن(25) محمد بن لادن، جڏهن ته اسامه جا 19 ٻار آهن (1) عبدالله اسامه بن لادن (2) عبدالرحمان بن لادن(3) سعد بن لادن(4)عمر بن لادن(5) عثمان بن لادن(6) علي بن لادن(7) محمد بن لادن(8) فاطمه بنت لادن (9) خديجه بنت لادن (10) رضيه بنت لادن(11)مريم بنت لادن(12)ايمان بنت لادن(13)لادن بن لادن(14)رضيه بنت لان(15) نورين بنت لادن(16) حمزه بن لادن(17)عائشه بنت لادن(18)سميه بنت لادن(19) صفيه بنت لادن نالا آهن.
    بشڪريه عبرت
     
  17. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    سائين اصل قرب ٿي ڳئي
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن هڪ مختصر مطالعو

    اسامه بن لادن جي زندگي هڪ وڊيو​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو