دوستو هي اپيل آهي بدين ۾ فلاحي ڪم ڪندڙ نتظيم دي فائونڊرس آرگنائيزيشن ڊيولپمينٽ بدين طرفان۔ جيتري ٿي سگهي هن ڇوڪري جي مدد ڪندا۔ الله اوهان جو ڏنو قبول ڪري۔
جواب: مدد جي اپيل سائين عبدالحفيظ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڳالهه ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙي مدد جي ضرورت آهي ۔۔۔ ؟ ٿوري کولي ٻڌائيندا ۔۔۔ جزاڪ الله
دوستو هن نينگر جي علاج ۾ وس آهر ضرور مدد ڪريو نثار صاحب هڪ نينگر 15 ورهين جي زاهد علي ولد سومار ملاح جي دل ۾ سوراخ آهي جنهن کي مدد جي گهرج اهي ڇوته نينگر جو والد سومار ملاح هڪ غريب هاري آهي ۽ هو پنهنجي پٽ جو علاج نٿو ڪرائي سگهي مدد ڪرڻ جو بهترين طريقو هن نينگر جو علاج ڪرائڻ آهي جيڪر ڪو صاحب حيثيت دوست اهو ڪم ڪري سگهي ته ان جي مهرباني، ٻيو طريقو هن نينگر لا اسان سڀ گڏجي هڪ فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ هر دوست پنهنجي پنهنجي وس اهر رقم شامل ڪري ته جيئين اهي سڀ پيسا گڏ ڪري هن ننڍڙي جي علاج لا خرچ ڪري سگهجن، ان سلسلي ۾ اسان کي دوستن جي مدد ملي رهي آهي
جواب: مدد جي اپيل ادا سائين ! دوستن ۽ساٿين اڳيان پوري ڳاله کي کولي بيان ڪبو آهي ته ڪنهن ماڻهونءَ سان ڪهڙو مسئلو آهي ۽ ان جي ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهجي ٿي۔
جواب: مدد جي اپيل ادا عبدالڪريم شايد دوست عبدالحفيظ کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي هن منهنجي خيال ۾ ڪو لنڪ شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو ناهي ٿي سگهيو، اوهان هن نينگر بابت جيڪو پڇڻو آهي سو پڇي سگهو ٿا
جواب: مدد جي اپيل سائين! ادا يونس ملڪاڻي طرفان تصوير اٽيچ ڪرڻ کان پوءِ ڳاله واضع ٿي وئي۔ ڪوشش مون به اها ئي ڪئي هئي پر سنڌسلامت جي نئون موضوع موڪليو ۾ تصوير اپلوڊ ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪاميابي ناهي ٿي۔ الاءِ ڇو۔
جواب: مدد جي اپيل گهڻا ڏينهن اڳ هڪڙو ميسيج مليو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: بدين ضلعي ۾ “Peace Heart Hospital” قائم ٿي چڪي آهي. هن اسپتال ۾ دل ۾ سوراخ جي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو.... ۽ آخر ۾ رابطي لاءِ هي نمبر 0297-861504 ۽ 0297-861505 پڻ ڏنا ويا آهن. ۽ آخر ۾ ميسيج ڪندڙ شخص پنهنجو نالو ”جمال الدين ٽالپر“ ٻڌايو آهي ۽ پنهنجو موبائيل نمبر پڻ ڏنو اٿائين: 0334-2049145 توهان کي گذارش ٿي ڪجي ته مٿين نمبرن سان رابطي ۾ اچو، يا وري مريض جي گهر وارن کي پتو ٻڌايو. مهرباني
جواب: مدد جي اپيل سائين ابوزين جن جي مهرباني جو اهڙي معاونت ڪيائون اميد ته ان متعلق لواحقين کي ڄاڻ ملي ويندي ۽ ان طرح ان ننڍڙي کي الله تعالى صحت عطا فرمائيندو۔
جواب: مدد جي اپيل ابو زين سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان اهڙي همدردي ڪئي پر سائين اها خوشخبري ميسيج جي حد تائين آهي اوهان جيڪڏهن ڪراچي مان بدين لاى ايندا ته بدين کا 3 ، 4 ڪلوميٽر پهريان اهڙو بورڊ به لڳل آهي جنهن تي هيٺ ڪچي جي هڪ ڳوٺ جو نالو لکيل آهي جتي هن اسپتال لا جڳهه ملي آهي پر اڃان بنياد ئي ناهي وڌو ويو، اسان جي ڪوشش آهي ته هن ننڍڙي جو علاج سنگت ساٿ تي بار وجهي ڪرايون ، ان سلسلي ۾ دوستن سان رابطا ڪريون پيا ڪجهه پيسا گڏ ٿيا آهن پر هن لا گهڻا پيسا گهرجن سو اڃان وڌيڪ محنت ڪريون پيا اميد آهي ته سنگت جي تعاون سان هي ننڍڙو صحتياب ٿي ويندو، جڪر ڪنهن دوست وٽ ڪراچي ۾ ڪنهن سٺي ڊاڪٽر جو ريفرنس آهي ته مهرباني ڪري اهو شيئر ڪري جڏهن ته سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي گذارش آهي ته ڦڙي ڦڙي تلا آهي ڪوشش ڪريو ته هن جي علاج ۾ ڪجهه حصو اوهان جو به هجي ته بهتر ٿيندو ڇوته ڪم گهڻو آهي ڪنهن اڪيلي جي ڪرڻ جو ناهي