ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    تحرير: سليمان وساڻ

    اڄ 3 مئي آهي ۽ 3 مئي سنڌ جي ان عظيم شخصيت جو جنم ڏينهن آهي جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو Man from Mohen jo Daro جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جي ان ارڏي شخصيت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي 3 مئي 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڙهيو ته قمبر، ڪراچي ۽ ڪلڪتي ۾، پر نئون ديرو ۾ سندس وار وڇايل آهن.

    دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.

    ڪامريڊ هندستان جي آزاديء واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 1942 ع ۾ پهريون دفعو گرفتار پڻ ٿيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1944ع ۾ باقاعدي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان دوران ڪامريڊ سوڀي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبالقادر کوکر جهڙن هاري اڳواڻن سان گڏجي هارين ۾ جاگيرداري نظام خلاف جاڳرتا پيدا ڪندو رهيو. ان جدوجهد ڪرڻ ڪري جاگيردارن جي ڀرجهلو حڪمرانن کيس 1966ع تائين ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ بند ڪيو ۽ ڪيئي ڀيرا لاڙڪاڻي واري گهر ۾ کيس نظر بند به رکيو ويو.

    سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي، اُن جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اُنهن مان هڪ هو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (Son of the Soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“ هڪ ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان شامل مضمون ۾ سنڌ جو هيءُ سداچار سپوت لکي ٿو: ”منهنجي ڪاڻ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان...مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پاران وقت جي حاڪمن کي اِن ريت کُتو جواب ڏيڻ سندس مَنَ جي هڪ اهڙي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هر اُن وطن پرست محب وطن جو نه فقط وَڙُ پر ايمانُ به هوندو آهي. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”ڪامريڊ جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي ڇڏي، لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري. حالانڪه ڄٽن جي ڏيهه ۾ سندس ڇا حشر ٿيڻو هو، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي.“

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.

    سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.

    ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو.

    سڄي زندگي لکين ماڻهن لاءِ جاکوڙڻ کان پوءِ به سنڌ جو هڪ سچو ۽ اڏول انسان ڪامريڊ سوڀو ڪنهن نه ڪنهن مقام تي اڄ به اسان کي اڪيلو نظر اچي ٿو پر ان جي باوجود منجهس اها همت ۽ جرئت اڄ به موجود آهي. ڪامريڊ اهو به ٻڌائيندو آهي ته سندس لکڻ ڏانهن توجهه گهٽ رهيو آهي، پر سندس يادگيريون ڏاڍيون مضبوط آهن. ان ڪري اڄ به پنهنجين تقريرن توڙي گفتگو ۾ ڪامريڊ سنڌ جي تاريخ يا ڪميونزم تي ڳالهائيندو آهي ته ڄڻ کليل ڪتاب بڻجي پوندو آهي. ڪنهن پروگرام وغيره ۾ شرڪت لاءِ ڪامريڊ ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو نه ته پيرسني سبب ڪامريڊ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهي ٿو. هتي ادبي سنگت توڙي مختلف سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن وارا کيس مختلف پروگرامن ۾ مک مهمان طور دعوت ڏيندا آهن. ڪامريڊ سياسي حوالي سان هڪ انقلابي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جن پارٽين ۾ شامل رهيا انهن ۾ ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهن.

    ڪامريڊ سوڀو سياست سان گڏ سماجي ۽ ادبي کيتر ۾ به گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

    ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون)
    تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم)
    تاريخ ڳالهائي ٿي
    وڏي وٿ هئام (ڪالم)
    تاريخ بولتي هي (اردو ۾)
    انقلاب ڪي موت (اردو ۾)
    سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾)

    سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ :

    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    سنڌ ايڪويهين صديء جي ڏاڪي تي
    انٽرويوز
    تقريرون
    خاڪا ۽ مضمون شامل آهن. ان کانسواء ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي.

    اڄ به پنهنجي اکين ۾ جاڳرتا جا خواب کڻي هلندڙ ڪامريڊ سوڀي وٽ انيڪ داستان آهن جيڪا هڪ تاريخ آهي. ڪامريڊ سوڀو اڄ به انسانيت ۾ ويساه رکندڙ، پنهنجي اجرن احساسن سان، سياسي سوچ سان ۽ نظرياتي حوالي سان اٽل ارادن سان بيٺل آهي. ڪامريڊ اڄ 92 سالن جو ٿي ويو آهي ، اسان جون دعائون آهن ته پاڻ اڃان جڳ جڳ جيئن ۽ سنڌ واسين ۾جاڳرتا پيدا ڪندا رهن.

    حواله:

    ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (ليکڪ : رضوان گل)
    پروفيسر نذير احمد سومرو جا آرٽيڪل
    محترم عبدالستار ڀٽي جا لکيل آرٽيڪل
    روزانه عوامي آواز ۾ جميل گاد جو آرٽيڪل
    محترم ابراهيم جويو جو لکيل آرٽيڪل


    [​IMG]

    ويلنٽائينس ڊي 14 فيبروري 2012 تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي​

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 ڊسمبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    سائين محترم سوڀو گيانچنداڻي، سنڌ جو شينهن مڙس آهي، سندس منهن ۾ مڻيان، سندس ڳالهين ۾ سنڌ، سندس سوچ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت آهي کيس لک لک واڌايون،

    سنڌ جو هي سڄڻ پنهنجي عمر ۽ بزرگي جي باوجود سنڌين ۾ اتحاد ۽ ايڪي لا پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو ۔۔۔ غريبن جي ڳوڙهن کي اگهندو وتي ۽ سنڌ جي جوانن کي همٿائيندو وتي ۔۔۔ کيس لک سلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    سائين نثار سلام

    ڪامريڊ سوڀي جي ڳالهين ۽ سندس جدوجهد مان سنڌ سان پيار جهلڪي ٿو۔ سنڌ کي اهڙن مهان شخصيتن تي ناز آهي۔ 92 سالن جو سوڀو اسان جي 20 سالن جي نوجوانن کان وڌيڪ با همٿ ۽ حوصلامند نظر ٿو اچي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    موهن جي دڙي جو ماڻهو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    سڄي عمر جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گذاري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ وري سندس سالگرهه ڏينهن ۔۔۔ سندس لاء دعائون

    [​IMG]
    ويلنٽائينس ڊي 14 فيبروري 2012 تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي

    سنڌ جو عاشق، سنڌيت جو پرچارڪ ۽ قوم جو گهڻ گهريو، شال سدائين سلامت هجي.
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - سنڌ جي هڪ انقلابي شخصيت (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گرفتاريون جا سندس گهر ڀاتين تي جيڪي اثر پيا انهن ۾ صرف هڪڙو مثال ڏيان پيو ۔ ڪامريڊ جو ڀاءُ ڪاڪو ڪيول رام به ايڏوئي علم وارو هو جيڏو ڪامريڊ پاڻ آهي ۔ ڪاڪي ڪيول رام جا آخري ڏيهاڙا سي ايم ايڇ ڪوئيٽا ۾ گذريا هئا ۔ لاڙڪاڻي ۾ پاڙيسري هئڻ ڪري آ ڪاڪي ڪيول رام جي عيادت لاءِ سي ايم ايڇ پهتس ڊپٽي ڪمانڊنٽ ساڻ هلڻ ڪري آرمي جا آفيسر ۽ وردي وارا ڊاڪٽر به مونسان ساڻ هليا ۔ ڪاڪي جي سامهون مان ڇا آيس ڪاڪي کان بي اختيار رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ( مين سوڀو نهين دون گا ڪبهي نهين دون گا يهان سي نڪل جاو ) ڊاڪٽرن پئي ٻڌايو ته ڪاڪ ّذهني طور ڊس آرڊر ٿي چڪو آ ۔ ليڪن پو به ڪامريڊ جون گرفتاريون نه وساري سگهيو هو ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪامريڊ سوڀي کي اڄوڪي سالگرهه مبارڪ

    زرار پيرزادو
    • اڄ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي 93 هين سالگرهه آهي. يعني اڄ هڪ اهڙي عظيم شخص جو جنم ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي جنم کي ”سجايو“ ڪري به ڏيکاريو آهي.
    • ڪامريڊ سوڀو اڄ ته ضعيفيءَ سبب گهڻو ڳالهائي نٿو سگهي، حافظو به اُهو نه رهيو اٿس پر جڏهن هي ڳالهائيندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪا تاريخ ڳالهائي رهي آهي. ڪو ڪتاب ۽ علم آهي، جيڪو ڳالهايئندو هجي.
    • ڪامريڊ سوڀو نه رڳو تاريخ ساز آهي پر هيءُ شخصيت ساز به رهيو آهي. هي نظرياتي ۽ سياسي ماڻهو ٺاهڻ جي ڄڻ مشين رهيو آهي. ۽ اُهو شعوري ٻج پوکيو آهي، جنهن جو فصل هاڻي هر دور جو نسل، نسل درنسل پيو لڻندو ۽ کائيندو.
    • ننڍي کنڊ توڙي پاڪستان ۽ سنڌي جي جديد تاريخ ۾ جيڪا به روشن خيالي ۽ ترقي پسندي آهي سا ڪامريڊ سوڀي جهڙين شخصيتن جي دم سان ئي آهي.
    • ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي انهن شخصيتن مان به هڪ آهي، جنهن جو اٿاهه مطالعو آهي ۽ جنهن پنهنجي علم ۽ دانش مان سماج کي ٺاهيو به آهي. ڪامريڊ سوڀو نظرياتي، سياسي، فڪري ۽ ترقي پسند ادب ۽ سماجيات تي سڄي ڄمار پئي ڪم ڪيو آهي.
    • ڪامريڊ سوڀو انهن شخصيتن مان به هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ذات ۾ پاڻ ادارا ۽ پارٽيون هوندا آهن. سو جنهن کي سياست ڪرڻي آهي، سمجهڻي آهي ۽ سياستدان ٿيڻو آهي، تنهن کي پنهنجو آدرش ڪامريڊ سوڀي کي بڻائڻو پوندو.
    • ڪامريڊ سوڀو بقول انور پيرزادي جي ته هڪ ئي وقت سنڌي، هندو ۽ ڪميونسٽ هوندي سڀ کان گهڻيون تڪليفون ڀوڳيون پر پوءِ به پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کي نه ڇڏيو. اها ئي ته ثابت قدمي ۽ محب وطني آهي.
    • جيڪڏهن ڪامريڊ هندستان ۾ هجي ها ته ٿي سگهي ٿو ته هو ڪنهن دور ۾ ملڪ جو صدر يا وزيراعظم به رهي چڪو هجي ها، پر اهو ڄاڻيندي به هن سنڌ کي نه ڇڏيو.
    • ڪامريڊ سوڀي کان جڏهن ڪير پڇندو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ٻيو جنم مليو ته اوهان ڇا ڪندئو ته ڪامريڊ جواب ڏيندو آهي ته ”اهو ئي ڪم ڪندس جيڪو ڪندو رهيو آهيان“.
    • سو ڪامريڊ سوڀو ڪڏهن به نااميد نه رهيو آهي. پي ٽي وي جي هڪ يادگار انٽرويو ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪامريڊ چيو هو ته نااميديءَ جو ڪو جواز ئي ناهي هونئن به مان گهڻيون اميدون نه رکندو آهيان تنهن ڪري مايوس يا نااميد نه ٿيندو آهيان.
    • اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجن اکين آڏو پاڻ کي ”تاريخ“ بڻجندي، ٺهندي ۽ ٿيندي ڏٺو آهي.
    • هن پنهنجي ڪميونزم واري آدرشي خواب کي به سوويت يونين ۾ ساڀيان ٿيندي ڏٺو ۽ جڏهن اهو نظام ٽٽو ته هو ان رد انقلاب جي امڪاني زلزلي لاءِ به شعوري طور تي تيار ۽ باخبر هو. ان ڪري اهو ٽٽي نه سگهيو.
    • ڪامريڊ سوڀو جيتوڻيڪ اڄ ضعيفي جي عمر ۾ آهي پر هو اڄ به اسان سڀني جي اتساهه جو مرڪز آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته شينهن جوان هجي يا پوڙهو، شينهن، شينهن ئي هوندو آهي.
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مُنهنيا جي دڙي جو ماڻهو
    هي هن دؤر جو معجزو آهي بي سَرو ساماني ۾ ايڏي وڏي جنگ جوٽڻ ۽ کٽڻ ! اها سوڀي جي ئي سوڀ آهي ۔ هڪ ئي وقت هِن هزارين محاذ کوليا ڇڏيا ۽ ڪٿي به پوئتي نه هَٽيو آهي۔ سماج، ريتن رسمن، غربت، حاڪم وقت، ڏاڍاين ۽ ظلم جبر سان ترار کڻڻ ۽ ڍال نه ڍارڻ ، ڪامريڊ جو ئي ڪم آهي، سندس راه ۾ ڪئي سندرو ٻڌي ساڻ ته ٿيا پر ڏونگر ڏورينديون سي اندر جنين جا اڌ سندري ٻڌڻ وارا سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا پر ڪامريڊ ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي ۔ الله سائين کيس صحت ڪامله عطا ڪريس۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو