هي وڊيو آهي 1961 جي صدر ايوب جي دوراءِ آمريڪا جي ۔۔۔ ساڻس گڏ سندس ڌي بيگم نصير اختر هئي۔۔۔ پاڪستاني ان وڊيو تي فخر ڪندا هئا ته سندن صدر جي آڌر ڀاء آمريڪا ڪهڙي نموني ڪندو هو۔۔۔ هن وڊيو ۾ صدر ايوب آمريڪا جي جنهن به هنڌ ويو اتي کيس جو پرتپاڪ استقبال ٿيو۔۔۔ هلڪي جهلڪ ڏسو ۽ اڄ جي پاڪستاني سياستدانن بابت سوچيو۔۔۔
جواب: ڪو وقت هو۔۔۔۔۔ ؟ ادا سائين! ان وقت پاڪستان جا حڪمران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي اقتدار جي ڪرسي تي قبضو ڪندا هئا، تنهن ڪري انهنجو اهڙي نموني سان استقبال ٿيندو هو،پر هن وقت جا ليڊر اقتدار حاصل ڪرن لاءِ آمريڪا جي اڳيان ٻانهون ٻڌيون بيٺا آهن ته پوءِ اهڙن ليڊرن جو استقبال جيڪو ٿيندو ان جي خبر سڀنيءَ کي آهي۔
جواب: ڪو وقت هو۔۔۔۔۔ ؟ ادا اهو وسارڻ نه گهرجي ته ان وقت آمريڪا هن خطي ۾ روس جي طاقت گهٽائڻ ءِ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هئي، ان لاءِ ان کي پاڪستاني ايجنسين، فوج ۽ طالبان جي اوسر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو۔۔ ان ڪري ”گڏهه کي به پيءُ ٺاهڻ“ واري محاوري تي عمل پئي ڪيو، نه انهن کي پاڪستاني حڪمرانن کي عزت ڏيڻ جي ضرورت نه رهي آهي، ضياءُ پنهنجي دور ۾ شدت پسندي کي ڪيترو عروج ڏنو اهو به توهان کي ياد هوندو۔۔۔۔