• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان مظهر شاه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مظهر شاه

سينيئر رڪن
سڀني سنڌ سلامت وارن کي سلام۔۔۔۔۔۔۔۔هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سدائين خوش هجو۔۔۔۔۔۔۔۔مان ڪراچي يونيورسٽي ۾ بي ايس سيڪنڊ ايئر جو شاگرد آهيان۔۔۔۔۔۔۔ اصل رهاڪو سيوهڻ شريف جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔توهان سڀني جو هي ميڙ ڏسي دل چيو ته مان به شريڪ ٿيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
تمام گهڻي خوشي ٿي هڪ دفعو ٻيهر سڀني سنڌ سلامت وارن کي منهنجا سلام۔۔۔۔۔۔۔۽ مبارڪون جو هنن هي سنڌين جو ميڙ گڏ ڪيو۔۔۔۔۔۔
 
جواب: مان مظهر شاه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

شاهه صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

اوهان سنڌ جي وڏي درسگاهه ڪراچي يونيورسٽيء جا طالب علم آهيو ۽ تعليم سان لاڳاپيل آهي جيڪا گهڻي خوشي واري ڳالهه آهي۔ تعليم ئي اسان جو جياپو ۽ اسان جي موجودگيء جو سبب بڻبي تنهنڪري علم جي زيور سان آراسته ٿيڻو آهي۔


اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔

5cxhdd.jpg
 
جواب: مان مظهر شاه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين مظهر شاه ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ طالبعلم ۔۔۔۔ پر اسانجو هڪ دوست، شايد انجو نالو به مظهر شاه ئي آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر پڻ آهي ۔۔۔؟

سائين مظهر شاه کي سنڌ سلامت تي اچڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي، اميد ته هي دوست سنڌ سلامت جي دوستن جي فهرست ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سنڌي دوست جاکوڙي ۽ سنڌ دوست هوندا آهن ۔۔۔

دوست مظهر اوهان هن اڱڻ تي ڀيرو ڪندا رهندا ، ڪجهه اسانجي ٻڌندا ۽ ڪجهه پنهنجيون ٻڌائيندا ائين ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: مان مظهر شاه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين مظهر شاهه اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ّخوش آمديد ٿا چئون ۔
 
Back
Top