سونن آنن واري مرغيءَ جو موت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سونن آنن واري مرغيءَ جو موت
    تحرير: اسحاق مڱريو

    [JUSTIFY]هونءَ ته اساما بن لادن دنيا جو انتهائي پاپولر فرد هئڻ واري سڃاڻپ رکندڙ شخص به هو. پر اسان واري حڪمرانن لاءِ سونا آنا ڏيڻ واري مرغيءَ جي حيثيت رکندڙ هو. اساما بن لادن جيترو دنيا جو پاپولر بڻيل هو. هڪڙا ته اهڙا ڏاها ڌنڌوڙي به آهن جن کي مرڻو توڙي پرڻو کائڻ جو وڏو ڏانءُ اچي ٿو. ان ڪري انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه هرج ڪونهي ڇو ته جيئرو هاٿي لک جو ۽ مئل هاٿي به لک جو هئڻ وارو سنڌ جو پراڻو پهاڪو آهي. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هاڻ اسان جي ملڪ ۾ ان سموري ڳالهين تي مستقبل جي سموري سياست جي ايجنڊا اساما بن لادن ئي هوندو.

    بهرحال ويجهڙائي واري ماضيءَ جو اساما بن لادن اهڙو ڪردار آهي جنهن دنيا جي سياست تي ڪئين رخن سان اثر وڌو آهي. جيترا وات ايتريون ڳالهيون، هڪڙن اهڙن آمريڪي مخالفن جو چوڻ رهيو آهي ته اساما بن لادن آمريڪا جو پنهنجو جوڙيل ڪردار هو . ڇو ته سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ پنهنجي جنگي حڪمت عمليءَ کي جاري رکڻ لاءِ هڪ جنگي مخالف جي ضرورت هئي جيڪو پيدا ڪيو ويو. انهن ساڳين ماڻهن جو ته اهو به چوڻ آهي ته جاڙا ٽاور پڻ ان لاءِ هٿ وٺي ڪيرايا ويا هئا. اهڙيون ڳالهيون آمريڪا کان وٺي شڪارپور تائين ٿين ٿيون . جڏهن ته ٻئي طرف ماحوليات دوست ماڻهن جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي ڪيوٽو پروٽوڪول واري ايگريمينٽ جو عالمي طور تي ايڏو ته دٻاءُ هو جو ان ٺاهه تي صحيون ڪرڻ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ماحولياتي نقصان جو هرجاڻو آمريڪا کي ڀري ڏيڻو هو، ان ڪري انهيءَ معاملي کان بچڻ لاءِ نائن اليون جو هٿ وٺي ڪهاڻي گهڙي وئي آهي . پٿر پرائو پر سور سڀڪو پنهنجا روئي رهيو هو. اساما بن لادن جي مارجي وڃڻ کان اڳ واري هفتي جي سياست کي ڏسڻ سان سڄو معاملو سولائي سان سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿو. هي پهريون دفعو هو آءِ ايس آءِ جي چيف جي آمريڪا واري دوري کان پوءِ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ چوڌري نثار قومي اسيمبليءَ جي فلور تي چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته هو ڪهڙي ڪم سان آمريڪا ويو هو. ان کان پوءِ چوڌري نثار کي وري اچانڪ اها ڳالهه ياد اچي وئي ته هن ملڪ ۾ ڊرون حملا پيا ٿين، ان ۾ سون تي سهاڳو ته وري عمران خان ڌرڻو هڻي ڪيو. مطلب ته سونا بيدا ڏيندڙ مرغي بابت فيصلا جڏهن آخري مرحلي م پهتل هئا ته ڄاڻايل سياسي اڳواڻ اساما بن لادن جا پي آر او بڻجي ان تي ٿيندڙ امڪاني حملي کان بچڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل هئا.

    هاڻ هڪڙا پاڪستان جي سالميت ۽ آزاد رياست ۾ آمريڪا جي اهڙي آپريشن بابت ڳالهيون ڪري پنهنجي سياست چمڪائيندا ته ٻيا وري پاڪستاني ادارن جي سهڪار سان مارڻ واري ڳالهه ڪري ان تي تنقيد ڪندا. پر اها ڳالهه ڪير به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته اساما بن لادن کي هن ملڪ ۾ ايترو وسيع ڦهلاءُ ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ سان ملڪ جي خودمختياري تي ضرب نٿي آئي.

    اساما بن لادن پاڪستان ۾ پ پ جي جمهوري حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ پئسن جون ڀريون کڻي اچي ورهايون هيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ڪرڻ لاءِ ايم اينز ۾ پئسن جون ڳوڻيون ڀري ورهايون ويون هيون ته اهو سڄو ڪم ملڪ جي خودمختياري تي داغ نه هو؟ ساڳي طرح دنيا توڙي اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جو ڄار وڇائيندڙ اساما بن لادن کي تحفظ ڏيڻ يا پناهه ڏيڻ جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪهڙو دليل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان جي حمايت ۾ دليل موجود آهي ته پوءِ عربن جي ڪيل سنڌ تي حملي جو اسلامي نقطه نگاهه تحت ڪيئن دفاع ڪري سگهبو. ڇو ته هونءَ سنڌ تي عربن جي ڪيل حملي جو اخلاقي جواز اڄ تائين اها ڏنو ويندو آهي ته سنڌ ۾ اموي حڪومت جا باغي رهندڙ آهن، انهن باغين کي اموي حڪمرانن جي حوالي ڪيو وڃي يا موٽ ۾ سنڌ جنگ لاءِ تيار رهي . نتيجي ۾ محمدبن قاسم حجاج بن يوسف جي حڪم تي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ کي باغين کي پناهه ڏيڻ جي نتيجي ۾ سزا ڏئي فتح ڪيو ويو.

    ان کان اڳ ۾ پاڪستان جا اڳوڻا توڙي موجوده حڪمران اهو چوندا رهيا آهن ته اساما بن لادن پاڪستان م موجود نه آهي پر ملڪ جي ڪينٽونمنٽ واري ايريا ۾ رهيل هئڻ دوران مارجي وڃڻ کي ڪهڙي طرح دفاع ڪيو ويندو. پر هاڻ ته ٻين جنگجو قوتن کي پڻ گهڻو وقت لڪائي رکڻ هاڻ ممڪن نه هوندو. جيئري هاٿي کان مئل هاٿي قيمتي هجڻ واري ڳالهه ان ڪري به اهم آهي ته اوباما ته ممڪن آهي پنهنجي سياسي ساک پنهنجي ملڪ ۾ بچائي ويو هجي پر همارا ڪيا هوگا ڪاليا واري ڳالهه وانگر، اساما بن لادن جي ڄڻيل ٻچن جو ڇا ٿيندو ڇو ته ڪجهه جيوت اهڙا هجن ٿا جو مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجو جيوت ايڏي تيزيءَ سان وڌائي چڪا هوندا آهن جو ڪئين نسل انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گهربل هوندا آهن.
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو