دوستو! منهنجي ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ وارو آپشن گم ٿي چڪو آهي، نئين سر ونڊوز انسٽال نٿو ڪرڻ چاهيان، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڪمانڊ ياد هجي ته مهرباني ڪري هتي شيئر ڪري، جنهن سان سرچنگ وارو آپشن واپس اچي سگهي۔
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔! سائين اوهان وٽ جيڪڏهن پوئين ڊيٽ ۾ اهو درست هو ته ان کي هيلپ جي مينيو ۾ پوين تاريخن ۾ ريسٽور ڪري ڏسو يا اڃا وڌيڪ ڪارگر نسخو فقير سائين يا سائين عبدالرشيد جن ٻڌائي سگهن ٿا۔
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔! اڪثر اهو وائرسز جي ڪري ٿي ويندو آهي۔۔۔ سرچ آپشن کي ريسٽور ڪرڻ لاءِ هوئن ته ڪافي طريقا آهن پر سڀ کان آسان طريقو ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔ سڀ کان پهريان اسٽارٽ ۽ پوءِ رن پروگرام کوليو جتي %systemroot%\inf لکي يا هتان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو ۽ اوڪي بٽن پريس ڪريو۔۔۔ توهان جي اڳيان inf folder جي ونڊوز کُلي ويندي۔۔۔ جتان Srchasst.inf فائيل ڳولي ان تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ انسٽال اپشن چونڊيو۔۔ ياد رهي ته هتي توهان کان اها فائيل ٻيهر انسٽال ڪرڻ لاءِ ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي گهري ويندي جنهن کي سي ڊي روم ۾ رکي اوڪي پريس ڪريو۔۔۔ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔ ٻي صورت ۾ وڌيڪ رابطو ڪندا۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔! اميد ته ادا ابو واصف جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔ ٿيندو به ڪيئن نه؟ اسانجي جادوگر اهڙي ٽپ جو ونڊ ڪئي آهي