• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔!

ابو واصف

سينيئر رڪن
دوستو! منهنجي ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ وارو آپشن گم ٿي چڪو آهي، نئين سر ونڊوز انسٽال نٿو ڪرڻ چاهيان، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڪمانڊ ياد هجي ته مهرباني ڪري هتي شيئر ڪري، جنهن سان سرچنگ وارو آپشن واپس اچي سگهي۔
 
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔!

سائين اوهان وٽ جيڪڏهن پوئين ڊيٽ ۾ اهو درست هو ته ان کي هيلپ جي مينيو ۾ پوين تاريخن ۾ ريسٽور ڪري ڏسو يا اڃا وڌيڪ ڪارگر نسخو فقير سائين يا سائين عبدالرشيد جن ٻڌائي سگهن ٿا۔
 
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔!

اڪثر اهو وائرسز جي ڪري ٿي ويندو آهي۔۔۔ سرچ آپشن کي ريسٽور ڪرڻ لاءِ هوئن ته ڪافي طريقا آهن پر سڀ کان آسان طريقو ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

سڀ کان پهريان اسٽارٽ ۽ پوءِ رن پروگرام کوليو

run23.jpg

جتي %systemroot%\inf لکي يا هتان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو ۽ اوڪي بٽن پريس ڪريو۔۔۔

run24.jpg

توهان جي اڳيان inf folder جي ونڊوز کُلي ويندي۔۔۔ جتان Srchasst.inf فائيل ڳولي ان تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ انسٽال اپشن چونڊيو۔۔

istall.jpg

ياد رهي ته هتي توهان کان اها فائيل ٻيهر انسٽال ڪرڻ لاءِ ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي گهري ويندي جنهن کي سي ڊي روم ۾ رکي اوڪي پريس ڪريو۔۔۔ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔ ٻي صورت ۾ وڌيڪ رابطو ڪندا۔۔۔
 
جواب: ڪمپيوٽر مان ”سرچنگ“ جو آپشن گم ٿي ويو آهي۔۔۔!

اميد ته ادا ابو واصف جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔ ٿيندو به ڪيئن نه؟ اسانجي جادوگر اهڙي ٽپ جو ونڊ ڪئي آهي
 
Back
Top