ڪمال جون قومون ڪمال جا فن ڪي قومون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايتريون ته رنگينيون ۽ ڪمال ڀرينديون آهن جو ٻين ماڻهن کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ۔۔۔ چائنا جا ماڻهون به ڪجهه اهڙا ئي آهن ۔۔۔ پاڻ ڏسو [video=youtube;MTYsGD2B0ow] http://www.youtube.com/watch?v=MTYsGD2B0ow&feature=player_embedded[/video]
جواب: ڪمال جون قومون ڪمال جا فن ڪمال فن آهي اهڙي قسم جي پرفارمنس ته ڪو چائنه وارن کان سکي۔ اهڙيون قومون تڏهن ته ترقي ماڻين ٿيون جو اهي هر ميدان ۾ پنهنجي اعلى ڪارڪردگي پيش ڪن ٿيون۔
جواب: ڪمال جون قومون ڪمال جا فن سهڻا سائين! ڪمال اسان جي ماڻهن جو ڏسو جو ملڪ جي سموري بجٽ ته کايو وڃن پر گٽر جي ڍڪڻن کي به ڳڙڪايو وڃن سندن نڙين ۾ اٽڪين ئي ڪين، هڪڙي ڳيت سان سڀ ڪجھ هڙپ۔ آهي نه ڪمال جي ڳالھ۔ تاج محمد وساڻ سچل ڳوٺ جي کليل مين هولن تي ڍڪڻ رکرائي رکرائي ساڻو ٿي پيو آهي پر ڍڪڻ چور ٿڪجن ئي ڪونه ٿا۔
جواب: ڪمال جون قومون ڪمال جا فن سائين چانڊيه صاحب اوهانجي ڳالهه تي کل ۾ ساڻو ٿي پو روئڻ شروع ڪيو اٿم، کل اچي ٿي اوهانجي جملن تي ۽ روئڻ اچي ٿو قوم ۽ انجي سوچ تي، هي ته ڍڪڻ آهن وري به ڪا قيمت رکنٿا پر اسان واري قوم جا پڙهيل لکيل جاهل به ويندي ويندي دروازي جي ٻاهران بيٺل ٻوٽو به سٽ ڏئي پٽيون ويندا ۔۔۔ يا وري ڏسندا ته همراه خرچ ڪري گهر کي وائيٽ واش ڪيو آهي ته ٻي ڏينهن ئي وڏن اکرن ۾ انهن ماڻهن جا نعرا لکيل هوندا جن سان ان گهر واري جو ڪو واسطو نه وڙو ۔۔۔ پر پو به غنڊا گردي آهي، جهلبو ته گاريون به ڏيندا ته دشمني الڳ ۔۔۔ انهن ئي نشانين مان خبر پوي ٿي ته قوم غلامانه ذهن جي موضي مرض ۾ ڦاٿل آهي ۔۔۔ الله مالڪ آهي، نيٺ ته راضي ٿيندو ۔۔۔ جي راضي ٿئين تون ته ميريائي مان لهان ۔۔۔