ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، چند ڪلاڪ پهرين هي شاعري لکي اٿم ان جي غريباڻي چترڪاري ڪري سڀ کان پهرين توهان دوستن سان ونڊ پيو ڪريان ، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس اسان اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون (نثاراحمدناز)
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز پيارا ادا رياض حُسين گُلال تنهنجون مهربانيون جو اسان جِي هن غريباڻي شاعري کي تو پنهنجي دل جو آواز ڄاڻي بهترين ونڊ قرار ڏنو هن غزل جا اڃان ٻه ٻيا به ٻه وڌيڪ بند هُئا جيڪي ڊزائن جي خوبصورتي جي ڪري توهان سڀني دوستن سان ونڊ نه سگهيس دل چوي ٿي ته پنهنجو هي مڪمل غزل توهان سان شيئر ڪري ڇڏيان۔ مُنهنجو مُڪمل غزل اسان اولاد سنڌڙِي جا ، سدائين سر بُلند آهيون سپر سينا ڪري سنڌ لئه ، ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون ڪيو سِر ساهه جن صدقو، امڙ جيجل مِٺِيءَ سنڌ تان دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون دِروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون، جي مُرڪون ٿا سُڳند آهيون قسم آزاد قومن جو، جياپو ٿا رُڳو چاهيون وڏي ويڙهاند ويرِيءَ سان ڪرڻ نڪتا ته پنڌ آهيون بڻِي ٻيجل ٻُرايون ٿا، هڻي اڄ سَينَ سِرِڙَنِ جِي تَپي سنڌ لئه ڏياچو جا تِکِي هاڻي سا تند آهيون لکايون خُون پنهنجي سان چِٽو نروار سنڌ نالو ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون اسان لاڙِي ۽ اُترادِي ٿَرِي ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا، نرالي نينهن جا مالڪ ها، سائين جو سوڳند آهيون اسين ڪارا اسين ڪوجها ، رهون ٿا “ناز” جِي دل ۾ شُڪر مولا بَجا لاهيون، جو پِرِيَنِ کي پسند آهيون اميد ته مُنهنجو هي مُڪمل غزل توهان سڀني دوستن کي پسند ايندو
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز سائين اوهان جا سدائين الفاظ لفظن م مور جي حيثيت رکندا آهن۔ وسلام
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز محترم ادا ڏاڏل شينو توهان جون دلي مهربانيون جو اسان جي غريباڻي لفظن کي مور جي حيثيت ڏني اٿوَ لک لائق ادا
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز محترم وحيد کوسو صاحب جو احسان مند آهيان جو کين مُنهنجي هن شاعري ۾ سُهڻا خيال نظر آيا لک لائق ادا۔
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز سائين تمام بهترين اوهان جي تخليق ۽ ڊزائين
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز محترم عاشق سولنگي جو مهربانيون جون کين اسان جي هي شاعري ۽ ڊزائين سُٺي لڳي ۔لک لائق ۽ ٿورا ادا۔
جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز ادا مزمل چانڊيو توهان جون مهربانيون