Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
جواب: استاد محمد ابراهيم - سُر ۽ سنگيت جو بادشاهه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)
واهه جو مضمون آهي
سنڌي سنگيت جي وڏن نالن مان هڪ استاد محمد ابراهيم به هيو جيڪو ڀٽائيء جي رسالن جي قصن خاص ڪري نوري ڄام تماچي، عمر ماروي ۽ سسئي پنهون کي ڀٽائيء جي بيتن سان ڳائي داد حاصل ڪندو هو۔ اهم مضمون ونڊ ڪيل آهي۔

سنڌي موسيقي ۾ قديم زماني کان وٺي سهڻن ڪلاڪارن جي ڪا به ڪمي ناهي رهي سنڌي فنڪارن موسقي کي پنهنجي روح سان ڳائي سر سنگيت ۾ وقت به وقت پنهنجو پنهنجي ملڪ جو هميشه نالو روشن ڪيو آهي انهن منجهان ماسٽر محمد ابراهيم جو موسيقي سر سنگيت جي دنيا جو پڻ هڪ وڏو نالو هو جنهن پنهنجي زندگي جو سفر احمد ڪڇي جي گهر کان گرمي جي مند ۾ 13 جون 1920ع آچر ڏينهن ڀارت ۾ ڪڇ جي راڄداني ڀڄ کان ڇهٽيهه ميل ڏکڻ ٽونوهاربر سامونڊي بندر لڳ گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ( سيلايا ) ٿيو هو پاڻ سنڌي موسيقي جو شهنشاه ڳائڻو ۽ موسيقار ٿي گذريوآهي سندس وڏڙن جو جو تعلق ملڪ اردن سان هو جيڪي بعد ۾ اچي سنڌ وسايائون سندس والد احمد ڪڇي جو تعلق ڪڇي عرب خاندان سان هو جيڪو 1946 ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو محمد ابراهيم جو والد صاحب ان زماني ۾ (ٽونوهاربر) ريلوي اسٽيشن ۾ اسٽيشن ماسٽر طور ملازم پڻ هو ماسٽر محمد ابراهيم کي ڳائڻ سان ننڍڙي هوندي سندس گهري دلچسپي هوندي هئي سندس مٽ مائٽ خاندان جا سمورا ڀاتي ڳائڻ کان وڏي منع ڪندا هئا مگر هن مائٽ ۽ ٻين جي ڪا پرواهه نه ڪئي رڳو ڳائڻ جو شوق هوندو هيس سڄو ڏينهن موسيقي جي شوق ۾ گم هوندو هيو ان جي اهڙي ڪيفيت ڏسي والد صاحب پنهنجي هڪڙي هندو دوست رگهوجي ٺاڪر وٽ مڪينڪ جو ڪم سيکارڻ لاءِ موڪليو اتي هن جي ان ڪم سکڻ تان دل ئي کڄي وئي رڳو پيو سڄو ڏينهن راڳ ڳائڻ ۾ رڌل نظر ايندو هيو هو ان زماني ۾ گجراتي زبان ۾ پيو ڳائيندو هو ان زماني ۾ جڏهن رگهوجي جي ڌي شيلا کي ڄاڻ پئي ته محمد ابراهيم کي ڳائڻ سان دلي لڳاءَ آهي ته هن هڪدم ممبئي (بمبئي) جي موسيقي جي ڪاليج (گانڌروسنگيت مهاوديالا)جي پرنسيپال ۽ بهترين ڳائڻي زبردست موسيقار پروفيسر نارائڻ راءِ وياس سان ملاقات ڪرائي ائين ئي سندس پهريون راڳ سيکارڻ جو ڳانو استاد پروفيسر نارائڻ راءِ وياس ٻڌو تنهن بعد هن عظيم فنڪار احمد آباد ۾ هڪ ڪپڙي جي مل ۾ ملازمت اختيار ڪئي اتي هن ڌرلا نالي هڪ گويي جو وڃي باقاعدي شاگرد ٿيو هن کي ڳائڻ سان ايتري ته دلچسپي هئي جو هن جي مـڱڻو به انهي ڪري ٽٽي ويو جو هن جي چاچي ابراهيم جيڪو ان زماني ۾ صوبيدار پڻ هو اهيو چئي مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو ته آءَ پنهنجي نياڻي سلما هن فنڪار ڳائڻي کي نه ڏيندس مگر محمد ابراهيم ڳائڻ کي نه ڇڏيو ۽ راڳ جاري رکيائين سندس ڪٽنب ۾ راڳ ڳائڻ کي عيب سمجهو ويندو هو جڏهن سندس والد احمد ڪڇي وفات ڪري ويو ته هن ستت ئي واپس ڪراچي شهر اچي وسايائين ۽ ڪراچي ڪياماڙي انجنيئرنگ ورڪشاپ ۾ مڪينڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳوجتي ۽ راڳ ڳائڻ سان ناتو پڻ ڳنڍيل رهيو راڳ ڳائڻ نه ڇڏيائين سندس کي ڇهه ست سو روپيه ماهوار پگهار پڻ ملندي هئي پر هن راڳ جي عشق ۾ نوڪري تان هٿ ڪڍي اچي 1948ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته پندرهن روپيه پگهار تي اچي ملاز ٿيو محمد ابراهيم پهريان پهريان اردو، گجراتي ۽ ڪڇي زبان ۾ ڳائيندو هو جڏهن ته ڪراچي ڪياماڙي جي سنڌي ڳوٺن ۾ سنڌي ڳالهائي ۽ ڳائي ويندي هئي هن زبردست شوق سان دل لڳائي سنڌي زبان سکي ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ ڳائڻ لڳو بعد ۾ سال 1955ع ڌاري جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن کلي ته هن کي اتي ميوزڪ ڪمپوزر مقرر ڪيو ويو ماسٽر محمد ابراهيم کي اهيو به اعزاز آهي ته جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد منجهان جنهن فنڪار جو پهريون آواز نشر ٿيو ته اهيو اعزاز به ماسٽر محمد ابراهيم ئي حاصل ڪيو وري ريڊيو پاڪستان ڪراچي به ماسٽر محمد ابراهيم کي اهيو اعزاز به ڏنو استاد محمد ابراهيم ساز ۽ آواز سر سنگيت جو باڪمال انمول هيرو هو هن جيڪا سر سنگيت سنڌي جي جيڪا به خدمت ڪئي سا تعريف جي لائق آهي هو رڳو راڳ جو شهنشاهه راڻو نه پر عظيم موسيقار ڪمپوزنگ جي فن جو هڪ اهم انمول ڄاڻو پڻ هوهن هزارين ڌنون ٺاهي سنڌي موسيقي ۾ نواڻ ۽ بهترين رنگ ملائي انهن کي نهايت ذهانت سان سهڻي دلڪش نموني سان پيش ڪيو هي واحد فنڪار آهي جيڪو هڪ ئي وقت اٺن زبانن منجهه پڻ ڳائيندو هو يعني اٺن زبانن ۾ سر سنگيت جي فن ۾ پاڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو هو هن جن زبانن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو تن منجهه اردو بلوچي براهوئي گجراتي پنجابي سنڌي سرائڪي ۽ ڪڇي ۾ ڳائي سگهندو هو ماسٽر محمد ابراهيم صوفي شاعرن کان علاوه جديد شاعرن جي شاعري پڻ ڳائي سنڌي فلمن منجهه به ڳايو هيائين ان کانسواءِ وطن جا گيت ٻارڙن لاءِ گيت پڻ شوق سان ڳائيندو هو جن سنڌي فلمن جا نغما ڳايائين انهن منجهه فلم عمر مارئي سسئي پنهون پرديسي مارو پراڻي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن محمد ابراهيم ماسٽر کي هڪ اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو پاڪستان وجود ۾ اچڻ بعد پهرين سنڌي فلم عمر مارئي جا نغما ڳائي پهريون سنڌي فلمي نغمن ڳائڻ وارو فنڪار بڻجي ويو هن هر هنڌ ريڊيو ٽي وي گرامو فون ڪيسٽ جي دنيا ۾ پڻ پاڻ مڃرايو پاڪستان ٽيليويزن تي ڪمپوزر جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيائين جيڪي فنڪا رسندس تربيت هيٺ رهيا انهن منجهه عبدالله پنهور عبدالله ڪڇي احمد ابراهيم جيجي زرينه بلوچ فقير امير بخش روبينه قريشي سشيلا مهتاڻي بي_اي غزاله شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا هي سرسنگيت جو پهريون فنڪار هو جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي وائين کي ڪافي جو رنگ ڏئي ڳايو هن ٻيو ته ڀلاري ڀٽائي رح جي بيتن کي سهڻي نموني صحيح طرح سان اصل صورت سان ڳائي لطيف سرڪار جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ان کان اڳ جا فنڪار شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح نموني سان نه ڳائي سگهندا هئا ماسٽر محمد ابراهيم اهو لاجواب فنڪار هو جنهن پنهنجي رنگ سان ڪافي يا نغمي جي ابتدا ۽ وچ ۾ بيتن (ڏوهيڙن) چوڻ جو رواج عام جام ڪيو ماسٽر محمد ابراهيم سڀ کان گهڻو لطيف سرڪار جي ڪلام کي ڳايو هن جي شهريت ۽ سڃاڻپ جو ڪلام بڻيو سو هو (ايندو سڄڻ سائين الا ايندو ڍولڻ سائين) جنهن جو شاعر پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هو ماسٽر محمد ابراهيم جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل هوندو هو هن سر سنگيت جي سرهاڻ سان نه رڳو پنهنجي وطن ۾ نالو ڪمايو پر پرڏيهه ۾ به پنهنجي فن جو ڪمال سان مظاهرو ڪندو رهيو محمد ابراهيم پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان کان علاوه هندستان بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن منجهه به فن جو مظاهرو ڪيو محمد ابراهيم ماسٽر جي جيون ساٿي (گهر واري ) جو نالو (خديجه) هو جنهن مان چار نياڻيون ۽ ٻه پٽ نور محمد ۽ ٻيو محمد صديق جيڪو احمد ابراهيم جي نالي سان مشهور فنڪار پڻ هو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي محمد ابراهيم کي شاهه لطيف ايوارڊ 2004 ع سان نوازيو هي ننڍي کنڊ جو شهنشاه فنڪار سڀ سر سنگيت جا ساز بند ڪري موسيقي جي دنيا جو بادشاه ڪينسر جهڙي خراب موتمار مرض ۾ وڪوڙجي 3 مئي سال 1977ع اڱاري ڏينهن اسان کان هميشه لائي موڪلائي 56 سال 10 مهينا زندگي جو سفر پورو ڪري وڃي راهه رباني ٿي ويو سندس تربت ڪراچي شهر جي ميوي شاهه قبرستان ۾ آهي هن فنڪار کي شاهه سائين سان نهايت عشق ۽ عقيدت هوندي هئي پاڻ پنهنجي جئري وصيت ڪئي هئائين ته جڏهن آءَ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته منهنجي تربت (قبر) تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت لکرائجو ۽ واقع سندس خاندان وصيت تي عمل ڪندي ائين ئي شاهه سائين هي جو بيت لکرايو
جا ڀونءِ پيرن مون سا ڀونءِ مٿي سڄڻين
ڌگ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون
ڏينهن مڙوئي ڏون اٿي لوچ لطيف چئي
سندس هيترو وقت گذري وڃڻ باوجو اڄ به فن کي ياد ڪيو پيو وڃي
ماسٽر محمد ابراهيم سنڌي موسيقي جويگانو ڪلاڪار
3مئي تي 40 ورسي جي مناسبت سان
ابراهيم لاشاري ( وارهه)
ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين