سڀ کان پهرين ته معافي گهرندس ۽ تنهن بعد سنگت کي سلام پيش ڪندس۔۔۔۔ هاڻي ڳالهه اها آهي ته توهان هن موضوع جو ٽائيٽل پڙهي هتي ڪلڪ ڪئي آهي ته مولائي فقير ڪو چريو ڌاتورو ته ڪونه پيتو آهي جو هاڻي ٿو سالگره جا موضوع ونڊ ڪري۔۔۔ تنهن جي ڪري ئي ته مون توهان کان اڳ ۾ ئي معافي ورتي۔۔۔ خيئر اچون ٿا ڪم جي ڳالهه تي سالگرهه واري ڏينهن تي ئي اسان سنگت اهو ڪم ڪيو هئوسين پر ڪجهه مصروفيتن جي ڪري توهان سان هي وڊيو ونڊ ڪري نه سگهيس خيئر ڪچي ايڊٽ ڪري وڊيو توهان سڄڻن جي اڳيان لڳايان ٿو۔۔۔ اميد ته قبول پوندي۔۔۔ ڪجهه دوستن جا رايا به ونڊ ڪيان ٿو۔۔۔ سدائين گڏ۔۔۔ اميد ته مولائي کي ڀيرو نه ڀرڻ جي معافي ملندي۔۔۔ باقي ته ادي رشيد جا لک قرب آهن جن مونکي هڪ عدد ڪي بورڊ سان نوازيو آهي۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ [JUSTIFY]”ميلا مچندا رهندا، ملهه راند، ڪوڏي ڪوڏي ٿيندي رهندي، مست کي نه ڇڏبو، فقير کي۔۔۔۔ “ هل دادا ! وڏا ارادا اٿئي۔۔ پنهنجي سنڌ سلامت فورم جي سالگرهه پارٽيءَ جي صورت ۾ ملهائڻ تي مولائي فقير کي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي، دوستن جا ۽ وڏڙن جا رايا بهترين نموني اوهان ايڊيٽنگ سان اسان سان ونڊ ڪيا، ۔۔ سائين رشيد کي يا انتظاميه جي ٻين رڪنن کي بلڪل اندازو نه هوندو ته سنڌ سان پيار ڪندڙ پنهنجي دل ۾ هن فورم ۽ هن کي ٺاهيندڙن لاءِ ڪيتري عزت رکن ٿا۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي سالگرهه پارٽيءَ جي صورت ۾ملهائڻ جو اسان جو به ارادو هو، پر ڪو پروگرام نه ٺهي سگهيو، سائين نثار جي پاڪستان اچڻ تائين اهو پروگرام ملتوي ٿي ويو، ڇو ته سالگرهه جي موقعي تي سائين رشيد سنڌ سلامت فورم کي نئين رنگ و روپ ڏيڻ ۾ مشغول رهيو۔۔۔۔ سائين نثار ناز جن به ڪنهن ظالم جي موٽر سائيڪل کان ٽڪر کائي زخمي ٿي پيا۔۔۔۔ وري به لکين لکين واڌايون ۽ مڻين مڻين مٺايون سنڌ سلامت جي چاهيندڙن کي ۔۔۔۔ خاص ڪري ”مولائي فقير “ کي۔۔۔۔[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ يار رنجيت عرف پپو اوهان جون مهربانيون رات اوهان جي ڪري مان سنڌ سلامت جي فيس بوڪ گروپ جي چيٽ روم ۾ آيس ۽ ميلو مچايم پر بلڪل غائب ٿي وئين۔ خير اوهان جهڙن دوستن تي سنڌ سلامت کي ناز آهي۔ اوهان سنڌ سلامت جي سالگرهه ملهائي اسان کان گوء کڻي ويا آهيو، ان تي اوهان کي واڌايون هجن۔ ارادو هو ته سنڌ سلامت جي سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائينداسون پرر ادا طاهر ڳوٺ هليو ويو، عاشق سولنگي به ڳوٺ هليو ويو ۽ ادا رشيد جي ته خبر ئي ڪونه ٿي پوي سدائين مصروف تنهنڪري وڏي پيماني تي ته نه پر هڪ ننڍڙي گڏجاڻي ضرور ٿي جنهن ۾ ادا رشيد، عرس پريو، ادا ممتاز وگهيو، ڏاڏل شينو ، غلام مرتضى وساڻ ۽ مان شرڪت ڪئي هئي۔ خير اوهان جڏهن بمبئي کان سنڌ ايندا ته اوهان جي مان ۾ هڪ وڏي گڏجاڻي ضرور رکبي۔ اوهان جو سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرن سان پيار ۽ خلوص تمام اعلى ۽ نه وسارڻ جهڙو رهيو آهي۔ اها اميد آهي ته سنڌ سلامت جا ميلا مچندا رهندا ۽ دوست هڪ ٻئي سان ملندا رهندا۔ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ رنجيت جا ڪم ئي رام رکئي جهڙا هوندا آهن ۔۔۔ مطلب سهڻا ۽ انوکا هوندا آهن، سنڌ سان وڇڙي به سنڌ سلامت ذريعي سنڌ ۾ رهڻ، خوابن ۾ سنڌ جا نظارا ڏسڻ، خيالن ۾ سنڌ جي اندر سندس موجود پرين پيارن سان ڪچهريون ڪرڻ، ائين لڳندو آهي ته سندس جسم هند ۾ ته روح سنڌ ۾ آهي ۔۔۔۔ عزت وارو پيارو دوست آهي، ميڊيا جي دنيا جيڪا رنگين سان گڏ سنگين به آهي، جنهن ۾ ڪم جي گهڻائي ۽ وٽ وٽان ماڻهونءَ کي وقت ئي ناهي ڏيندي، ان دنيا ۾ رهي ڪري به سنڌ سلامت جو سوڄڻ ۽ پنهنجن ساٿين کي به ان ۾ شامل ڪري سهڻي وڊيو ٺاهڻ، پڻ سندس جي اسان سان بي لوث محبت آهي ۔۔۔ پيارا دوست ٻيا به گهڻا رنجيتو سڀ کان سلالو ۔۔۔ سهڻا رنجيت ، لک لک واڌايون ۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ اڙي رنجو (تُم تو۔۔لڪيل رستم نڪتين۔۔ههههههه) تمام بهترين نموني سان اوهان حرڪتون ڪيون آهن سنڌسلامت جي سالگره جي۔۔۔۔سچ ته توکي ڏسندي ئي الائي ڇو چهري تي هڪ پياري مُرڪ اچي ويندي آهي۔۔۔سخت پنجابين جا مخالفت هئڻ جي ڪري به پنجابي ۾ هي جملا نڪرندا آهن (رنجو تُوسي گريٽ هو) يار سلام آهي توکي ته هيڏو مصروف هئڻ سبب به تون سنڱت کي نه وساريو۔۔۔۔سلام رام رکيا۔
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ ير مهرباني تُنهنجي جو تو منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي ساراهيو۔۔ اڃا ته منهنجو ٻيو ئي پروگرام هيو سوچيو هو ته ڪيڪ سان گڏ ڦوڪڻا وغيره به ٽنگينداسين پر آفيس ۾ سوچيو ته ايترو گوڙ اجايو جائز نه ٿو لڳي ان جي ڪري مڙئي ايتري ۾ ئي ڪم کي ڌڪو ڏيڻو پيو۔۔ وري به تنهنجي مهرباني وساڻ صاحب۔۔ ان جي ڪري ته منهنجو نالو پپو آهي مطلب دلين جو راجا۔۔۔۔ مهرباني نويد صاحب۔۔ سائين مڙئي اسان ته مڙئي ننڍڙي ڪوشش ٿا ڪريون ته جيئن سنڌ جي ياد ۾ اصلي اوڇانگرون ڏئي روئي نه ويهون۔۔۔ڪڏهن ڪڏهن دل کي وڌيڪ سٽ ملندي آهي ته سمنڊ جي ڪناري پنهنجن جي ياد ۾ ٻه چار ڳوڙهان هاري ايندا آهيون۔ يا وري توهان ته اسان سان گڏ هميشه آهيو۔۔ ٻيو وري هيڏي ساري سنگت آهي۔۔۔ ڇڏ ير عاشق مان ۽ گريٽ مذاق اها ڪر جيڪا مان برداشت ڪري سگهان۔۔ اسين ته بابا سنگت جا ڏوهي آهيون جو اوطاق تي ڀيرو نه ٿا ڀريون۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ اڙي رنجو تون گريٽ نه آهين۔۔۔پر تون ماڻهون گريٽ آهين۔۔۔۔سچ ته اسان کي اوهان تي فخر آهي۔۔جيئو ميري پپو پاگل
جواب: سنڌ سلامت جي سالگرهه۔۔ ڀلو لڳو ته سنڌ سلامت جي تبليغ توهان انڊيا جي سنڌ سپورٽرن اڳيان ڪندا رهندا آهيو۔۔۔ توهان جي هن وڊيو ۾ غير سنڌين کي سنڌي ٽي وي لاءِ ڪم ڪندي اندازو لڳو ته اتي سنڌي ٻولي لکندڙ ۽ پڙهندڙن جي ڪافي کوٽ آهي ۔۔۔ ۽ شايد ڳالهائيندڙ به هجي روان ۾ غلطيون ڪندا هوندا۔۔۔ ان حساب سان يقنن تنهنجي ته سڀني اڳيان بول بالا هوندي ۔۔۔ بحرحال سنڌ سلامت جي سالگره موقعي ته دوستن اڳيان پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري اسان جون به دليون کٽي ورتيون۔۔۔۔