اسامه بن لادن جو پروفائيل

'مختلف موضوع' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هڪ رپورٽ مطابق آءِ ايس آءِ ذريعي آمريڪي انتظاميا ڏيڍ لک ٽن هٿيار ۽ بارود پشاور ۽ چمن واري روٽ کان افغاستان موڪليو. صرف هٿيارن جي لاجسٽڪ رسد جا ويهه ڊالر في ڪلو جي حساب سان آمريڪا کان وصول ڪيا ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ اسامه صرف ٻاويهن سالن جي عمر ۾پشاور پهتو. اسامه بن محمد بن عواد بن لادن پنهنجي پيءُ محمد بن عواد جي ڏهون نمبر زال جي بطن مان 1957ع ۾ سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ محمد بن عواد يارهن شاديون ڪيون ۽ کيس چوويهه پٽ ۽ ٽيهه ڌيئرن جو اولاد ٿيو. محمد بن عواد بن لادن 1929ع ڌاري اباڻو وطن يمن ڇڏي سعودي عرب جي ساحلي بندرگاهه واري شهر جده ۾ آباد ٿيو. شروعاتي ڏينهن ۾ کيس ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي، بعد ۾ هن پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو. اڳتي هلي هن تعميراتي ڪمپني جوڙي ورتي. محمد بن عواد بن لادن ڪاروبار جي سلسلي ۾ شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق ويو، جتي سندس ملاقات هڪ خوبصورت شامي عورت حميده سان ٿي. محمد بن عواد بن لادن حميده سان شادي ڪري ورتي. حميده جي بطن مان کيس هڪ ئي پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو اسامه رکيو ويو. اسامه اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد محمد لادن ۽ والده درميان اختلاف پيدا ٿي ويا، سندس والده حميده لادن فيملي کان الڳ وڃي تبوڪ شهر ۾ رهڻ لڳي، جڏهن ته اسامه پيءُ وٽ رهيو. ماءُ جي شفقت جي محروميءَ سبب سندس لاڙو مذهبي ڪتابن طرف ٿيو.

    محمد عواد لادن جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو، جو سٺ واري ڏهاڪي ۾ بن لادن گروپ آف ڪمپنيز نه صرف سعودي عرب، بلڪه وچ اوڀر جي امير ترين گروپن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. بن لادن گروپ جو سعودي عرب جي بادشاهن ۽ حڪمران گهراڻن سان تعلق ۽ ويجهڙائپ آهي ۽ ڪيترن منصوبن ۾ سعودي عرب جو حڪمران گهراڻو بن لادن گروپ آف ڪمپنيز ۾ پارٽنر آهي. سعودي حاڪم شاهه فيصل، شاهه خالد، شاهه فهد ۽ شاهه عبدالله جو بن لادن گهراڻي سان مرڻي پرڻي جو رشتو رهيو آهي. 1958ع ۾ جڏهن سعودي شاهي گهراڻو مالي مشڪلات جو شڪار ٿيو ته ان وقت به بن لادن فيملي سندن مدد ڪئي، پر ايتري قدر جو جيڪڏهن سعودي شاهي گهراڻي ۾ ڪي اختلاف ٿين ٿا ته اها ٽياڪڙي به بن لادن فيملي ڪري ٿي.

    1967ع ۾ جڏهن اسامه جي عمر اڃا ڏهه ورهيه مس هئي ته سندس پيءُ محمد لادن هڪ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو. پيءُ جي وفات بعد اسامه کي سندس گهراڻي لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، پر 1975ع ۾ جڏهن لبنان ۾ خانه جنگي شروع ٿي ته اسامه کي واپس سعودي گهرايو ويو. اسامه سخت گير مذهبي لاڙي جو حامي رهيو. جڏهن 1979ع ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون، مزاحمتي جهادي تحريڪون سرگرم ٿيون ته اسامه بن لادن به ٻاويهين ورهين جي عمر ۾ جهاد جي جذبي سان پشاور پهتو. اسامه جڏهن سعودي عرب کان پشاور پهتو ته ان وقت پشاور ۾ اٽڪل چوراسي افغان جهادي گروپ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهي سڀ افغانستان ۾ روسي فوجن خلاف سرگرم عمل هئا. اسامه پنهنجي ڪيمپ جو نالو ”بيت الانصار“ رکيو. مختلف عرب ملڪن کان ايندڙ جهادي ماڻهن جي رهائش، بيماري، کاڌ خوراڪ ۽ تربيت جهڙن ڪمن جي نگراني اسامه پاڻ ڪندو رهيو. انڊونيشيا کان ويندي مراڪش تائين ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين پٺيان اسامه بن لادن ۽ القاعده جو نالو ايندو رهيو. نائن اليون واقعي بعد اهو آمريڪا، جنهن افغان جهادي تيار ڪيا ۽ اسامه جي سرپرستي ڪئي، سو اسامه جي خلاف ٿي ويو. آخر آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏجي افغانستان ئي طالبان سرڪار خلاف ڪارروائي ڪئي. طالبان ڪابل جو تخت ڇڏي ٽڙي پکڙجي ويا. ايبٽ آباد لڳ مارجڻ کان اڳ اسامه بن لادن کي آخري ڀيرو توره بوره جي جبلن ۾ ڏٺو ويو.

    آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ويجهو هڪ آپريشن ۾ اسامه بن لادن ماريو ويو. آپريشن وقت آمريڪي صدر اوبامه پاڪستاني صدر آصف علي زرداري سان پڻ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. اهو ڪو پهريون دفعو ناهي، ماضيءَ ۾ به پاڪستاني ۽ آمريڪي حلقه اسامه جي مارجي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن، پر هي پهريون دفعو آهي، جو آمريڪي صدر قوم کي خطاب ڪندي اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو فيصلو ٿئي يا نه ٿئي، پر صدر آصف علي زرداري اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته تحريڪ طالبان جو ماسٽر مائينڊ ۽ بيت الله محسود جهڙن ويڙهاڪن کي جنم ڏيندڙ ۽ بينظير ڀٽو سان وير رکندڙ اسامه بن لادن سندس دور صدارت ۾ مارجي ويو، پر ساڳئي وقت صدر آصف علي زرداري جي پنهنجي حياتي لاءِ خطرا وڌي ويا آهن، هاڻي کيس احتياط ڪرڻو پوندو.

    zulfiqarqadri@hotmail.com

    The Kawish Group of Publication
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    بهترين شيئرنگ جي مهرباني
     
  3. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    تمام سٺي شئرنگ
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    تمام بهترين ادي
     
  5. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    اسامه بن لادن 1971 ۾ پنهنجي والد جي مڪمل ڪٽنب سان گڏ

    [​IMG]
     
  6. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ دوستن سان گڏ ۔ ساڄي کان پهريون نمبر

    [​IMG]
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    ادا تمام بهترين ڪوشش آهي اوهان دوستن جي
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  9. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: اسامه بن لادن جو پروفائيل

    زبردست، سٺي معلومات آهي، مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو