ناروي جي گهرن جون ٺهيل گلن، ٻوٽن ۽ ڇٻر واريون ڇتيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اوهان خوبصورت گهر ۽ انهن جون ٺهيل بهترين ۽ وڻندڙ ڇتيون ته ڏٺيون هونديون ، پر اڄ اوهان سان جيڪي تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون اهي ناروي جي انهن خوبصورت گهرن جون آهن جن جون ڇتيون گلن، ٻوٽن ۽ ڇٻر سان ڍڪيل آهن۔​

inev5a.jpg


inetwS.jpg


indNyW.jpg


inikdu.jpg


iniBLa.jpg


ini9CS.jpg


inekQw.jpg


iniml2.jpg
 
جواب: ناروي جي گهرڻ جون ٺهيل گلن، ٻوٽن ۽ ڇٻر واريون ڇتيون

يار سليمان، اصل واه جي ساوڪ لڳي پئي آهي، گهر جي ڇت ٿڌي به رهندي ۽ گلا گلزاري به، پر اهي شيون اهڙن ملڪن ۾ ممڪن ٿين ٿيون جن ۾ ميهوڳي ٻارهو ئي آهي، اسان وٽ ته پيئڻ لاءِ پاڻي جي کوٽي ٿيو پوي ۽ مٿان وري گرمي ايتري جو ۔۔۔ الامان 52 ڊگري سنٽي گريڊ ۔۔۔۔

خئير ماڻهن پنهنجن ملڪن کي جيئري ئي جنت ٺاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ سهڻو ونڊ
 
جواب: ناروي جي گهرن جون ٺهيل گلن، ٻوٽن ۽ ڇٻر واريون ڇتيون

سهڻا سائين!
انهن گهرن جي ڇتين کي اکين سان ڏسندي به يقين نٿو اچي ته ڪو واقئي ائين به ٿي سگهي ٿو۔ سنڌيءَ م هڪ مثل آهي ته ( جوءِ جا گابا ڏسبا آهن)۔ قومن ۽ ان جي فردن جي زندگيءَ گذارڻ جي سليقي منديءَ جي خبر انهن جي ٺاهيل۽استعمال وارين مان پوندي آهي۔ اسان کي انهن سان ڀيٽ ڪري پنهنجي حالت جو اندازو لڳائڻ گهرجي۔
 
جواب: ناروي جي گهرن جون ٺهيل گلن، ٻوٽن ۽ ڇٻر واريون ڇتيون

ادا اسان جي ته ملڪ ۾ ڪاٺ جا گهر ممڪن ئي ناهن، ۔۔ بهرحال انهن ڇتين مان اهو فائدو آهي جو گهر ٿڌو رهندو۔۔۔۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔۔
 
Back
Top