رياض حسين گلال
سينيئر رڪن
ڪويت جي اخبار اسامه بن لادن جي وصيت جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسامه چيو آهي ته منهجا ٻار القاعده ۾ شامل نه ٿين، مارجڻ کانپوءِ منهنجون گهر واريون شاديون نه ڪن، ڪويت جي هڪ اخبار القاعده سربراهه اسامه بن لادن جي وصيت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اها وصيت 14 ڊسمبر 2001ع تي لکيل آهي، وصيت جي تصديق نه ٿي، وصيت ۾ اسامه بن لادن لکيو آهي ته منهنجا ٻار القاعده ۾ شامل نه ٿين ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم ٺاهن، آئون پنهنجن ٻارن کي وقت نه ڏئي سگهيو آهيان، جنهن تي افسوس آهي، هن چيو ته جيڪڏهن آئون مارجي ويس ته ساٿين جي غداري جي ڪري ماريو ويندس، القاعده ۾ غداري نه هجي ها ته وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيون ها، طالبان به آمريڪي فوج خلاف نه وڙهيا ۽ هٿيار ڦٽا ڪيا، اسامه چيو ته اسان جو خواب هو ته افغانستان ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿئي.
روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
روزاني ڪاوش جي ٿورن سان