افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
چوهاڻ سليم الله سنڌي جو تعارف ۽ سندس ديني ۽ ادبي خدمتن تي نظر
سنڌ سونهاري سدائين اولياء الله ، اتقياء الله ، علماء ، فقهاء ۽ دانشور جو مرڪز رهي آهي ، سنڌ ڌرتي تي الله تعالى جو فضل ۽ ڪرم آهي جنهن ڪري سنڌ بي شمار ولين ۽ عالمن کي جنم ڏنو آهي . اصحابي سڳورا رضوان الله عليهم اجمعين تبيغ جي حوالي سان سنڌ ڏانهن به آيا ، جڏهن هتي اصحابين سڳورن تبليغ جو ڪم شروع ڪيو ته ڪيترن ئي اسلام قبول ڪيو توهان هن مان اندازو لڳايو ته جنهن زمين تي اصحابن سڳورن جا قدم مبارڪ پيا هجن اها زمين سنڌ سونهاري ڪيڏي نه شان واري هوندي . اڳتي هلي ڪري سنڌ کي باب الاسلام جو لقب اچي مليو . رچرڊ برٽن جي تحقيق موجب سنڌ جي هڪڙي شهر ٺٽي ۾ ڪنهن وقت چار سوءَ ديني مدرسه هئا ، جن ۾ قال الله ۽ قال رسول الله جو درس ڏنو ويندو هو . هي هن ڳالھ جو واضح ثبوت آهي ته واقعي سنڌ باب الاسلام آهي .
الحمدلله اڄ به سنڌ ۾ اوهان کي عالم دين ، محقق ۽ ليکڪ ضرور ملندا جيڪي نبوي فيض ۽ ورثي کي تقسيم ڪرڻ ۾ مشغول آهن .
اڄ آئون ضلعي شڪارپور تعلقه غلام شاھ ڳوٺ راجو چوهاڻ صوفي خدا بخش چوهاڻ جي گهر 1981 ۾ اک کوليندڙ ٻار بابت ڪجه لکڻ چاهيان ٿو جيڪو سنڌ جي مادرِ علمي جامعه شمس الهدى ڪولاب جيئل ضلع خيرپور ميرس 2003 ۾ استاد الڪل حضرت مولانا غلام محمد پنهور جن کان درس تڪميل ڪري مختلف ديني نذهبي سماجي ڪمن ۾ مشغول نظر اچي ٿو جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي ڪيترن ئي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪندڙ اسلامي صحافتي ادبي رسالي ماهوار القاسم جو چيف ايڊيٽر، منهنجي مراد مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي جن آهن.
حضرت مولانا سليم الله سنڌي ، ديني تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ راجو ڳوٺ کان شروع ڪئي جتي ناظره قرآن مجيد پڙهيائين وڌيڪ تعليم لاءِ سکر جي مشهور ديني اداري جامعه فاروقيه ۾ ڪجه وقت ٿعليم پرائيندو رهيو جتي فارسي ۽ عربي جا ابتدائي ڪتاب پڙهيائين ان کان پوءِ شڪارپور جي مشهور ديني درسگاھ مدرسه عربيه ڪنزالعلوم سومراڻي ۾ حضرت مولانا ڪليم الله ۽ حضرت سائين عبدالله مهر جن وٽ ڪافيه تائين پڙهيو ، ان کان پوءِ سنڌ جي مشهور مادر علمي جامعه شمس الهدى ڪولاب جيئل ۾ بقيه تعليم جي تڪميل ڪري 2003 ۾ عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون . عملي زندگيءَ ۾ نمايان ڪم ۽ دلچسپي صحافت ۽ مضمون نويسي ۾ اٿن جنهن جو وچوڙ هن طرح آهي ؛
روزاني ”پاڪ سنڌ“ سکر مان پهريون مضمون حضرت استادالڪل غلام محمد پنهور جي ننڍي ڀاءُ مولانا محمد حسن بابت هو بعد ۾ روزاني پاڪ سنڌ ۾ ڪيرائي مضمون شايع ٿيندا رهيا.
روزاني ” نجات“ سکر ۾ پهريون مضمون ” گناه تي پشيمان ٿين به توبه آهي “ ڇپجڻ کان پوءِ ڪيرائي مضمون ڇپجندا رهيا .
ماهوار شرعيت سکر مان به سندس مضمون شايع ڌٿيندا رهيا .
ماهوار النصيحت سکر مان به پڻ مضمون شايع ٿيندا رهيا .
ماهوار الفاروق ڪراچيءَ 2003 ۾ پهريون مضمون حضرت علامه غلام مصطفى قاسمي جي وفات تي لکيل ” حضرت علامه غلام مصطفى قاسمي واقعي علامه هو“ نالي سان شايع ٿيو ان کان پوءِ اڃان تائين مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن . انهن سڀنن رسالن ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن ، مقالن کي ترتيب ڏئي مڪمل ڪتابي صورت ۾ ” نالي مقالات سنڌي “ تيار ڪيو اٿس جنهن کي ڪمپوزنگ لاءِ موڪليو ويو آهي جيڪو جلد ڇپجي ڇڌرو ٿيندو .
ماهوار ”القاسم “ سنڌي ڪوٽڙي سندس ادارت ۽ نگراني ۾ چئين سالن کان سلسليوار هلندڙ آهي جن کي ماهوار ڪيو ويو آهي . ۽ هي ناچيز هن رسالي جو ايڊيٽر آهي .
ڪيترن ئي مختلف ديني ۽ مذهبي ڪتابن جو سنڌي ۾ ٿرجمو ڪري چڪو آهي جن ۾ ڪئي چپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن ،
آينهِ قاديانيت ؛ مصنف مولانا الله وسايا صاحب هي ڪتاب ختمِ نبوت جي عقيدي حضرت عيسى عليه السلام جي حيات بابت ۽ مرزا غلام احمد قادياني جي ڪوڙين اڳڪٿين ، نبوت جي ڪوڙي دعوائن تي رد ۾ ڪتاب سوال جواب جي صورت ۾ آهي . ڪتاب جا ڪل 224 صفحه آهن ، هن ڪتاب کي عالمي تحفظ مجلس ختم نبوت ، ملتان وارن ڇپرايو آهي ، ترجمي تي حضرت محمد حسين شاه سجاولي (ايڊيٽر الفاروق سنڌي) نظر ثاني ڪئي آهي جنهن ڪتاب کي ڇار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
خلاصة القرآن ؛ مصنف مولانا اسلم شيخپوري هي ڪتاب مڪمل قرآن مجيد جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي جنهن کي سيپاري جي حساب سان ترتيب ڏنو ويو آهي .ڪتاب جا ڪل 245 صفحه آهن هن ڪتاب جي پڻ نظر ثاني حضرت مولانا محمد حسين شاه سجاولي (ا ايڊيٽر الفاروق سنڌي) ڪيو آهي ۽ مهاڳ حضرت مولانا منظور احمد دادوي وارن لکيو آهي . ڪتاب بيت الاسلام اردو بازار وارن ڇپرايو ويو آهي .
” ڪجه اسلامي آداب“ هي گهريلو زندگي ، انفرادي زندگي ۽ اجتماعي زندگي جي اخلاق بابت ترتيب ڏنل آهي ، ڪتاب اصل ۾ عرب اسڪار شيخ ابو غده عبدالفتاح جو عربيءَ ٻولي ۾ هو جنهن جو اردو ترجمو حضرت مولانا ڊاڪٽر عبدالرزاق اسڪندر صاحب ڪيو هو ۽ هاڻ سنڏي ۾ ترجمي لاءِ سائين سليم الله جن تي بار رکيو ويو جنهن کي هن احسن نموني اجنام ڏنو ”يادگار پبلشر حيدرآباد“ مان ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو ، ڪتاب جا صفحه ٽوٽل 99 آهن . هن ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي عربي شعر جو ترجمو غلط لکجي ويو آهي جنهن کي انشاء الله ٻئي ايڊيشن ۾ درست ڪيو ويندو .
” عقيده ظهور مهدي حديثن جي روشني ۾ “ مصنف حضرت مولانا ڊاڪٽر مفتي نظام الدين شامزئي رحمة الله عليه . هي ڪتاب امام مهدي جي ظهور بابت تفصيلي مقالو آهي ۽ امام مهدي جي اچڻ جي منڪرن کي به خاموش ڪندڙ جواب ڏنا آهن ، ڪتاب جا ڪل 200 صفحه آهن . ڪتاب تي نظر ثاني جڳ مشهور محقق ۽ ليکڪ مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو صاحب جن لکيو آهي ، ڪتاب مڪتبة شامزيه طرفان شايع ڪيو ويندو .
سيرت امام اعظم ابو حنيفه رحمة الله عليه؛ مصنف ڊاڪٽر محمد عبدالشهيد نعماني .هي ڪتاب امام اعظم جي زندگيءَ تي شامل آهي ، هي ڪتاب ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آهي .
عصرِ حاضر حديثن جي روشني ۾ ؛ مصنف مولانا محمد يوسف لڌيانوي رحمة الله عليه . هن ڪتاب ۾ موجوده دور بابت پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ لڳ ڀڳ ساڍا چوڏنهن سوءَ سال اڳ جيڪي اڳڪٿيون ڪيون هيون جيڪي ظاهر ٿين پيون بابت آهي . هن ڪتاب تي مهاڳ حضرت مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو صاحب لکيو آهي ، هي ڪتاب پڻ ڇپڄڻ جي مرحلي ۾ آهي .
عورتن جو ديني استاد ؛ مصنف مفتي ابو لبابه شاھ منصور. هن ڪتاب ۾ عورتن جي ضروري مسئلن تي وڏي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي . ڪتاب جا ٽوٽل 400 صفحه آهن ، مڪتبة السعيد ڪراچي طرفان شايع ٿيندو .
روشني جو ڪرڻو ؛ مصنف مولانا عبدالواحد ( سابق سک) هي ڪتاب سابق سک جي اسلام قبولڻ جي داستان تي مشتمل آهي ، ڪتاب جا ٽوٽل 60 صفحه آهن ، ڪتاب تي مشهور محقق وادي مهران جو ڏاهو حضرت ڊاڪٽر ادريس سنڌي صاحب ۽ محقق حضرت مولانا محمد رمضان صاحب جن تقريظ لکي آهي .
حديث سمجهڻ جا اصول ؛ مصنف مولانا خير محمد جالنڌري رحمة الله عليه جو مختصر رسالو حديث شريف جي قائدن تي مشتمل آهي جنهن کي چوهاڻ اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويندو .
متاع وقت ۽ ڪاروان علم ؛ مصنف حضرت ابن الحسن عباسي . هي ڪتاب وقت جي قدر ۽ قيمت تي لکيل آهي ۽ 50 کن عالمن جو تعارفي خاڪو پيش ڪيل آهي . ڪتاب جا ٽوٽل 300 صفحه آهن . هن ڪتاب جي نظر ثاني حضرت مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو صاحب جن ڪئي آهي ان کان سواءِ حضرت مولانا مير محمد ميرڪ صاحب جن جا دعايه ڪلمات آهن .
مرزا غلام احمد قادياني پنهنجي تحريرن جي آئيني ۾ ؛ مصنف حضرت مولانا محمد امتياز آهي . هن ڪتاب ۾ مرزا جي ڪوڙين دعوائن ۽ اڳڪٿين تي مشتمل آهي ۽ هن ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته مرزا غلام احمد قادياني کي نبي ، رسول ، مهدي موعود ته پري پر کيس هڪ شريف انسان مڃڻ به درست ناهي . هن ڪتاب جا ٽوٽل 32 کن صفحه آهن ....
هي هئا ڪجه سائين جن جا ترجمي تي مشتمل ڪتاب ، سائين جن سان منهجي ڪافي عرصي کان سنگت آهي ، سائين جن طبيعت جا بلڪل کلندڙ ، ۽ وڙندڙ ڪردار جا مالڪ آهن ، جنهن سان به پهرين ملاقات ٿيندي اٿس ائين لڳندو آهي جڻ اڳ جو واقفيت اٿس ، الله تعالى کان دعا آهي ته الله تعالى هن جو محنت کي قبول ڪري ۽ مزيد دين جي خدمت پڻ وٺس .
تحرير . ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ