سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي ڪو سافٽويئر يا گيم ڊائونلوڊ ڪرڻي هوندي آهي ته اها گوگل تي ڳولا ڪرڻ سان اهڙين سائيٽس جا لنڪ ملندا آهن جيڪي ڊائونلوڊر کي هميشه الجهائينديون رهن ٿيو۔۔۔
    ان جو اهم مقصد گوگل اشتهارن ۽ ٻين ڪمپنين سان معاهدي طور پئسا ڪمائڻ آهي۔۔۔۔
    هتي مان هڪ مشهور سائيٽ Download.com جو مثال ڏيندس۔۔۔ هڪ دفعي پنهنجي ننڍڙن لاءِ جي ٽي ايgrand theft auto vice city ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن گوگل تي ڳولا ڪيم ته گوگل منهنجي مطلوبا گيم Download.com تان ڊائونلوڊ ڪرڻ جي صلاح ڏني۔۔۔ تڪڙو ڪلڪ ڪندي جڏهن پيج کوليم ته سامهون واري اسڪرين ۾ هڪ وڏو نيرو ڊائونلوڊ جي صلاح ڏيندڙ بٽڻ نظر آيو۔۔۔۔ عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ ان ڊائونلوڊ بٽڻ کي پنهنجو مطلوبا لنڪ سمجهندي ڪلڪ ڪري وٺندو جنهن سان مطلوبا گيم جي بجاءِSoftonic.com جو هڪ سافٽويئر ڊائونلوڊ ٿيندو۔۔۔ جنهن سان توهان کي فائدو ٿئي يا نه ٿئي پر Download.com پنهنجي ڊائونلوڊ تعداد کي ڪيش ڪندي مطلوبا ڪمپني کان ان ڊائونلوڊ جا پئسا ضرور وٺندو۔۔۔ سهولت لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔

    [​IMG]

    جڏهن توهان غور سان ڏسندو ته توهان کي خبر پوندي ته توهان جو اصل لنڪ ته ان وڏي نيري ڊائونلوڊ لنڪ جي هيٺان آهي ۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن خوشقسمتي سان توهان ان لنڪ تي ڪلڪ ڪري گيم ڊائونلوڊ ڪري وٺندو ۽ انسٽال ڪندو ته توهان کي خبر پوندي ته هي ته دراصل هڪ گيم انسٽالر آهي ۔۔۔
    خير ان باوجود به جن وٽ نيٽ موجود هوندي آهي اهي انسٽالر تي ڊبل ڪلڪ ڪري گيم انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا۔۔۔ گيم انسٽال جي پهرين مرحلي جي اسڪرين ڪجهه هن طرح نظر ايندي۔۔۔

    [​IMG]

    هتي ڊيفالٽ طور توهان کي صلاح ڏني ويندي ته توهان بيبي لون ڪمپني جو ٽولبار ڊائونلوڊ ڪريو ۽ وري پنهنجي هوم پيج کي به تبديل ڪري بيبي لون وارن جو بڻايو۔۔ جيئن ته عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ تڪڙو ۽ بغير پڙهن جي نيڪسٽ بٽڻ کي ڪلڪ ڪندو جنهن سان Download.com وارن وٽ هڪ اهڙو رڪن وڌندو جيڪو بيبي لون ٽول بار انسٽال به ڪندو ۽ وري انهن جي سائيٽ تان ڳولا به ڪندو ان طرح اهي بيبي لون وارن کان ان ڳالهه جا پئسا وٺندا۔۔۔

    ٽئي قدم طور جڏهن توهان جو بيبي لون ٽولبار ٿيندو يا وري جيڪڏهن توهان سياڻپ ڪري اهي ڊيفالٽ طور لڳل چيڪ هٽايا ته به توهان اڳيان هاڻي تصوير ڪجهه هن طرح نظر ايندي۔۔۔

    [​IMG]

    جنهن ۾ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ کي گوگل اشتهار ڏيکاريو ويندو۔۔۔ جنهن سان يقينن ڪمپني کي فائدو ٿيندو پر جيڪڏهن ڪنهن اشتهار تي ڪلڪ ڪري اضافي پيج کوليو ته مفت ۾ سافٽويئر يا گيم جي سهولت ڏيندڙ هن ڪمپني کي اڃان وڌيڪ فائدو رسندو۔۔۔
    ان کانسواءِ Download.com طرفان يقينن انسٽاليشن دوران پس منظر ۾ گوگل سان معاهدي مطابق ڪجهه اضافي شيون پڻ توهان کي زبردستي ڏنيون وينديون جنهن سان توهان کي فائدو ٿئي يا نه پر سائيٽ کي ضرور فائدو رسندو۔۔۔

    اميد ته هن آرٽيڪل پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه رڪن پنهنجي مطلوبا سافٽويئر کي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي درست طريقي سان انسٽال ڪرڻ کي بهتر نموني سمجهي ويا هوندا ۽ نيٽ تي پنهنجو قيمتي وقت پڻ بچائيندا۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    ادا تمام سٺي رهنمائي ڪئي اٿوَ، گهڻا ئي دوست انهن چڪرن ۾ منجهي پوندا آهن پوءِ يا ته سندن ڪمپيوٽر کي ٽروجين وائرس لڳي ويندو آهي يا وري اسپائي ويئر ۽ پوءِ هو مرڳو ئي ڊائونلوڊ ڪرڻ تان ئي هٿ کڻندا آهن۔۔۔۔ زبردست معلومات آهي۔۔۔​
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    ادا رشيد تمام زبردست معلومات ونڊ ڪئي اٿو۔۔۔ مان به هميشه انهي وڏي نيرن اکرن واري ڊائونلوڊ تي ڪلڪ ڪندو هئس پر هاڻي احتياط ڪبو
     
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    زبردست ادا ، واهه جو ڄاڻ ملي آهي اسان جهڙا ته نيٺ بيزار ٿي انهي ڊائونلوڊنگ تان ئي هٿ کڻي ويندا آهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    ادا رشيد تمام سهڻيون صلاحو

    انهن ٽولبار ڊائونلوڊز ته اسن جي ڪمپيوٽرن جا اصل ڪم لاهي ڇڏيا آهن۔ خير هاڻي اسان به ڳالهه کي سمجهي وياسون۔ مستقبل ۾ سوچي سمجهي ڊائونلوڊ تي ڪلڪ ڪبو۔
     
  6. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    واه ادا رشيد تمام زبردست ونڊ اها ئي شئي ڪافي دفعا سامهون آئي آهي ۽ هاڻ ته بلڪل سمجنهي ڇڏيو سين۔

    سدائين گڏ
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سافٽويئر ڊائونلوڊ جي سهولت ڏيندڙ سائيٽون ڪهڙي طرح رڪن کي منجهائينديو آهن۔۔۔؟

    ادا تمام بهترين معلومات آهي

    مان ته اصل ڊائونلوڊنگ کان ئي توبهه ڪئي


    لاجواب ڪوشش آهي ادا

    جاري رکجو


    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو