[JUSTIFY]مٿي جا وار ماڻهو کي خوبصورت ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ عورتون ۽ مرد پنهنجي وارن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي لاء ڪيترائي جتن ڪن ٿا ۽ رقم خرچ ڪن ٿا۔ ڪجهه عورتن کي وڏن وارن رکڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو آهي۔ اهڙي ئي وارن واري عورتن جون تصويرون هتي ونڊ ڪجن ٿيون :[/JUSTIFY] 2008 ۾ لٿوانيا ۾ وڏن واران رکڻ جو مقابلو ٿيو هو۔ جنهن جي وڊيو هيٺ ونڊ ڪجي ٿي۔ رومانيه ۾ پڻ اهڙي ئي قسم جو ڊگهن وارن جو مقابلو ٿيو هو :
جواب: دنيا جون ڊگهي وارن واريون عورتون هائو ابا، ماين جا وار واقعي سهڻا لڳندا آهن پر ايترا ڊگها به نه هجن جو ماڻهون اصل سنڀاليندي وچڙندو وڃي، الله ته ڏي پناه رات جو ننڊ ۾ ايترا ڊگها وار وڃن کلي ۽ وڃن مڙس جي ڳچي ۾ ويڙهجي ته ڦاهو پڪو آهي ۔۔۔ ؟؟؟ الامان ۔۔۔ ماڻهون ملائڪن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو به نه رهي ۔۔۔ هر شئي مناسب ۽ وڇٿري سهڻي لڳندي آهي ۔۔۔ پر خئير شينهن کي ڪير چوندو ته تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي، مرد مڇن جو مقابلو ڪري سگهنٿا ته مايون ڀلا وارن جو به نه ڪن ڇا؟ سليمان سائين پر اوهان گهٻرايو نه اسانجو سنڌياڻيون سلڇڻيون آهن، اوهان شادي جي تياري ڪريو ۔۔۔ الله خئير ڪندو
جواب: دنيا جون ڊگهي وارن واريون عورتون سائين نثار سلام اوهان جا ڪمينٽس پڙهندي ڏاڍي کِل آئي آهي۔ اسان جون سنڌياڻيون درميانه وار رکنديون آهن۔ اڳي ڳوٺڻ ۾ ٻٻر جو لاس ڪري وارن ۾ وجهنديون هيون هاڻي ته اهي به شيمپيو پيون استعمال ڪن اهو به سنسلڪ
جواب: دنيا جون ڊگهي وارن واريون عورتون بلڪل ادا اوهان صحيح پيا چئو اسان جو سنڌي عورتون نم جي پتن ۽ نمورين جو لاس به ٺاهي وارن ۾ وجهنديون هيون پر هاڻي ته اتي به شيمپو جو استعمال پيو ٿئي
جواب: دنيا جون ڊگهي وارن واريون عورتون ادا سائين! مون کي به ته ڏيکاريو ،اهڙين ڊگهين ۽ نرم نازڪ رسين ۾ مون کي به ڦاهي کائي مرڻ جو شوق جاڳي پيو آهي نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري موالي مڙس وانگر پهلوان زال هٿان مار کائن کان ته بچي پوندس۔
جواب: دنيا جون ڊگهي وارن واريون عورتون خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته هن عمر ۾ جهونن کي ڇا اچي ٿيو آهي۔ يار اهي نازڪ رسيون نه پر ٿلها نوڙ اٿئي، اوهان کي ته پرواهه ناهي پر اسان ڪامريڊ ڪريم چانڊيو وري ڪٿان پيدا ڪنداسون۔ تنهنڪري جهونن کي عرض آهي ته جتي آهيو اتي خوش رهو پنهنجن جي مار وري به سنوار هوندي آهي۔