نويد احمد ڪلوڙ
سينيئر رڪن
رنجشون دل منجهان سڀ ڌڪاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
نينهن هر ڪنهن نرالو جلايو آ جنهن
چاهتن جو حوالو جلايو آ جنهن
گيت ڌرتي جا غم هجومن ۾ ڏئي
سنڌ جو هو جمالو جلايو آ جنهن
ڪو ته ٻارڻ اسان تنهن لا ٻاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
پاڻ کان شهر سارا ٿا کسجن پيا
ڳوٺ ڳليون نظارا ٿا کسجن پيا
سمنڊ درياه ڍنڍن تي ڌاڙا ڏسو
پنهنجون ٻنيون ۽ ٻارا ٿا کسجن پيا
قوم غفلت جي ننڊ مان اٿاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
امن جيڪو ڀٽائي جي گهر کان ڦري
دين جي آڙ ۾ ڏاڍ جيڪو ڪري
سونهن انسانيت پيار واري مٽي
سنڌ نه ٿي ڪو به خوني جنوني گهري
پنهنجو پيغام دنيا کي ڏياري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
روز تهذيب تاريڪ ٿئي ٿي پئي
۽ تباهي به نزديڪ ٿئي ٿي ڇئي
پنهنجي تاريخ جا پير ٽانڊن تي هن
ڪيئن چوان مان ڳاله ٺيڪ ٿئي ٿي پئي
نئين نسل ۾ بغاوت اٿاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
نينهن هر ڪنهن نرالو جلايو آ جنهن
چاهتن جو حوالو جلايو آ جنهن
گيت ڌرتي جا غم هجومن ۾ ڏئي
سنڌ جو هو جمالو جلايو آ جنهن
ڪو ته ٻارڻ اسان تنهن لا ٻاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
پاڻ کان شهر سارا ٿا کسجن پيا
ڳوٺ ڳليون نظارا ٿا کسجن پيا
سمنڊ درياه ڍنڍن تي ڌاڙا ڏسو
پنهنجون ٻنيون ۽ ٻارا ٿا کسجن پيا
قوم غفلت جي ننڊ مان اٿاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
امن جيڪو ڀٽائي جي گهر کان ڦري
دين جي آڙ ۾ ڏاڍ جيڪو ڪري
سونهن انسانيت پيار واري مٽي
سنڌ نه ٿي ڪو به خوني جنوني گهري
پنهنجو پيغام دنيا کي ڏياري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
روز تهذيب تاريڪ ٿئي ٿي پئي
۽ تباهي به نزديڪ ٿئي ٿي ڇئي
پنهنجي تاريخ جا پير ٽانڊن تي هن
ڪيئن چوان مان ڳاله ٺيڪ ٿئي ٿي پئي
نئين نسل ۾ بغاوت اٿاري هلئون
مقصدن لا ويڇا وساري هلئون
شاعر۔ رحمت سومرو