ايران جي صدر جو پنهنجي ئي حڪومت جو بائيڪاٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ايران جي صدر جو پنهنجي ئي حڪومت جو بائيڪاٽ
    تحرير: محسن اصغري

    [JUSTIFY] ايران ۾ به سياسي گهوٽالو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ملڪ جو صدر به احتجاج تي آهي، صدر محمود احمدي نجاد حڪومت تي ناراض آهي ۽ پنهنجي حڪومت خلاف بائيڪاٽ ڪري رهيو آهي، هو گذريل هڪ هفتي کان آفيس نه ويو آهي جڏهن ته ايراني پارليامينٽ جي ميمبرن هڪ اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي، جنهن جو مقصد صدر احمدي نجاد پاران سرڪاري مصروفيتن جي بائيڪاٽ تي بحث ڪرڻ آهي، صدر نجاد آفيس ۾ نه وڃڻ کان سواءِ ڪابينا جي ٻن اجلاسن مان به غير حاضر رهيو آهي ۽ هن تاريخي شهر قم جو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، مبصر ان جو سبب ملڪ جي حڪمران طبقن وچ ۾ طاقت حاصل ڪرڻ جي ويڙهه کي قرار ڏين ٿا.

    تازو ئي ايران جي مذهبي اڳواڻ ۽ رهبر اعلى آيت الله علي خامنائي صدر احمد نجاد طرفان وزارت تان برطرف ڪيل وزير کي بحال ڪري ڇڏيو هو، انٽيلي جنس واري وزير حيدر موصليحي کي 17 اپريل تي صدر محمود احمدي نجاد استعيفى ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو پر رهبر اعلى وزير کي هٽائڻ جو سخت نوٽيس ورتو ۽ سندس استعيفى کي رد ڪندي کيس عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو هو، خامنائي جي ان عمل تي صدر کي مٺيان لڳي ۽ هن پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، پارليامينٽ صدر کي دٻيل لفظن ۾ مواخذو ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني آهي.

    پارليامينٽ جي 300 جي لڳ ڀڳ ميمبرن صدر محمود احمدي نجاد کي خط لکي مٿس زور ڀريو آهي ته هو روحاني رهبر ۽ رهبي اعلى آيت الله علي خامنائي جي فيصلي جي عزت ڪري، اطلاعن موجب هڪ طرف ته صدر احمدي نجاد حڪومت جي اجلاسن ۾ نظر نه پيو اچي پر ٻئي طرف استعيفى بعد بحال ٿيل انٽيلي جنس وارو وزير حيدر موصليحي ڪابينا جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو