رسول اڪرم محمد (ص)ڪدن کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا۽عورتن کي چوندا هئا ته کاڌي ۾ ڪدو گهڻا استعمال ڪيو۔۽ حضرت علي (ع)کي وصيت ڪندي چيائون اي علي توهان تي لازمي آهي ته توهان ڪدو کائو ڇوته ڪدو دماغ ۽ عقل کي وڌائيندا آهن۔(حيلت المتقين) ص 54
جواب: دماغ تيز ڪرڻ ۽ عقل وڌائڻ لاء ڪدو مفيد آهن ادي مهربانيون تمام سٺي ۽ ڪارائتي ڳالهه ونڊ ڪئي آهي اوهان
جواب: دماغ تيز ڪرڻ ۽ عقل وڌائڻ لاء ڪدو مفيد آهن ادي محدثه ٻارن کي اڄڪلهه سبزي کائڻ لا چئو ته اصل کين ٻرو وٺي ٿو وڃي، خئير پو به ڪوشش جاري آهي ۔۔۔ پاڻ به کائون ٿا ۔۔۔ ڏسجي ته هاڻ جيڪا مون واري پتني سودي سلف جي فهرست ٻڌائيندي آهي اها ياد رهي ٿي يا نه؟ ڪدو زنده آباد ۔۔۔۔ بادام بند، مهانگا آهن ۔۔۔ ڪدو شروع، سستا آهن
جواب: دماغ تيز ڪرڻ ۽ عقل وڌائڻ لاء ڪدو مفيد آهن ڪدو پاڻ ڊاڪٽر آ پاڻ ليبارٽري آ پاڻ مرض ڳلوليندو آ پاڻ دوا تجويز ڪندو آ پاڻ ئي اها دوا بڻجي ويندو آ۔ هر مرض سان وڙهندو آ ايسيتائين جو ڪينسر سان به وڙهندو آ ۽ فتح پائيندو آ۔
جواب: دماغ تيز ڪرڻ ۽ عقل وڌائڻ لاء ڪدو مفيد آهن سائين پروفيسر مشتاق احمد چنا صاحب بلڪل توهان صحيح ٿا فرمايو ته ڪدو پاڻ مرض ڳوليندو آ ۽ پاڻ ئي دوا بڻجي ويندو آ ۽ هر مرض سان وڙهندو آ۔ بلڪل ڪدو ۾ تمام گهڻا فائدا رکيل آهن۔