ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ماحول دشمني

'مختلف موضوع' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪاوش (5-مئي 2011ع) جي هڪ خبر آهي ته حيدرآباد- ميرپور خاص روڊ جي تعمير دوران ماحولياتي اصولن جي لتاڙ جو اعتراف ڪندي اي پي اي (epa) پاران ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. Epa اختيارين جو اهو بيان پڙهي سخت اچرج ٿيو ته آخر هڪ سال تائين خاموشي ڇو اختيار ڪئي وئي؟ ان وقت کان اڄ تائين ماحولياتي تحفظ لاءِ قائم ڪيل اداري ”انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي“ ڪهڙا اپاءُ ورتا، جو هاڻ بيان بازي ڪري پنهنجي ڪوتاهيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟! حيدرآباد- ميرپور خاص نه صرف سنڌ جو پر پاڪستان جو اهو رستو هو، جيڪو طرح طرح جي ننڍن وڏن وڻن ۽ ٻوٽن سان ڍڪيل هوندو هو. سموري رستي تي وڻن جي ڇانوَ سبب انسانن، پکين کي آسيس ٿي آئي. وڻن جي قطارن سبب گرمي جي شدت نه رهندي هئي. شام ڌاري ته مختلف وڻن، نم، بڙ، انب، سرنهه جي سُرهاڻ سان هي رستو واسيل هوندو هو. پوءِ جڏهن هن رستي تي ٽرئفڪ جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿر جي ڪوئلي تائين نڪتو، تڏهن ان کي ويڪرو ڪرڻ جي ضرورت شدت سان محسوس ڪئي وئي. روڊ کي ويڪرو ڪرڻ جو اعلان ڇا ٿيو، ڄڻ ته ڪاٺ جي ٺيڪيدارن سميت گهڻن جا وارا نيارا ٿي ويا، جو رستي کي ويڪرو ڪرڻ لاءِ انهن ماحوليات دشمن ماڻهن کي ڪيترن سالن کان موجود گهاٽن وڻن کي غير ضروري سمجهندي انهن جي ڪٽائيءَ جا ٺيڪا نيلام ڪيا ويا. ائين هن خوبصورت علائقي ۾ پوکيل وڻن جي واڍيءَ جو ڪم رات ڏينهن ڪري وڻندڙ ماحول کي تباهه و برباد ڪيو ويو! عوام پاران آواز بلند ٿيا ته روڊ کي ويڪري ڪرڻ جي نالي ۾ وڻن کي نه وڍيو، پر جيئن ته اهڙو ٺيڪو ڪن طاقتور ڌرين کي ڏنو ويو هو، تن اصل ويرم ئي نه ڪئي ۽ ملڪ پوٺو ڪري ڇڏيو. اهڙي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ ماحوليات جي تحفظ واري کاتي کي به ڌر بنائڻ کپي، ڇو جو اهو به هن ظلم ۾ شريڪ سمجهيو وڃي ٿو، جو هن کاتي ماحوليات دوستيءَ بجاءِ ماحوليات دشمنيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي!
    منظور ڪالرو/ٽنڊو الهيار
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ماحول دشمني

    ادا اهي ظلم هر جڳهه تي هلن پيا حڪومتي ادرا اهڙن ڪم جي سرپرستي ڪندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو