ائين جوانن جي ٻولي ڳالهاء، پهريان ڪاٿي هئين؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    اسامه کي پڪڙڻ ۾ ناڪامي جو ذميوار صرف پاڪستان نه پر آمريڪا سميت سڄي دنيا آهي:وزيراعظم
    ايبٽ آباد/پئرس (اي ايف پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسامه بن لادن کي پڪڙڻ ۾ ناڪامي جو ذميوار صرف پاڪستان نه پر آمريڪا سميت سڄي دنيا جا حساس ادارا آهن، ڪاميابي جو ڪريڊٽ هر ڪو پاڻ کڻندو آهي، نقصان جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو ويندو آهي، فرانس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي خلاف ڪو به ملڪ اڪيلو نه ٿو وڙهي سگهي، غربت ۽ انتهاپسندي جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي، اسامه جي ڳولا ڪرڻ ۾ اسان جي نه پر آمريڪا سميت سڄي دنيا جي انٽيليجنس ادارن جي ناڪامي آهي، ناڪامي کي ڪو به ورهائڻ نه ٿو چاهي، ڪاميابي جو ڪريڊٽ هر ڪو پاڻ کڻي وٺندو آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ جنگ بعد سڄي دنيا اتان کان وئي هلي پر ان جي سڄي مصيبت پاڪستان کي کڻڻي پئي، دنيا پاڪستان سان عجيب رويو رکيو آهي، جڏهن به ڪا ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي ته ان جو ڪريڊٽ هر ڪو پاڻ کڻندو آهي، جڏهن ڪو نقصان ٿيندو آهي ته ان جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو ويندو آهي، وزيراعظم گيلاني چيو ته پاڪستان کانسواءِ دنيا ۾ ڪابه جنگ کٽي نه ٿي سگهجي، اسان ان جنگ دوران آمريڪا سميت هر ڪنهن سان انٽيليجنس شيئرنگ ڪئي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسامه جي مارجڻ کانپوءِ هاڻي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ موثر ۽ گڏيل قدم کنيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، ان جنگ سبب پاڪستان کي جاني نقصان کانسواءِ معاشي طور وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي حقيقي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ بدران ان جو نقشو مختلف پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان کي صرف دهشتگردي جي پسمنظر ۾ ڏٺو ويندو آهي جڏهن ته اڄ جو پاڪستان هڪ بدلجندڙ، خوشحالي، ترقي ۽ امن پسندي ڏانهن وڌندڙ آهي ۽ وسيلن سان مالا مال هڪ روشن ملڪ آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خاتمي ۽ جمهوريت لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، جنهن سبب اڄ ملڪ ۾ جمهوريت آهي، پاڪستان جي ميڊيا ۽ عدليا آزاد آهن، هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو سڀ کان وڏو سبب جهالت ۽ غربت آهي، غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان دنيا ۾ امن جي قيام جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي دنيا جي ڪاميابي جي عڪاسي آهي، عالمي برادري ۽ پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپڪاري ذريعي ان جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهن ٿا ته جيئن پاڪستان جي عوام کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري انهن کي شدت پسندي ۽ انتهاپسندي کان بچائي سگهجي،.
    ڪجهه ڪٽ سٽ سان ورتو ويو
    The Kawish Group of Publication
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو