• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار​


هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار
اهڙو احساس، اهڙي سوچ ٿي پوي بيدار

زمانو اسان تي اسان زماني تي کلون
ان زماني ۾ راهتون بخشيندا آهن آزار

هو سستم ڪندو رهي اسان سهندا رهون
اسان خوش ماڻهون سمجهن لاچار

خلَوت ۾ نظارا آهن جي جلوت جا
پهريان ڪڏهن ڪڏهن هاڻي بي شمار

طبعيت تي موسم جو عجيب اثر آهي
گرمي ۾ سردي ته خزان ۾ مند بهار

هي پٿر ۽ ستم جو ڀريل آهي بازار
بي معنيٰ سڀ جا سڀ نگاه ۾ آهي يار

سڄي شهر کي مطلوب منهنجي جان آهي
اسان جو ڏسو حال، آهي ان تي اعتبار

هڪ زندگي جي ڪهڙي ڳاله ڪجي اسان!
قربان ڪيون جي زندگيون هجن هزار

ڪهڙي هي آزادي، ڪهڙو هي جنون آهي
ماڻهو ڏسن آزاد اسان آهيون گرفتار

اڄ ته اهي به دُشمن ٿي بيٺا آهن
ڪاله تائين ها جي ڏاڏل جا طرفدار​
 
جواب: هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار

هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار
اهڙو احساس، اهڙي سوچ ٿي پوي بيدار

اوهان جي هن شاعري کانپوء مونکي پروين شاڪر جو هيٺيون شعر ياد ٿو اچي

اس شرط پي کيلون گي پيا پيار کي بازي
جيتون تو تجهي پائون، هارون تو پيا تيري

اوهان جا سٺا خيال آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪاش هي معاشرو اهڙو ٿي پوي ۽ اهڙي سوچ پيدا ڪري۔
 
جواب: هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار

مومل به راڻي سان راند کيڏندي ڍاري کي چيو ته !

ڍرُ ڍارا گهر وارا، جي کٽايا به ته اپڻي گهر ، جي هارايا به ته اپڻي گهر۔
 
جواب: هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار

اوهان جي هن شاعري کانپوء مونکي پروين شاڪر جو هيٺيون شعر ياد ٿو اچي

اس شرط پي کيلون گي پيا پيار کي بازي
جيتون تو تجهي پائون، هارون تو پيا تيري

اوهان جا سٺا خيال آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪاش هي معاشرو اهڙو ٿي پوي ۽ اهڙي سوچ پيدا ڪري۔

سائين اوهان جا لک لائق اوهان هنن الفاظن کي پسند ڪري اڪن الفاظن سان ڏني اوهان جا ٿورا ۔
وسلام
 
جواب: هار ۾ جيت آهي ، جيت ۾ آهي هار

حقيقت ۾ انساني جي سير وسلوڪ جي سفر جي هڪ منزل آهي ان منزل ۾ انسان جڏهن پنهنجي اندر ۾ موجود باطل کي هارائيندو آهي ته حقيقت م اها سندس جيت هوندي آهي پوءِ زماني وارا ان تي کلون ڪندا آهن ته هو ان تي خوش ٿيندو آهي اهو احوال ونڊنڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هر سالڪ کي حق آهي ته منهنجي انهن ٽٽل الفاظن کي بهتر ڪري سگهي ٿو اسان کي خوشي ٿيندي
 
Back
Top