• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل تي اوندھ چڙي ٿي وڃي تو سوا

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ننڊ پاسي رکي ڀر جهلا سارجن
ذلف ڪارا هٿن جا ڇلا سارجن
وقت لوڏي ڀلي،پنڌ ڌوڏي ڀلي
آ اس ۾ هلي قافلا سارجن
دل تي اوندھ چڙهي ٿي وڃي تو سوا
تون ٻڌا زخم ڪيسين ڀلا سارجن
پاڻ آهيون ڪٿي،هاڻ آهيون ڪٿي
ساڻ آهيون ڪٿي،فاصلا سارجن
پنهنجي تاريخ جي آ تقاضا اها
اجرڪن کي چمي رو پلا سارجن

ايوب کوسو


228569_181359575248984_100001248279284_459224_6682013_n.jpg

 
جواب: دل تي اوندھ چڙي ٿي وڃي تو سوا

بس ڙي ادا عاشق، محبوب جا زلف سارجن يا زلفن جا ڇلا سارجن ۔۔۔ اهي ساروڻيون ئي ته عاشقن کي مجبو ڪن ٿيون ۔۔۔ پو وري الزام ته عاشق مجبور آ

ايوب کوسي جا سهڻا خيال ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: دل تي اوندھ چڙي ٿي وڃي تو سوا

بهترين شاعري آهي

اهڙي شاعري کانپوء سائين نثار ابڙو کي ته ڇلا گهڻو ياد ايندا هوندا ، جي ڇلا نه ته ڪارا زلف ته ضرور ياد ايندس۔ خير عاشق جون مهربانيون اهڙي سهڻي ڊزائن ۽ چونڊ شاعري پيش ڪرڻ تي۔
 
Back
Top