عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
ننڊ پاسي رکي ڀر جهلا سارجن
ذلف ڪارا هٿن جا ڇلا سارجن
وقت لوڏي ڀلي،پنڌ ڌوڏي ڀلي
آ اس ۾ هلي قافلا سارجن
دل تي اوندھ چڙهي ٿي وڃي تو سوا
تون ٻڌا زخم ڪيسين ڀلا سارجن
پاڻ آهيون ڪٿي،هاڻ آهيون ڪٿي
ساڻ آهيون ڪٿي،فاصلا سارجن
پنهنجي تاريخ جي آ تقاضا اها
اجرڪن کي چمي رو پلا سارجن
ايوب کوسو
ذلف ڪارا هٿن جا ڇلا سارجن
وقت لوڏي ڀلي،پنڌ ڌوڏي ڀلي
آ اس ۾ هلي قافلا سارجن
دل تي اوندھ چڙهي ٿي وڃي تو سوا
تون ٻڌا زخم ڪيسين ڀلا سارجن
پاڻ آهيون ڪٿي،هاڻ آهيون ڪٿي
ساڻ آهيون ڪٿي،فاصلا سارجن
پنهنجي تاريخ جي آ تقاضا اها
اجرڪن کي چمي رو پلا سارجن
ايوب کوسو
