ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا دوستو هند ۽ سنڌ جي هفت زبان شاعره سانئڻ اندرا شبنم صاحبه جو هڪ غزل نظر مان گُذريو، جنهن مان خبر پئي ته سانئڻ اندرا شبنم شاعريءَ ۾ ڏات سان گڏ ڏانءُ جي فن سان به تمام خوبصورتيءَ سان سينگاريل آهي ، هڪ ڀيرو ڪنهن جاءِ ته پڙهيو هُئم ته سانئڻ اندرا پنهنجي شاعري سکڻ جي ابتدائي سکيا هنڌ ۽ سنڌ جي سر مُک شاعر نارائڻ ...شيام کان حاصل ڪئي آهي، نارائڻ شيام جي ڪافي شاعري منهنجي نظر مان گُذري آهي ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي شاعريءَ ۾ عروض واري ڪنهن به مسئلي ۾ پريشان ٿيندو آهيان ته ڪوشش ڪري اڃان تائين آنجهاني نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندو آهيان ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ عروض واري مسئلي جو مونکي حل ملي ويندو آهي ، ته ڪيئن فن عروض ۾ پنهنجي شاعري کي توري تڪي پيش ڪري سگهجي ٿو. اڄ جڏهن سانئڻ اندرا شبنم جو هي خوبصورت غزل چترڪاري جي ڪينواس تي لڳايم ته مونکي سانئڻ اندرا شبنم جي شاعري جي وزن جي بخوبي ڄاڻ ملي وئي مان انهن سنڌي شاعرن لاءِ جيڪي شاعريءَ جي کيتر ۾ نوان آهن ۽ عروض جي فن کي نٿا سمجهي سگهن انهن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هن غزل جي چند سٽن جي هيٺان اکر به اکر وزن تقطيع ڪري لکان ٿو ته جيئن هو سمجهي سگهن ته وزن ڇا آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ کي وزن جي ماپي ۾ ڪيئن توري ۽ تڪي سگهجي ٿو.
    سانئڻ اندرا جي هن شاعري۾ ڪافيو رهڻ ، اُڏڻ، رکڻ، مرڻ ۽ لڙڻ وارو آهي جڏهن ته هن غزل جو رديف ايندو اٿم ڪافيو تبديل ٿيندو رهندو آهي جڏهن ته رديف ساڳيو ئي رهندو آهي۔[/JUSTIFY]
    منهنجي ناقص را مطابق هن شاعري جو وزن هي آهي
    فا ع لا تن فا ع لاتن فا ع لُن
    (هڪ ٻٽو هڪ سنگل ٻه ٻٽا) (هڪ ٻٽو هڪ سنگل ٻه ٻٽا) (هڪ ٻٽو هڪ سنگل هڪ ٻٽو)
    (2212) (2212) (212)
    [JUSTIFY]دوستو آئي ڳالهه سمجهه ۾ مونکي يقين آهي ته منهنجا سنڌي شاعر ڀائر ۽ ڀينرون جيڪي اڃان ان فيلڊ ۾ نوان آهن منهنجي هن سمجهاڻي کي ڀلي ريت سمجهي ويا هوندا توهان دوستن کي ان باري ۾ مزيد ڄاڻ ڏيندو هلان ته سنڌي علم عروض ۾ ڪجهه لفظ اهڙا به آهن جيڪي سنگل اکر طور به استعمال ٿيندا آهن ته ٻٽي لفظ طور به استعمال ٿيندا آهن اهي ڪهڙا آهن مان لکان ٿو
    اهي لفظ يا اکر آهن ( آ ، ۽ ، ۾ ) ان کان علاوه (به ، ته) به سنگل اکر طور استعمال ٿيندا آهن ٻي اهم ڳالهه ته جن به لفظن ۾ زير زبر پيش نه هُجي ته انهن لفظن تي علم عروض جي حساب سان بحالت مجبوري حذف جو قانون به استعمال ٿيندو آهي مثال طور پنهنجو (پهجو) ان مان ٻه نون غُنان حذف ٿي ويا ته پهجو لفظ ٻن ٻٽن اکرن جو لفظ ٿي ويو ، اهڙي طرح مونکي (مُوکي) ان مان پڻ نون غنان کي حذف ڪيو ويو نتيجي طور ٻن ٻٽن مطلب چئن اکرن مطلب ٻن ٻن اکرن جا ٻه جوڙا لفظ بني ويا، هڪ اهم ڳالهه سمجهائيندو هلان ته آئون مٿي لکي آيو آهيان ته اُهي لفظ جنهن ۾ زير زبر پيش نه هُجن مثال طور ( تُون ، مان، ڀلي ، هلي، ملي، چريو ) پهريون لفظ تون ۾ و ۽ ن جي مٿان ڪا ڀي زير زبر پيش ناهي بحالت مجبوري و ۽ ن وارا اکر حذف ڪري سگهجن ٿا هاڻي جڏهن تون واري لفظ مان (و) وارو اکر ۽ (ن) وارو اکر حذف ٿي ويو ته تون مان صرف ( ت) وارو هڪڙو سنگل اکر بچيو بلڪل انهي حساب لفظ مان ، لفظ ڀلي ، لفظ هلي لفظ ملي ۽ لفظ چريو جي تقطيع ڪريو ته سموري ڳالهه توهان کي سمجهه ۾ اچي ويندي ته علم عروض ۾ لفظن ۾ حذف واري قانون کي ڪيئن استعمال ڪبو.[/JUSTIFY]
    سانئڻ اندرا شبنم جي چترڪاري ٿيل هن غزل جي علم عروض مطابق تقطيع
    ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم
    ان سٽ جي تقطيع هيٺ ڏجي ٿي
    (ڀي ڙ ۾ تن ) (ها ر هڻ اين) (دو ا ٿم )
    (فا ع لا تن ) (فا ع لا تن) (فا ع لُن )
    (2212) (2212) (212)
    فر ش تي ويهي اُڏڻ ايندو اٿم
    ( فر ش تي وي) (هِي اُ ڏڻ اين) (دو ا ٿم)
    (فا ع لا تن ) (فا ع لا تن) (فا ع لُن )
    (2212) (2212) (212)​

    [JUSTIFY]اهڙي طرح توهان هن شاعري ءَ جا سمورا بند تقطيع ڪندا وڃو بلڪل ڪٿان ڀي سانئڻ اندرا شبنم جي هن غزل ۾ علم عروض جي ڪمي نظر ڪانه ايندي سانئڻ اندرا شبنم هن غزل جي مقطع جنهن ۾ سانئڻ اندرا شبنم پنهنجو تخلص استعمال ڪيو آهي بحالت مجبوري شايد حذف وارو قانون استعمال ڪيو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سانئڻ اندرا شبنم ڏات سان گڏ ڏانءُ واري فن جي به ماهر آهي ، ۽ باقائده شاعري جي کيتر ۾ ڪنهن ماهر استاد کان باقائده علم عروض سکيو آهي دوست ڏات خداداد صلاحيت آهي اها رب تعالى يا ڀڳوان جي دين آهي ڪير اها دعوا ڪري ته شاعري ڪنهن کي سيکاري ٿو ائين ممڪن ئي ڪونهي پر شاعري ۾ فقط ٽيڪنيڪ عروض وارو فن ئي سيکاري سگهجي ٿو . مهرباني دوست باقي هڪ ڳالهه ته ان سلسلي ۾ ڪنهن سنڌي دوست کي شاعري ۾ بحر وارو علم ايندو هُجي ته براءِ مهرباني اسان سڀني سنڌين کي پنهنجي ڪامينٽس جي ذريعي سيکاري ته ان دوست جو ن اسان سڀني علم عروض جي سيکڙاٽ شاعرن تي وڏو احسان هوندو ۽ اهو صدقو جاريه هوندو. ساٿيو سانئڻ اندرا شبنم جي هن خوبصورت غزل جي چترڪاري توهان کي ڪيئن لڳي ۽ فن عروض جي هڪڙي شعبي وزن
    جي باري ۾ منهنجي غريباڻي سمجهاڻي توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي ڪامينٽس جو شديد انتظار رهندو[/JUSTIFY]

    ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (اندرا شبنم)​


    [​IMG]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

    تما خوبصورت ڊيزائينگ سائين نثار صاحب جي۔ پر اان کان به بھترين سائنڻ شبنم جي شاعري۔
     
  3. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

    واهه سائين نثار صاحب واهه غضب جي شئي پيش ڪئي اٿئو تمام خوبصورت
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

    مهرباني ادا عبدالواحد سومرا لک لائق سانئڻ اندرا شبنم جي شاعري پسند ڪرڻ جون مهربانيون
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

    الائي غضب جي شيءَ آهي يا نه پر اها خبر اٿم ته شاعره هند ۽ سنڌجي مڃيل ۽ شاعري واري کيتر ۾ غضب جي شاعره آهي توهان جون مهربانيون مٺا
     
  6. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم (غزل) اندرا شبنم

    تمام بهترين شاعري اندرا شبنم جي ۽ لاجواب ڊزائين اوهانجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو