• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوهان سان پيار

ڪيم ضبط دل تي اکين پر هارايو
پرين پيار تو سان اسان آ نڀايو
ڪڏهن ڪين سکيا رهياسين اوهان بن
جڏهن کان اوهان سان آهي نينهن لايو
هي موتين جا داڻا وهي پيا ته راڻا
عشق جڏهن کان اوهان سان پڄايو
هي معصوم اکيون هنن کي ڪهڙي ڄاڻ
هنن سان هي دوکو ڪنهن آ ڪرايو
ائين عام ڳوڙها نه سمجهو اسان جا
ٽٽي دل تڏهن ئي آ اکين آب آيو
 
جواب: اوهان سان پيار

ائين عام ڳوڙها نه سمجهو اسان جا
ٽٽي دل تڏهن ئي آ اکين آب آيو

سائين بهترين شاعري

نينهن لائبو ته بلڪل اهڙي ئي حالت ٿيندي آهي۔ احساسن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي

مهرباني پياري شيئرنگ جي
 
جواب: اوهان سان پيار

ائين عام ڳوڙها نه سمجهو اسان جا
ٽٽي دل تڏهن ئي آ اکين آب آيو


آڪسيجن لاءِ عاشقن جو چوڻ آهي ته
آه سان آڪسيجن
ايڇ ٽو او پاڻي جو فارمولو آحي
ه سان حجر جڏهن اهي ٻئي عنصر ملندا آهن ته اکين مان ڳوڙها جاري ٿيندا آهن
ائين چون ٿا
 
جواب: اوهان سان پيار

هي موتين جا داڻا وهي پيا ته راڻا
عشق جڏهن کان اوهان سان پڄايو
دل کي ڇهندڙ سٽون تمام بهترين ادا رسول بخش
 
Back
Top