اسان جي مٽيءِ ۾ آهي خوشبون وفا جي اسان کان غداري نه ٿي آ نه ٿيندئي اسان سنڌ اسان سنڌي، اسان جي مٽيءَ ۾ ٿي وفائون، اسان کان نه ٿيندئي دغائون
جواب: اسان سنڌ اسان سنڌي اسانکي ٻه خوشيون مليون هڪ ته؛ دوست سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون رکيو آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ سنڌيت ۾ وفا جو پرچار ٿيل آهي ٻي ته؛ لڳي ٿو دوست هاڻ آهستي آهستي پاڻ شاعر ٿيندو وڃي ۔۔۔ واه دوست واه سهڻو اظهار
جواب: اسان سنڌ اسان سنڌي ادا جاويد مهرباني سائين منهنجي لا اھا ئي وڏي خوشي جي ڳالھ آهي ته اوهان اسان جي ٿريڊ تي ڪجھ لکيو آهي۔۔۔مهرباني
جواب: اسان سنڌ اسان سنڌي مطلب ته هاڻي وارا نيارا ٿي ويا عاشق سٺو ڊزائنر ته اڳ ۾ ئي هئو مٿان واري سندس شاعر ٿيڻ ، سون تي ٽڪ وارو ڪم ٿي ويو۔ شاعر ٿورا چريا لڳندا آهن ۽ عاشق ته اڳ م ئي ٿورو چريو هيو ، مطلب اهي آثار شاعر ٿيڻ جا هئا ۔۔۔۔۔هاهاهاها (ابا مذاق پي ڪيم)۔ عاشق جي شاعر ٿيڻ جي خوشيء ۾ ڪا شاعرن جي پارٽي ٿيڻ گهرجي ۔۔۔۔