• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
وائي

تنهنجو تيز ڳالهاءُ
منهنجي دل کي ٿو وڌي

تنهنجو منهنجي غير سان
ٽهڪن تي ٽهڪاءُ
منهنجي دل کي ٿو وڌي

اڻڄاتل مهمان سان
اُٿي آڌُر ڀاءُ
منهنجي دل کي ٿو وڌي

تنهنجو ڌاري قوم سان
چند ٽڪن تي ٺاءُ
منهنجي دل ٿو وڌي

چئٽنگ وئي اڌ ۾ ڪٽجي
وائرس جو ڦهلاءُ
منهنجي دل کي ٿو وڌي

سو ڏئي ڇڏ هڪ سٽي ۾
گهڙي گهڙي جو گهاءُ
منهنجي دل کي ٿو وڌي
منهنجي دل کي ٿو وڌي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
Back
Top