ادا پهرين ته اهڙي غلطي نه ڪجي پر جيڪڏهن ٿي وڃي ته ان صورت ۾ اٽي جو ننڍو ڳوڙو ٺاهي ان کي ٻوڙ ۾ وجھي ڇڏجي ٿوري دير ۾ اهو اٽو اضافي لوڻ کي ختم ڪري ڇڏيندو ان کان پوءِ اٽي کي ڪڍي ڇڏيو ۔
سائين سچار سنڌي سڀ کان پهرين ته اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار
اوهان جو پهريون ونڊ ئي ماشاء الله تمام بهترين ۽ ڪم وارو آهي۔ ادا جي مون جهڙو سيکڙاٽ ڪا ڀاڄي تيار ڪندو ته يا ته صفا ڦڪي هوندي يا وري لوڻ تمام گهڻو هوندس۔ اوهان جو هي ٽپ اسان جهڙن لاء مفيد ۽ ڪارائتو آهي۔
اد اوهان کي عرض آهي ته اوهان تعارف واري سيڪشن ۾ اچي پنهنجو تعارف سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو، جيئن اوهان جي باري ۾ ڄاڻ ملي ۽ اوهان سان سڃاڻ ٿي سگهي۔
ادا سچار ٻيلي اسان جي انهن عورتن لاء جيڪي ويچاريون روز انههن مامرن تي مار کائينديون آهن
هڪ بچاءُ جو طريقو ونڊ ڪيو آهي البته هر ڪنهن جي قسمت پر مار ڏيڻ وارن وٽ کوڙ بهانا هوندا آهن