چند لفظن سان ڪري قيد ڇڏيئي، مٺڙن گفتن سان ڪري قيد ڇڏيئي، 1 محبوب مٺا تنهنجون ڳالهيون مٺيون، وڌ تن کان وري جي تنهنجون چٺيون، لکي جملن سان ڪري قيد ڇڏيئي، 2 ڇا ته اثر آ تنهنجي زبان ۾، مصريون ماکيون تنهنجي بيان ۾، چوري چپن سان ڪري قيد ڇڏيئي، 3 عاجز دل کي ڏاڍو وڻئين تون، منٺار مٺڙا گھائي وئين تون ، اهڙو ادبن سان ڪري قيد ڇڏيئي. عاجز چانڊيو
جواب: چند لفظن سان ڪري قيد ڇڏيئي، عاشق جو اظهار هميشه لاجواب هوندو آهي ڪڏهن لفظن جي چونڊ ته ڪڏهن شاعريء جي چونڊ لاجواب هوندي اٿس۔ عاجز چانڊيو سٺو شاعر آهي جنهن جي من کي وڻندڙ شاعريء جي خوبصورت ڊزائن ونڊ ڪرڻ تي سندس ٿورائتا آهيون۔
جواب: چند لفظن سان ڪري قيد ڇڏيئي، سائين اسان بدذوق ڇا ڄاڻون هن ڪلام مان باقي الفاظن جي چونڊ چڱي آهي ڊزائين ته وري سائين عاشق صاحب ڪري ته ڇا چئجي سبحان الله۔ وسلام