دوستو سلام
ڪراچيء جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪا وندر ملي وڃي ته اها غنيمت لڳندي آهي۔ سچل ڳوٺ ڪراچيء ۾ سنڌي ماڻهن جي قلعي وانگر هڪ وسندي آهي۔ گذريل ڇنڇر ۽ آچر تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان سچل ڳوٺ جي گرائونڊ تي ملاکڙي جا مقابلا ڪرايا ويا۔
هن مقابلن ۾ سنڌ جي نامور ملهه پهلوانن حصو ورتو ۽ پنهنجي پهلواني ۽ داء پيچن سان اڳلي پهلوان کي زير ڪري مقابلو کٽندا رهيا۔ هڪ پهلوان کي ته ايڏو ڌڪ آيو جو سندس وات مان رت آيو پر پوئين ملهه دسي مقابلو کٽي ورتائين۔ ملهن پنهنجي حرفتن پنهنجي اٽڪلن ، پنهنجي داء پيچن جهڙوڪ جانٺا، جاڙا جانٺا، ٻلهڻ، مولڙي، اندرين، ٻاهرين، ڪينچي، ڇڪي، ڦيراٽي، اڙِي ذريعي خوب وارا ڪيا ۽ ماڻهن کان داد حاصل ڪيو۔
ملهن کي سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي وڏي تعداد ۾ موجود ماڻهن خوب داد ڏيڻ سان گڏ انعام اڪرام به ڏيندا رهيا۔ هن مقابلي جو مک مهمان تاج محمد وساڻ هو جڏهن ته سنڌ اسپورٽس بورڊ جو سعيد صاحب، سگا سچل جو صدر سراج الدين ميمڻ، سگا سچل جو جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه کان علاوه جسقم جو بشير خاصخيلي جن هئا. مقابلن جي آخر ۾ کٽندڙ ملهن کي انعامن سان نوازيو ويو. مون سان گڏ سنڌ سلامت جا ميمبر غلام مرتضى وساڻ، نويد ڪلوڙ ۽ محترم رسول بخش دائودپوٽو پڻ گڏ هيا.

ڌرتي ٽي وي جي مهربان دوست ۽ نوجوان رپورٽر فيض محمد بليدي جي رپورٽ پيش آهي :